شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري
شاھ لطيف جي شاعري جيتري نازڪ ۽ نفيس آھي، ايتري اندر جي گھراين کي ڇُھندڙ پڻ آھي. علي راز شر ھي تحقيقي مونوگراف ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽڙ نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو. ھن مقالي ۾ ليکڪ شاھ لطيف جي سوانح سان گڏوگڏ منظرنگاريءَ بابت سمجهاڻي ڏني آھي. انکانسواءِ شاھ لطيف جي مختلف سُرن مان مثال ڏئي شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ھيءَ خاص خوبي بيان ڪئي آھي.