پنجين موسم کان پوءِ
ھن ڪتاب ۾ طارق جون لکيل 10 ڪھاڻيون ۽ مھاڳ جي صورت ۾ طارق جي پنھنجي ڪھاڻي پڻ شامل آھي. طارق قريشي جي اھا خوبي آھي جو ھو لکڻ مھل خود بہ ڪھاڻيءَ جو ڪردار بڻجي ٿو وڃي. طارق جي ڪھاڻين جا ڪردار پڙھندي پڙھندڙ کي ايئن لڳندو آھي ڄڻ اھا سندس ڪھاڻي ھجي. طارق جي ڪھاڻين جي خوبي اھا بہ آھي تہ اڪثر ڪھاڻين ۾ نوان موضوع ۽ نوان پلاٽ پڙھڻ لاءِ ملن ٿا.