جان جيئان تان پاڙيان
محمد علي پٺاڻ ھڪ گهڻ رُخو تخليقڪار آھي. نظم توڙي نثر تي ھڪ جيتري گرفت اٿس. سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا اڪثر موضوع اچي وڃن ٿا، جن کي بيان ڪرڻ جي مھارت اٿس. ھن ڪتاب ۾ نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم شامل آھن. ھونئن تہ سڀ نظم شاندار آھن پر ڪي نظم شخصيتن جي نالي آھن تہ ڪي وري موضوعاتي آھن.