تخليق خالق کانسواءِ؟, ليکڪ : عمر عطيلا ايرگي

تخليق خالق کانسواءِ؟

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : تخليق خالق کانسواءِ؟
ليکڪ : عمر عطيلا ايرگي
سنڌيڪار : مظفر بخاري
ڪيٽيگري : ڏاهپ / اخلاقيات
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2014
شامل ڪيو ويو : 2016-09-15
ڏِٺو ويو : 5097 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2184 ڀيرا
ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڏاهپ / اخلاقيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ