شاھہ جو رسالو (ارنيسٽ ٽرمپ)
ارنيسٽ ٽرمپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. شاھہ جي رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنھن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نہ ڪيا ويا. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ 2529 بيت ۽ 159 وايون شامل آهن. ھي رسالو پھريون دفعو 1866ع ۾ پسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.