ھوائن ڇير ڇمڪائي, مصنف : وسيم آڪاش سيتائي

ھوائن ڇير ڇمڪائي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ھوائن ڇير ڇمڪائي
مصنف : وسيم آڪاش سيتائي
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2014
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2024-05-28
ڏِٺو ويو : 5 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 86 ڀيرا

وسيم آڪاش سيتائي شاعريءَ جي ڪئنواس تي پوپٽ جھڙا رنگ چٽيندڙ شاعر آھي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“انهن ڏينھن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ ھئي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. وسيم آڪاش وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنھن کي هو شاعريءَ جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو. وسيم جي شاعريءَ مان لڳندو آھي تہ سندس شاعري انھن گُلن جيان آهي جيڪي پاڻ تہ وکري وڃن ٿا پر انھن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالھا ۾ سپنن جون سندرتائون بہ آهن تہ شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون پڻ موجود آهن..

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ