جنرل ھوش محمد شيدي
هوش محمد شيدي سنڌ جو سورهيہ جرنيل ٿي گذريو آهي جيڪو24 مارچ 1843ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريز فوج سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي فوج جو بھادر سپاهي هو، جنھن کي پنھنجي بيپناھ بھادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ ڪري اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي. جنگ وڙھندي ”مرويسُون سنڌ نہ ڏيسُون“ جو مشھور نعرو هوشوءَ سان لاڳاپيل آهي.