وڇوڙي وايون
محمد علي پٺاڻ جو ھي ڪتاب ”وڇوڙي وايون“ ھڪ منفرد ڪتاب آھي، ڇو جو ھن ڪتاب ۾ شامل وايون، ھُن پنھنجي شريڪ حيات جي وڇوڙي تي لکيون آھن، جيڪي شعر گهٽ آھون ۽ دانھون وڌيڪ آھن... دردُ، محمد علي پٺاڻ کي سدائين سگهارو بڻائيندو آھي ۽ سندس تخليق ۾ گَھِرائي پيدا ڪندو رھيو آھي.