آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪتيم سڀ ڄمار

ھن ڪتاب ۾ شمس جعفراڻيءَ پنھنجي ٻاروتڻ، اسڪول، ڪاليج جي زماني، صحافت ۾ پير پائڻ، سرڪاري نوڪري جي شروعات، ضياءَ مارشلا، وزير اعليَ ھائوس جي يادگيرين، مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرري، ٽنڊو بھاول واقعي، ڊپٽي ڪمشنر طور مقرري، مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري طور مقرري ۽ ڪارونھوار سميت ٽيھن سالن جي ملازمت ۽ پنجاھہ سالن جي انيڪ يادگيرين ۽ واقعن کي بيان ڪيو آھي. ھي ڪتاب سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي اڌ صديءَ جي حقيقي تاريخ آھي. ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو احوال، تبصرا ۽ تجزيا پڻ شامل آھن. ڪتاب ۾ اھم واقعن سان گڏ 321 شخصيتن جو ذڪر پڻ شامل آھي.

  • 5.0/5.0
  • 120
  • 28
  • 21 ڪلاڪ اڳ
  • 1
Title Cover of book Katyam Sabh Jamar
سنڌ سلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ دوست ڪاموري ۽ اديب شمس جعفراڻيءَ جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪاتب ”ڪتيم سڀ ڄمار“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
شمس جعفراڻي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڪاموري طور خدمتون ڏنيون ۽ آخر ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري طور رٽائر ٿيو. ھن ڪتاب ۾ شمس جعفراڻيءَ پنھنجي ٻاروتڻ، اسڪول، ڪاليج جي زماني، صحافت ۾ پير پائڻ، سرڪاري نوڪري جي شروعات، ضياءَ مارشلا، وزير اعليَ ھائوس جي يادگيرين، مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرري، ٽنڊو بھاول واقعي، ڊپٽي ڪمشنر طور مقرري، مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري طور مقرري ۽ ڪارونھوار سميت ٽيھن سالن جي ملازمت ۽ پنجاھہ سالن جي انيڪ يادگيرين ۽ واقعن کي بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا اھم واقعا ۽ تاريخ ڏنل آھي، جن مان نوجوان نسل کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي. ھي ڪتاب سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي اڌ صديءَ جي حقيقي تاريخ آھي. ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو احوال، تبصرا ۽ تجزيا پڻ شامل آھن. ڪتاب ۾ اھم واقعن سان گڏ 321 شخصيتن جو ذڪر پڻ شامل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2015ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2018ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.    

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف شمس جعفراڻي
  • ڇپيو ويو 2018
  • ڇپائيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
  • ڇاپو ٻيون
  • عالمي ڪتاب نمبر 978-969-9543-31-9
  • آن لائين ٿيو 16/Aug/2025
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 28 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون