سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ
ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي شھنشاھہ شاعر شاھہ لطيف جي موسيقيت بابت فن جو بنيادي تعارف ۽ تحقيقي جائزو آھي. ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي راڳ جي ڄاڻ سان گڏ لطيفي واين جي ڇند وديائي علم جو بہ تذڪرو ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ لطيف سائين کي ھڪ شاعر نہ، پر موسيقار جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جنھن ساز بہ ايجاد ڪيا تہ راڳڻيون بہ ايجاد ڪيون.