قرباني: پس منظر ۽ احڪام, ليکڪ : قريشي نعيم الله ”صابر“

قرباني: پس منظر ۽ احڪام

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : قرباني: پس منظر ۽ احڪام
ليکڪ : قريشي نعيم الله ”صابر“
ڪيٽيگري : مذهب
ڇپيندڙ : گوشهءِ تحقيقات اسلامي
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2017-08-28
ڏِٺو ويو : 4537 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1138 ڀيرا
عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مذهب مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ