مزدڪ جي ملڪ ۾
ھي سفرنامو آفتاب سومري 1996ع ۾ ايران گهمڻ وقت لکيو آھي. کيس ايران جي سرڪاري دعوت تي امام خميني جي ستين ورسي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏنل ھئي. ايران بابت ڪيترائي سفرناما لکيل آھن پر آفتاب سومري مذھبي عقيدت پاسي رکي منفرد انداز سان سفرنامو لکيو آھي. ايران جي سياسي، مذھبي، ثقافتي رنگن سان گڏ اتان جي قانون، سماجي حقن، شھرن ۽ ماڻھن بابت نئين انداز سان پڙھڻ لاءِ ھي ڪتاب ضرور پڙھو.