مراة الجمال
ھن ڪتاب ۾ شامل شعر ۽ شاعر پير حسام الدين راشديءَ جي ذاتي ڊائريءَ مان ورتل آھن. پير صاحب کي جيڪو بہ شعر وڻندو ھو سو پنھنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندو ھيو. پھرين حصي ۾ شاھ لطيف کان سچل سرمست ۽ چونڊ سنڌي شاعرن جي شاعري شامل آھي. ٻئي حصي ۾ پاڪستان ۽ ھندستان جي چونڊ شاعرن جي اردو شاعري شامل آھي. ٽئين حصي ۾ پاڪستان، ھندستان ۽ ايران جي چونڊ فارسي شاعرن جي شاعري شامل آھي.