ھن ڪتاب ۾ ريٽا شھاڻي ٻن سفرن جو ذڪر ڪيو آھي. ھڪ آھي سندس شھر پوني اندر واقع گرو رجنيش اوشو جو آشرم Osho International Commune جنھن ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ ڌيان ڇڪايو آھي، جنھن جو سبب صرف ۽ صرف ”چندرا موھن جين“ عرف ”رجنيش اوشو“ آھي. ھن آشرم کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڏيھي توڙي پرڏيھي سياح اچن ٿا. آشرم ۾ ٿيندڙ روزاني ميڊيٽيشن ڪلاسز، ليڪچرز، ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين جو اکين ڏٺو احوال شامل ڪيل آھي. ٻيو سفر آھي ”ممبئي کان لنڊن جو“ جنھن ۾ لنڊن ايئرپورٽ، لنڊن جي روڊن، رستن، سرڪس، بازارن، ٽيوبس، يونيورسٽين، گيتا راج جي سنڌي سوشل سرڪل، لنڊن جي باغباني سميت ڪيتريون ئي ڳالھيون قلمبند ڪيل آھن.
سفرناما
سفر در سفر
- 5.0/5.0
- 70
- 27
- 2 ڏينهن اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار ۽ نقاد ريٽا شھاڻي جو لکيل سفرنامو ”سفر در سفر“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ ريٽا شھاڻي ٻن سفرن جو ذڪر ڪيو آھي. ھڪ آھي سندس شھر پوني اندر واقع گرو رجنيش اوشو جو آشرم Osho International Commune جنھن ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ ڌيان ڇڪايو آھي، جنھن جو سبب صرف ۽ صرف ”چندرا موھن جين“ عرف ”رجنيش اوشو“ آھي. ھن آشرم کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڏيھي توڙي پرڏيھي سياح اچن ٿا. آشرم ۾ ٿيندڙ روزاني ميڊيٽيشن ڪلاسز، ليڪچرز، ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين جو اکين ڏٺو احوال شامل ڪيل آھي. ٻيو سفر آھي ”ممبئي کان لنڊن جو“ جنھن ۾ لنڊن ايئرپورٽ، لنڊن جي روڊن، رستن، سرڪس، بازارن، ٽيوبس، يونيورسٽين، گيتا راج جي سنڌي سوشل سرڪل، لنڊن جي باغباني سميت ڪيتريون ئي ڳالھيون قلمبند ڪيل آھن.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ريٽا شھاڻي
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-9329-08-1
- آن لائين ٿيو 24/Aug/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 27 ڀيرا