کارڙو چت آيو (ھاڪڙي جي ماڳ، کارڙو چارڻ ۽ سُر مارئيءَ جو مطالعو)
ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي سُر مارئي جو مطالعو پيش ڪندي ھاڪڙي جي ماڳ، وھڪرن ۽ آثارن، اتي آباد ڳوٺن، قومن ۽ قبيلن جي ذڪر، کارڙو چارڻ جي تھذيبي اھڃاڻ ۽ تاريخي ڪردارن جي حقيقت کي نئين روپ ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ عمر ڪوٽ جي حاڪمن، سُر مارئي ۾ آيل ڪردارن ۽ ماڳ مڪانن سميت مختلف عنوانن کي تحقيق ڪري سامھون آندو آھي.