ڪبير جي چونڊ شاعري
ننڍي کنڊ جي مشھور وحد الوجودي شاعر ڀڳت ڪبير جي چونڊ شاعريءَ ۾ خدائي جمال فطرت جون حسناڪيون، انسان جون باطني ڪيفيتون ۽ صوفياڻيون سرمستيون، سِٽ سِٽ ۾ رقص ڪري رھيون آھن. ڀڳت ڪبير جي شاعري مذھبي تنگ نظري، تعصب ۽ شدت پسنديءَ کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونھي.