سامين سمر سور
ھي ڊرامو ٽيليوزن لاءِ لکيل آھي ۽ پنجن قسطن تي مشتمل آھي. ھن ڊرامي جي ڪھاڻي جوڳين ۽ سامين جي زندگيءَ جي چئوڦير ڦري ٿي. ڊرامي جو موضوع منفرد آھي يعني نانگ جو اغوا ٿيڻ يا نانگ چوري ٿيڻ. ڪھاڻيءَ ۾ فقيراڻي قبيلي جي غربت ۽ مجبورين جي سٺي نموني عڪاسي ڪئي وئي آھي. ڊرامي جي پڄاڻي ڏاڍي سبق آموز ۽ دردناڪ آھي.