آمريڪا جا سنڌي
جان ڪوليئر آمريڪا ۾ 1919ع کان 1933ع تائين سنڌين جي حقن جو وڪيل رھيو. بعد ۾ 1945ع تائين سنڌين جي معاملن جو ڪمشنر رھيو ۽ 1947ع ۾ ھن ھي ڪتاب لکيو. ڪتاب ۾ قديم آمريڪا ۾ آباد ٿيندڙ آمري تھذيب جي ماڻھن جو احوال، ريڊ انڊين/ڳاڙھن سنڌين پاران اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ قديم تھذيبون مايا، ٽولٽيڪ انڪا، ازيڪ وسائڻ، سندن رھڻي ڪھڻي ۽ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ ورتل ڪوششن بابت نئين تحقيق آھي.