مون توکي پيار ڪيو
پوپٽي ھيراننداڻي بيدار ذھن، آزاد خيال ۽ مذھبي بغض کان آجي ليکڪا آھي. پوپٽي هيراننداڻيءَ جون ڪھاڻيون مختصر، اثرائتيون، فالتو مڪالما بازيءَ کان بچيل، بھترين اسلوب ۽ نج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل آهن، جن ۾ سماج جي سچي ۽ خوبصورت عڪاسي ڪيل ھوندي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ گهريلو ماحول جو نقشو پڻ تمام سھڻو چٽيل آهي.