رڻ تي چانڊوڪي, ليکڪ : ايوب کوسو

رڻ تي چانڊوڪي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : رڻ تي چانڊوڪي
ليکڪ : ايوب کوسو
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2017
شامل ڪيو ويو : 2018-03-13
ڏِٺو ويو : 6679 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2257 ڀيرا
ڪتاب ”رڻ تي چانڊوڪي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هن دور جي خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ ايوب کوسي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. موهن مدهوش لکي ٿو:
”ايوب کوسي جي شاعري، روايتي شاعري ناهي پر اُن ۾ نوَن خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. ان منفرد انداز جي ڪري ئي هن ٿوري وقت اندر ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي. هن پاڻ کي فطرت کان پري نه رکيو آهي ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. هن روڊ تي پٿر ڪُٽيندڙ مزدور کان ويندي بٽئي وقت سڀ ڪُجهه زميندار جي قرض ۾ ڏيئي، خالي هٿن موٽندڙ هاريءَ جي درد تي، ان ئي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر جي خوشبوءَ سان گڏ وينگس جي آلن وارن جو هڳاءُ به آهي. هن محبت ۽ مُفلسيءَ تي گڏوگڏ لکيو آهي ۽ اُن سان باقاعدي نڀائيو به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن جي ثنا به آهي ته ناانصافي خلاف مزاحمت به آهي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ