ناري جا ڏات ڌڻي
خيرپور ضلعي جو نارو تعلقو ڀِٽن ۽ وارياسي زمين تي مشتمل آھي، جيڪو فن ۽ فڪر. روحاني رمزن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙن جو گھِوارو رھيو آھي. ھي علائقو سنڌ جي ثقافت، مھمان نوازي سان گڏ بھادرن، روايتي ھنرن، لوڪ ادب، لوڪ شاعري ۽ لوڪ موسيقيءَ جو محور رھيو آھي. پيراڻي سائل ڀنڀري ناري جي صوفي شاعرن، لوڪ ادب، سگهڙن، سُر ۽ ساز ڇيڙيندڙ ۽ قلمڪارن جي سوانح کي سھيڙي ۽ ترتيب ڏئي ھي ڪتاب تيار ڪيو آھي.