ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار
غلام نبي سومرو گذريل پنجن ڏھاڪن کان لکندو پيو اچي. سندس لکڻين ۾ پختگي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي معاشري جو چِٽو عڪس آھن. ھن ڪتاب ۾ موجود ھر ڪھاڻيءَ جو پنھنجو رنگ آھي ۽ اھي پاڻ کان پڙھندڙ کي پري نٿيون ڪن. ھن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون سماجي اڻبرابري، سماجي تعصب، ذات پات جي ويڇي، جوانيءَ جي اجهل جذبن، طبقاتي ڀيد-ڀاءُ جي موضوعن تي لکيل آھن.