سڄڻ ماکيءَ مَيٺِ (استاد محڪم الدين پنھور: شخصيت، سيرت ۽ خدمتون)
استاد محڪم الدين پنھور رپڙي، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور جو نامور استاد ٿي گذريو آھي. پاڻ 37سال تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو ۽ ان عرصي ۾ ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماسٽر، تعليم جو ضلعي آفيسر ۽ تعليم جي چيف ڪو آرڊينيٽر صوبو سنڌ طور خدمتون ڏنائين. پاڻ بھترين استاد سان گڏ اعليٰ سيرت جا مالڪ، مھان نواز ۽ سماجي خدمتگار رھيا. علائقي ۾ سندسن ساک ۽ ھاڪ ھڪ سٺي انسان طور مشھور آھي.