درد جون شڪليون
عاجز ميرواھيءَ جي شاعريءَ ۾ اھي سڀ شاعراڻيون خوبيون موجود آھن جيڪي ھڪ شاعر جي شاعري توڙي شعور ۾ ھجڻ کپن. عاجز ميرواھي بنيادي طور تي لوڪ رنگ ۾ ورتل شاعر آھي. سندس فن ۾ سادگي، فڪر ۾ عواميت ۽ ٻوليءَ ۾ سلاست نظر اچي ٿي. سندس شاعري مقصديت واري آھي جنھن ۾ پيغام سمايل آھي.