ڇند وديا جا اصول ۽ شاعري
ھن ڪتاب جو مقصد ئي اھو آھي تہ شاعريءَ جي مقصد ۽ ماپي جي اصولن کي سمجھڻ آھي. ڪتاب جي سٽاءُ ۾ سرمد چانڊيي پھريان ڇند وديا جون معنائون ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي، جيئن عام لکندڙ ۽ پڙهندڙ آساني ٿئي. ھن ڇند وديا جي اصولن ۽ قانونن کي ترتيب وار سمجهائي آسان ڪيو آهي. جنھن ۾، ماترا، ننڍي ماترا، وڏي ماترا، گن، ڇندن جا قسم، ماترڪ ڇند، ورنڪ ڇند ،شبد پد، سم پد، وشم پد، ٽئي وشم پد، چاروشم پد، وڏي ماترا وارا شبد، هڪ ننڍي ماترا ۽ ٻن وڏين ماترائن وارا شبد، چمپو ڇند ۽ ان کان علاوه ماترڪ ڇند جي اصولن، ماترائن ۽ پدن جي سمجهاڻي آسان ڪري پيش ڪئي آهي.