ڪنواري ڌرتي
ليوند بريزنيف پنھنجي ملڪ ڪزڪستان جي ڪنواري ڌرتيءَ جو انوکو احوال ڏنو آھي. ھن پنھنجي ملڪ جي نين زمينن کي آباد ڪرائڻ جي رٿا جو رھبر ٿي وڃي ڪم ڪيو. سندس رٿا نہ رڳو جهنگل ۾ منگل ڪري ڪزڪستان جي ڪايا پلٽي ڏيکاري، پر اناج جا ايڏا فصل اتي پئدا ٿيا جو ڪزڪستان سويت يونين جي لاءِ اَن جو ڀنڊار ٿي پيو.