قاضي فيض محمد
ناميارو سياستدان ۽ ادديب قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908ع تي ھالاڻي ضلع نوشھروفيروز ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ھالاڻي ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ھالاڻي، خيرپور ميرس، نوشھروفيروز جي ھاءِ اسڪولن ۾ ورتي ۽ سن 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين.
قاضي فيض محمد عملي سياسي زندگي 1919ع ۾ خلافت ۽ ڪانگريس جي ھلچل ۾ حصو وٺڻ سان شروع ڪئي. 1928ع ڌاري جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر گاڏي مان پڊعيدن اسٽيشن کان لنگهيا ٿي تہ ھن ٻين شاگردن سان گڏ وڃي اسٽيشن تي ”سائمن گو بئڪ“ جا نعرا ھنيا ھئا. 1922ع ڌاري قاضي صاحب خيرپور ھاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، ان وقت ۾ علاما آءِ آءِ قاضي خيرپور رياست ۾ سيشن جج ھو، جنھن جي بابرڪت صحبت کان مستفيض ٿيو. 1933ع ۾ جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو ھو تہ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو تہ قاضي صاحب خاڪسار تحريڪ طرفان والنٽيئر ٿي ٻن مھينن جي لاءِ بنگال ويو. 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1948ع ڌاري ھاري ڪميٽيءَ ۾ داخل ٿيو. 1951ع ۾ کيس سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عھدي تي ھي ٻہ سال رهيو. 1952ع ڌاري ميان افتخارالدين سڀني قومپرست ڪارڪنن کي ”آزاد پاڪستان پارٽيءَ“ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ قاضي صاحب بہ ان ۾ شامل ٿيو. 1956ع ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهي وقت حسين شھيد سھروردي پاڪستان جو وزيراعظم ھو، جنھن ون يونٽ جي فائدي ۾ بيان ڏنا ۽ خارجا پاليسي ۾ اھڙو رويو اختيار ڪيو، جيڪو عرب قومپرستي جي خلاف ھو. انهن ڳالھين تان قاضي صاحب ڪيترن ئي دوستن سميت عوامي ليگ تان استعيفا ڏيئي ٻاھر نڪري آيو ۽ پاڪستان نيشنل پارٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهہ وقت کانپوءِ نيشنل عوامي پارٽي ٺھي تہ قاضي فيض محمد سنڌ نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ساڳئي وقت ھن جي ھارين سان ھمدردي پڻ ھلي آئي. الاٽي ھارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي، مھاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو تہ قاضي صاحب ان خلاف ھارين جي جدوجھد ھلائي ۽ مرڻ گهڙي تائين بک ھڙتال شروع ڪيائين. انهي تحريڪ جو تفصيلي ذڪر سندس ڪتاب ”هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ“ ۾ ملي ٿو. قاضي فيض محمد 66-1965ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي سندس ڇھن نقطن کان متاثر ٿي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو. 1970ع وارين چونڊن ۾ قاضي صاحب نوابشاھ مان عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي لاءِ اميدوار بيٺو، پر مقامي سياسي رسھ ڪشين جي ڪري ڪامياب ٿي نہ سگهيو.
1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺھڻ کانپوءِ قاضي صاحب جو ڪنھن بہ پارٽي سان واسطو نہ رهيو ۽ پاڻ ڪجهہ وقت ملڪي حالتن جي ابتري سبب بنگلاديش ۽ پوءِ انگلينڊ ۾ جلاوطن ٿي رهيو، جتان موٽڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ڪجهہ عرصو نظربند ڪري رکيو. قاضي صاحب پنھنجو پويون وقت نوابشاھ ۾ وڪالت ڪندي گذاريو ۽ 13 آڪٽوبر 1982ع تي 74سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
1. قاضي فيض محمد، علاما آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۾ رهيو ھو. ھو ھڪ سچو صوفي، عاشق رسول، سنڌ جو شيدائي ھئڻ سان گڏ ھڪ فلسفي، مفڪر، ناول نگار، شاعر، موسيقار ۽ سنڌ واد آرٽسٽ ھو . قاضي فيض محمد، پھريون ادبي مضمون 1931ع ۾ لکيو. ھن پنھنجو پھريون ناول ”جنسار“ 1954ع ۾ سکر جيل ۾ لکيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: قاضي صاحب ٻن ڪتابن جو ليکڪ آھي:
1. جنسار (ناول)
2. منھنجو خواب
3. ٻاويھ سؤ ٻاويھ (ناول)
4. سورن سندي سيڄ
5. علامہ آء آء قاضي
6. ھاري ڪميٽي۽ الاٽي تحريڪ
7. اڻ ڄاڻ (ناول)
8. دردن سندو داستان
9. منھنجو سفر (آتم ڪٿا)
10. Lateefi Sindh in search of truth
- جنم: 1908-11-23
- ورسي: 1982-10-13
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل