خوابن جي پنڌ ۾
وشال امير جي شاعريءَ ۾ تشبيھن، استعارن ۽ ڪناين جو استعمال حساس دلين جو آواز محسوس ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي، رومانٽڪ منظرنگاري ۽ معاشرتي ڀڃ ڊاھ جا عڪس جهلڪندي نظر ايندا. وشال امير پنھنجي جذبن جي اظھار ۾ ڪٿي بہ جملن ۽ احساسن جي ڀڃ ڊاھ نہ ڪئي آھي، ھن جيئن محسوس ڪيو آھي، تيئن ئي لکي ڇڏيو آھي.