اسان جو لطيف (ڀاڱو پھريون)
ھي مجموعو لطيفيات تي لکيل ٽن مختلف عالمن جي ٽن ڪتابن ”شاھاڻو شاھہ (لعل چند امرڏنو مل جڳتياڻي)“، ”شاھہ جون سورميون (نارائڻ داس ڀمڀاڻي)“ ۽ ”لطيفي سئر (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي)“ تي مشتمل آھي. ھي ٽئي ڪتاب جدا جدا نوعيت جا ھجڻ باوجود بہ انھن ۾ لطيف سائينءَ جي شخصيت ۽ ڪلام تي مختلف زاوين کان تحقيق ڪيل آھي.