شوڪت سنڌي: سنڌ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب, مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي

شوڪت سنڌي: سنڌ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شوڪت سنڌي: سنڌ جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب
مصنف : پروفيسر اعجاز قريشي
ڪيٽيگري : شخصيتون ۽ خاڪا
ڇپيندڙ : منڇر پبليڪيشن، دادو
شايع ٿيڻ جو سال : 2005
شامل ڪيو ويو : 2023-05-18
ڏِٺو ويو : 6 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 80 ڀيرا

سنڌ جو ھڪ متحرڪ ڪردار ۽ سنڌ جو عاشق شوڪت سنڌي ادبي ۽ سماجي سرگرمين کانسواءِ سياسي سرگرمين ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو. 1960ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جو ڪنوينر رهيو، ان بعد سنڌ متحدہ محاذ دادوءَ جو ڪنوينر ۽ سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ضلعي دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي ڪنوينر بہ رهيو. پاڻ 1960ع جي قومپرست تحريڪن جو روح روان رهيو، سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون شايع ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف جلسا جلوس ڪڍرائڻ، سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن تي سنڌيءَ ۾ نالا لکرائڻ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ، ايم آر ڊي جي تحريڪ  سميت هر جدوجھد ۾ اڳ کان اڳڀرو رهيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شخصيتون ۽ خاڪا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ