شاھاڻو شاھ
لطيفيات ۾، لالچند امرڏنو مل پھريون اديب آھي، جنھن تنقيد جي عالمي اصولن کي سامھون رکي، شاھ عبداللطيف جي ڪلام جي پرک ڪئي ۽ مقرر ڪيل اصولن سان ثابت ڪيو تہ شاھ سائين انساني قدرن ۽ احساسن جو روشن مينار آھي. سندس ٻولي بامحاورہ ۽ سليس آھي، جنھن ڪري پڙھندڙ ڪڏھن بہ ڪوفت محسوس نہ ڪندو.