ھٿ پڪڙجانءِ
نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو ”ھٿ پڪڙجانءِ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريہ پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو پنجاھ ھزار روپين جو راشٽريہ ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.