روبرو
هيءُ ڪتاب ويھين صديءَ جي هڪ اهم سنت گرو رجنيش جي زندگيءَ ۽ فلسفي تي آڌاريل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪا رجنيش اوشوءَ جي زندگيءَ ۽ فلسفي کي 29 مختلف مضمونن ۾ ورهايو آهي. ان کان سواءِ گوتم ٻڌ، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، گرونانڪ ۽ حضرت شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڪيل تصوراتي رهاڻيون پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن.