پنھنجي ڊائريءَ تي پراوا خيال
ھي ڪتاب مختلف ڏاھن، سماج سڌارڪن، ليکڪن، شاعرن ۽ تخليقڪارن جي چونڊ نثري ٽڪرن، خيالن، احساسن، ڊائريءَ جي پنن جو مجموعو آھي. اھڙا خيال ۽ احساس جيڪي سعيد سومري کي ان خاص وقت ۽ حالتن ۾ سٺا لڳا. ھي گڌ ڪيل پراوا خيال سعيد سومري جي دل کي وڻيا ۽ ھن اھي سھيڙي ورتا. ھي ڊائري گُلن جي ان بي بھا مالھا جيان آھي جنھن ۾ ڪيترن ئي رنگن ۽ خوشبوئن جا موتي پويل آھن. يقينن اھي سڀ چونڊ خيال اسان مان گهڻن جي دلين جا ترجمان آھن.