مِٽيءَ جا سُر
عبدالغفار تبسم پنھنجي شاعريءَ ۾ ماکيءَ جھڙا مٺا لفظ استعمال ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪشش پيدا ڪري ٿو. ھن وٽ سونھن ۽ ساڀيان جي منفرد سوچ ۽ نڪور تخيل آھي. تبسم جي شاعريءَ ۾ ساڻيھ جي سِڪ بہ آھي تہ سڄڻن جي اڪير بہ، مظلوم ۽ مجبور ماڻحن لاءِ ڪوڪ بہ آھي تہ ڏاڍ ۽ ڏمر سان جهيڙڻ جو عزم بہ.