گوندرَ ويا گذري, ليکڪ : جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه

گوندرَ ويا گذري

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : گوندرَ ويا گذري
ليکڪ : جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه
ڪيٽيگري : آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2014
شامل ڪيو ويو : 2020-06-24
ڏِٺو ويو : 4617 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 547 ڀيرا
ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ