ان داتا
ڪرشن چندر پنھنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو. ڪرشن چندر جي گهڻين تحريرن ۾ سماجي زندگيءَ جا ننڍا وڏا مسئلا ۽ انھن جو حل موجود آھي. اردوءَ ۾ انساني نفسيات جي نالي ۾ ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون پئي ويون تہ ڪرشن چندر سماجي ڪھاڻيون لکي اردو ڪھاڻيءَ جو رُخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. بنگال ۾ ڏڪر جي موضوع تي جڏهن ڪرشن جو ھي ناوليٽ ”ان داتا“ شايع ٿيو ھو تہ پوري هندوستان ۾ ھن ناوليٽ طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو.