کٿابيءَ کان پرولتاري تائين
ھن ڪٿا ۾ ڪيئي دلچسپ قصا، يادون ۽ ڳالھيون آھن. فيض محمد شيديءَ جي آتم ڪٿا ۾ ڪيئي پھلو ملن ٿا. ھڪ طرف ھو شيدين جي غلامي واري دردناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪھاڻي ٻڌائي ٿو تہ ٻئي طرف ھو ان ڪيفيت مان جنھن بھادريءَ سان نڪرڻ جي ڳالھہ ٻڌائي ٿو، اھا وڏو حوصلو ڏيندڙ آھي. سندس جيون ڪٿا ھڪ طرف سٺ سال اک واري سياسي ھلچل، سماجي سرگرميون، مزدور تحريڪ، ڪميونسٽ تحريڪ ۽ سنڌ جي ھيرو ھوشو شيدي جي قبر ڳولڻ وارو تحقيقي ڪم پڻ شامل آھي. ھو ڪو ليکڪ ناھي پر پوري زندگي عملي مورچي تي شھيد حسن ناصر ۽ ڪامريڊ اعزاز نذير جو ساٿي رھيو آھي، تنھنڪري سندس ڪٿا ۾ ڪيترن ئي انقلابي ساٿين جون ڪھاڻيون پڻ شامل آھن.