شمس جعفراڻي
ليکڪ ۽ ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شـمـس الـحـق ولـد محـمد جمن جعفراڻي المعروف شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام ھڱورجي، تعلقي جاتي، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سجاول مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ انٽر ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. ھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات روزاني ‘مھراڻ’ ۾ پھرين سب ايڊيٽر ۽ پوءِ 1967ع کان 1970ع تائين سجاول سب ڊويزن لاءِ ساڳي اخبار جي نمائندي طور ڪئي. بعد ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر ۽ وزيراعليٰ سنڌ جو پروٽوڪول آفيسر بہ رهيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ سيوھڻ، حيدرآباد، شھدادپور ۽ عمرڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر رهڻ سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو مئجسٽريٽ بہ رهيو. ان کانپوءِ ٽن سالن لاءِ کيس لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ٻہ ڀيرا ڪوٽڙي بئراج تي روينيو آفيسر ۽ پوءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ ساڳئي کاتي جو سيڪريٽري رهيو، جتان اپريل 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهہ عرصي لاءِ ثقافت کاتي ۾ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون سنڀاليون. ھن سسئي پليجو جي دور ۾ ثقافت کاتي پاران شاھ شناسي ۽ اياز شناسيءَ رٿائن ھيٺ ڪيترائي ضخيم ڪتاب ڇپائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس آتم ڪھاڻيءَ جا ٻہ جلد: ‘ڪتيم سڀ ڄمار’ (2015ع) ۽ ‘اندر جنين اڌ’ (2020ع) ڇپيل آھن. پوئين ڪتاب تي کيس سنڌالاجي ڄامشوري پاران اوارڊ بہ مليو.
- جنم: 1949-08-16
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل