ريٽا شھاڻي

ريٽا شھاڻي ،سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا ،شاعرہ ،ڪھاڻيڪار ،ناول نگار ۽ نقاد آھي .هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ ھڪ تعليم يافتہ خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گهر ۾ ٿيو ،جيڪو مشھور عالم منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ ھو .سندس گهر حيدرآباد ۾ ،درسگاھن جي ٽمورتي ،نور محمد ھاءِ اسڪول ،ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج( فارمين )۽ پگٽ گرلس ھاءِ اسڪول جي ڀرسان ھو .ريٽا جو والد عالم چند موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ تمام سٺو ڳائيندو ۽ وڄائيندو ھو .جڏهن 1923ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور سنڌ آيو ھو تہ عالمچند ملڪاڻيءَ سندس شعري مجموعي ’باغبان ‘(Gardener )مان ھڪ گيت ڳائي ،کيس مسحور ۽ متاثر ڪيو ھو .ريٽا جي پڦي بہ شاھ جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ ھئي .ائين ادب،سنگيت ،نرت ڪلا ۽ ماڻهپي واري ماحول ۾ ريٽا زندگيءَ جا 15 سال مس گذاريا ھئا تہ بر صغير جو ورھاڱو ٿيو .ورھاڱي کانپوءِ ھن جي خاندان ،ڀارت جو شھر لکنؤ وڃي وسايو .ريٽا جي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شھاڻيءَ جي پٽ وشنو شھاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ شادي ٿي ۽ ھن پنھنجي مڙس سان پوني جي علائقي فلورينا اسٽيٽ ،بوٽ ڪلب ۾ رهائش اختيار ڪئي ،جتي اڄ تائين رهي ٿي. ريٽا شھاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ھن جا 1980ع کان ھن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن .ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار ھند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون .هن سنڌي ادب جي ھر صنف :ڪويتا( شاعري )،ناول ،ڪھاڻي ،مضمون ،تنقيد ،سوانح ،آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم ھلايو آھي. ريٽا شھاڻيءَ جا موضوع نھايت وسيع آھن ،جن ۾ قدرت کان وٺي نفسيات ۽ روحانيت جا موضوع اچي وڃن ٿا .هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تهذيب جو بهترين ميلاپ آھي .ريٽا شھاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ ‘(ناول )،’ٻپھريءَ جا ٻہ پل ‘(آتم ڪٿا )۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ بہ ملي چڪا آھن. ريٽا شھاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ ‘بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ B.A جي پھرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آھي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ ‘پوني يونيورسٽيءَ ۾ B.com جي پھرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو وڃي ٿو. ريٽا شھاڻي ،ڀارت جي مختلف شھرن ۾ ڪيترن گهڻ ٻوليائي توڙي سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺي چڪي آھي .ان کانسواءِ ’دور درشن ‘جي سنڌي مشاعرن ۾ بہ شامل ٿي چڪي آھي .هوءَ پنھنجون ڪھاڻيون ،شاعري ۽ مضمون اڪثر آڪاشواڻيءَ( ريڊيي )تانپيش ڪندي رهندي آھي. گيانپيٺ جي ’ڀارتييہ ڪوتائين -1983 ‘۾ ،ريٽا شھاڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي عيوضي شاعرہ طور شامل ڪيو ويو.Penguinجي ھمعصر ڀارتي شاعرائن جي ڪتاب‘ In their own Voice’ ۾ بہ سندس شاعري شامل آھي .اوڙيسا جي رسالن ۾ سندس ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جا ترجما ڇپجي چڪا آھن .1998ع ۾ سينٽرل ساھتيہ اڪاڊميءَ جيشايع ڪيل شاعريءَ جي انتخاب‘ Freedom & Fissures’ ۾ سندس ھڪ نظم جو انگريزي ترجمو شامل آھي ۽ ساھت اڪادميءَ جي Indian Literature جرنل( 1998ع )۾ سندس ھڪ ڪھاڻيءَ جو ترجمو چپجي چڪو آھي. ريٽا شھاڻي ،مھاراشٽر رياست جي سنڌي ساھتيہ اڪادميءَ جي ميمبر ۽ مھاراشٽر رياست جي ’ٽيڪسٽ بوڪ بيورو ‘جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر رهي چڪي آھي .هوءَ ’راشٽريہ سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد ‘(NCSPL )جي صلاحڪار بورڊ تي ٻن مدتن لاءِ ميمبر پڻ رهي چڪي آھي. ريٽا شھاڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي گيت رامايڻ ‘تي آڌار رکندڙ ،سندس ئي ھدايتڪاريءَ ۾ ڀارت جي ڪيترن شھرن ۾’نرت ناٽڪ‘اسٽيج ڪيو ويو آھي .سالياني ڏياري پرچي ’ورثي ‘جي ھوءَ اٺن سالن کان ايڊيٽر رهندي اچي ٿي. ريٽا شھاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل ھن ريت آھي: (1 )’پنک وڄائين شنک ‘(شاعري :1982ع )،(2 )’منھنجي حد آڪـاش ‘(شاعري :1984ع )،(3 )’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ ‘(ناول :1985ع )،(4 )’کٿوريءَ جي کاڻ ‘(سفرنامو :1986ع )،(5 )’گيت رامايڻ ‘(مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو :1987ع )،(6 )’سوريہ ياترا ‘(شاعري :1987ع )،(7 )’منع ٿيل ميوو ‘(ڪھاڻيون :1988ع )،(8 )’سج کان چنڊ تائين ‘(ناول :1989ع )،(9 )’سڄاڻ جون سمرتيون ‘(منگهارام ملڪاڻيءَ جي سوانح :1990ع )،(10 )’پرهه جا پياڪ ‘(ناول :1991ع )،(11 )’پچڻ کي پچاءِ ‘(ڪھاڻيون :1992ع )،(12 )’گهنڊ ڄاڻ وڳو ‘(آتم ڪٿا :ڀاڱو پھريون :1993ع )،(13 )’ٻپھريءَ جا ٻہ پل ‘(آتم ڪٿا:( ڀاڱو ٻيو :1994ع )،(14 )’ڇُھي مُئي ‘(ناول :1995ع )،(15 )’ارٽ جو آواز ‘(شاعري :1996ع )،(16 )’ببليءَ جون آکاڻيون ‘(ٻاراڻو ادب :1996ع )،(17 )’لپ ڀر مھراڻ ‘(ادبي مضمون :1997ع )،(18 )’سوال ئي سوال ‘(ڪھاڻيون :1998ع )، (19 )’يرودا جيل جون ڪھاڻيون ‘(سوانح :2000ع )،(20 )’جيون ۽ ساھت ‘(ادبي مضمون :2001ع )،(21 )گونگي گگن سان گفتگو( ناول :2001ع )،(22 )’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ ‘(مڪالماتي گفتگو :2002ع )،(23 )’جتي منھنجا اوٺيئڙا ‘(سفرنامو :2003ع )،(24 )’ترڪڻا ترورا ‘(ناول :2004ع )،(25 )’رشتن جو رقص ‘(ڪھاڻيون :2008ع )،(26 )’ست سر ،ست رنگ ‘(ناول :2008ع )،(27 )’اڪٿ ڪھاڻي ڪبير ‘(سوانح :2008ع )،(28 )’سفر در سفر ‘(سفرنامو :2010ع )،(29 )’روبرو ‘(سوانح :2012ع )،(30 )’بي زبان زبان ‘(ناول :2010ع )،(31 )’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ ‘(دادا جشن جي سوانح :2008ع )،(32 )ٻيپھريءَ جا ٻہ پل( آتم ڪٿا :ٻئي ڀاڱا گڏ ،سنڌ ۾ ڇپيل ،2004ع )وغيرھ .سندس 5 ڪتاب ،رشتن جو رقص ،اڪثر ڪھاڻي ڪبير ،روبرو ،سفر در سفر ۽ ٻپھريءَ جا ٻہ پل ،سنڌ ۾ ڇپيا آھن ،جيڪي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرا ڪيا آھن. ان کانسواءِ سندس چار ھندي ڪتاب بہ ڇپيل آھن ،جن ۾ ناول ’رنگريزواني رنگ دي ‘۽ ’سنڌي ساھتيہ ۾ ناري ‘شامل آھن. کيس ھيٺيان انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آھن: (1 )’سينٽرل ھندي ڊائريڪٽوريٽ پاران سندس ڪتاب ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘تي انعام( 1987ع )،(2 )بيسٽ سڀا ،بمبئيءَ پاران سندس ڪتاب ’ٻپھريءَ جا ٻہ پل ‘کي انعام( 1994ع )،(3 )ڪوشي ڏيئلداس ٽرسٽ پاران 1996ع جو انعام( 1997ع )،(4 )سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران برک ليکڪا جو انعام( 1997ع )،(5 )آر .جي .آڏواڻي ٽرسٽ پاران ھڪ لک روپين جو انعام( 97-1998ع )،(6 )انتر راشٽريہ سنسڪرتي ،ڪلا پريشد پاران ’گديہ سرجن پُرسڪار ‘سندس ھندي ڪتاب ’رنگريزوا ني رنگ دي ‘تي( جنوري 1999ع )،(7 )مھاراشٽر سنڌي ساھتيہ اڪيڊميءَ پاران ’لائيف لانگ اچيومنٽ اوارڊ‘- 1998ع لاءِ فيبروري( 1999ع )،(8 )ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ( 2000ع )، (9 )نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ( 2000ع )، (10 )نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ( 2008ع )،(11 )سنڌو سڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ( 2012ع )،(12 )سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا اوارڊ( 2012ع ). ريٽا شھاڻي ،هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام رکي ٿي .هن ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آھي ،پر ھوءَ بنيادي طور فڪشن رائيٽر( ناول نگار/ ڪھاڻيڪار )آھي .هن جي ادبي سفر ۾ سندس ڪٿا رچنا( Story writing )جو ڏانءُ وڌيڪ پختو آھي .هن ڪھاڻين ۾ ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل ۽ ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جهاتي پائي ،انھن جو اندر اپٽي رکيو آھي .سندس ماحول ۽ ڪردار ڀارت جي شھري زندگيءَ جي مٿئين طبقي جي عڪاسي ڪن ٿا .هوءِ ٻہ ڀيرا سنڌ جو سفر بہ ڪري چڪي آھي ،سندس سفرنامو ’جتي منھنجا اوٺيئڙا ‘سنڌ جو سفرنامو آھي. ريٽا شھاڻيءَ ،15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پھر ۾ ،پنھنجي بوٽ ڪلب واري گهر ،پوني ۾ لاڏاڻو ڪيو
 

  • جنم: 1934-08-24
  • ورسي: 2013-09-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image