مھاڳ
اِها مڃتا پنھنجي جاءِ تي اٽل آهي ته هو سنڌيءَ ۾ سفرنامن کي اوج ڏيڻ وارو اڪيلو ليکڪ آهي، جنھن سنڌي ادب ۾ سفرنامن واري ڀاڱي کي ڀرپور نموني نڀايو آهي. سفرنامو پڻ ادب جي اهم صنف ٿئي ٿو. سفرنامي جو ليکڪ پڻ لکڻ سمي تخليقي ڪيفيتن مان لنگهي ٿو. سڀ ڪجهه ٻاهر جو منظر نه هوندو آهي. انيڪ انيڪ منظر ليکڪ جي اندر جا هوندا آهن. الطاف انھن ٻنھي منظرن جي وچ ۾ سنھڙو پڙدو ٽنگي ڇڏيو آهي، ڄڻ پڙهندڙن لاءِ ان پردي کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو اوکو ٿي پيو آهي.
سفرنامو، ڪنھن به ملڪ جي محض جاگرافي/ هسٽري/ سماجي جوڙجڪ/ ماڻھن جو مزاج ڄاڻائڻ جو ته نانءُ نٿو ٿي سگهي. سفر ڪندڙ ليکڪ ان سموري پنڌ ۾ پنھنجي حوالي سان جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، جيڪي ڪجهه هن جي تجربي ۾ اچي ٿو، ان کي وڌيڪ اهميت آهي. الطاف پاڻ کي (سفرنامن ۾) ملڪن جي جاگرافي /هسٽري / سماجي جوڙجڪ / ماڻهن جو مزاج ڄاڻائڻ واري دائري ۾ ڄڻ قيد ڪري رکيو آهي. هڪ ذهين پڙهندڙ کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته الطاف سموري سفرنامي ۾ (يا سموري سفر ۾!!؟) پاڻ کي ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ جيان لوڪ نھار کان بچائي بچائي هلي ٿو. ايئن ڄڻ هو پنھنجي ليکڪ جي بولڊنيس جو ڳلو گهٽي ٿو ڇڏي.
هن وشال پرٿويءَ تي سڀ ڪجهه ساڳيو ۽ ورجايل آهي. نواڻ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪيفيتن مان ماڻھوءَ جي ذاتي تجربن مان جنم وٺي ٿي. الطاف پنھنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاهر ڪري ٿو پر هڪ مبلغ انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ هو لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما هاڻ / هن اسٽيج تي ورجاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن. هو منھنجو ساگر، منھنجو ساحل، ۽ شروع وارن ڪجهه ٻين سفرنامن ۾ جيترو سچو ۽ کرو نظر اچي ٿو، اڳتي هلي هوريان هوريان سندس سفرنامن مان اها سندرتا گهٽبي محسوس ٿئي ٿي. هاڻ هو ڄڻ پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ، پنھنجن تجربن ۽ ڪيفيتن ۾ شريڪ ڪرڻ بدران، گهڻي ڀاڱي معلومات فراهم ڪري ٿو ۽ ساڻ اهو احساس پڻ ڏياريندو هلي ٿو ته اسان ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪيترا ڄٽ/ گهٽ/ پوئتي پيل آهيون. آئون سمجهان ٿي ته اهڙا ڀاوَ پڙهندڙن تي مڙهڻ بدران بھتر ٿيندو ته اهو پڙهندڙن تي ڇڏڻ گهرجي ته هو پاڻ اِهو سڀ محسوس ڪري ۽ ظاهر آهي ته محسوس ڪندو به.
ڪنھن به لکڻيءَ ۾ جڏهن ليکڪ جي شعوري ڪوشش جو هٿ وڌي وڃي ٿو، تڏهن اها لکڻي پنھنجي اصلي سندرتا وڃائي ويھي ٿي. زندگيءَ ۾ (ساڳي ريت سفر ۾ به) جيڪي ڪجهه اسان جي نيڻن اڳيان لنگهندو آهي يا اسان سان ٿي گذرندو آهي اهو سڀ پاڻھي ٿي ويندو آهي/ ٿيندو رهندو آهي_ بنا ڪنھن ڪوشش جي، بنا اسان جي چاهڻ جي. اهو سڀ قطعي اسان جي سوچ/ راءِ / نظريئي جي حوالي سان ناهي ٿيندو. هر اهو منظر جنھن کي بيان پيو ڪجي، جيڪڏهن اُن بيان ۾ اسان جي ذاتي راءِ/ سوچ/ نظريو/ ڪامپليڪس وڌيڪ جاءِ والاري وڃي ته اهو منظر اڀري نه سگهندو ۽ اها صورتحال سفرنامي/ سفرنامي لکندڙ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. ان جي حوالي سان هڪ ڳالهه: سنڌي ادب جي پوئتي پوڻ جا جتي انيڪ ٻيا ڪارڻ آهن، اتي هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته اسان جو ليکڪ سماجي/ سياسي پابندين/ لوڪ جي گهور / کنيل آڱرين/ سياسي حالتن اڳيان سدائين بيوس پي رهيو آهي. لکڻ سمي هزارين اسٽاپ هن جي تخليقي رستي ۾ ايندا آهن. نتيجي ۾ اهو سڀ چئي نه سگهندو آهي، جيڪو چوڻ چاهيندو آهي/ جيڪي کيس چوڻ گهرجي. تڏهن اهو دٻيل / گهٽيل اظهار سنڌي ادب کي هڪ ئي نقطي تي بيھاري ڇڏيندو آهي. آئون چئي نٿي سگهان ته الطاف جي اوچتي محتاط ٿي وڃڻ ۽ منجهيل / دٻيل اظھار جا ڪھڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، پر آئون ايترو ضرور چوڻ چاهينديس ته ان ورتاءُ سان الطاف اُسرڻ بدران اندر جي ذھين ليکڪ کي ماري ڇڏيندو. هڪ ڳالهه شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ ۾ انيڪ معنيٰ / بي معنيٰ ڳالهيون اچي وينديون آهن. ڳالهه جو سلسلو گهڻو اڳتي هلي جڙندو آهي. جتي به ڇوڪرين جي، نائٽ ڪلبن جي، ڪنھن ٻي اهڙي تفريح جي ڳالهه نڪرندي آهي ته هو ٻين جي حوالي سان اها ڳالهه ڪندو آهي. ڄڻ پاڻ اتي هو ئي ڪونه يا ان جو ڪو به حصو ڪونه هو. اهو ورتاءُ هن جي اڳوڻڪن سفرنامن ۾ نظر نٿو اچي. اتي دل چاهيندي آهي ته هو اسان سان پنھنجي ذاتي تجربن ۾ شيئر ڪري ننڍڙيون ننڍڙيون سندر-اَسندر ڳالھيون/ تجربا، جن ۾ انڊلٺ جا ست رنگ هجن. جن مان گلاب جي خوشبوءِ اچي_ جن ۾ زهر جھڙي ڪڙاڻ به هجي. جيڪي ٿوهر وانگر تن /من ۾ چڀندڙ به هجن. پر الطاف ڪنھن ڪامياب ڊپلومئٽ جيان پڙهندڙ جو ذهن انيڪ اهڙين ڳالهين ۾ منجهائي ٿو ڇڏي، جيڪي بي معنيٰ هونديون آهن. اهو سڀ مون الطاف جي هاڻوڪن (ويجهڙائيءَ ۾ آيل) سفرنامن جي حوالي سان چوڻ پي چاهيو. انھن مڙني ڳالهين جو ڪارڻ ڇا آهي. ذهني پابنديون نٿيون ٿي سگهن. جيڪي الطاف/ هر سنڌي ليکڪ پنھنجي مٿان مڙهيون آهن. سفرنامي ۾، لکندڙ جو پنھنجي شخصي Involvement ۾ ئي سڀ ڪجهه / گهڻو ڪجهه آهي. هن دور ۾ جڏهن سائنس فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن، تڏهن نه رڳو هڪ سڄاڻ پڙهندڙ پر عام ماڻھو پڻ گهڻي حد تائين ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ رکي ٿو. هونءَ به سموري ڄاڻ جو بار سفرنامي مٿان مڙهي نٿو سگهجي. ايئن سفرنامو نه رڳو هڪ معلوماتي ڪتاب بڻجي ويندو (۽ آئون سمجهان ٿي ته معلوماتي ڪتاب ۽ سفرنامي ۾ گهڻو فرق ٿئي ٿو). الطاف هيڪر وري جيڪڏهن هو اڃا به سفرناما لکڻ چاهي ٿو ته ... هن کي اڃا لکڻ به گهرجن. سنڌي ادب ۾ سفرنامي وارو ڀاڱو هن هڪڙي جي وجود سان جيئرو آهي، ته هن کي اوترو سچو /کرو رهڻو پوندو، جيترو هو منھنجو ساگر، منھنجو ساحل ۾ آهي. بھرحال اهو سڀ چوڻ جو مقصد الطاف جي ذهين ليکڪ کي رد ڪرڻ مور ڪينھي. الطاف_ جتي اسان کي انيڪ سفرناما ڏنا آهن، اتي اسان هن جي ذهين ليکڪ کي قطعي رد نٿا ڪري سگهون. الطاف ڪنھن فوٽو گرافي جيان جيڪي ڪجهه ڏيکاري ٿو، اهو جئين جو تيئن نيڻن اڳيان ائين ڦھلجي ويندو آهي، ڄڻ سئنيما جي بند هال ۾ اسڪرين تي ڏسي رهيا هجون. اها ڏسڻ واري ئي ڪيفيت آهي، جيڪا پڙهندڙن کي الطاف جو سمورو سفرنامو پڙهي پورو ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. هن وٽ لکڻ لاءِ به اها عام فھم سنڌي ٻولي آهي، جيڪا اسين گهرن ۾ / عام زندگي ۾ ڳالھايون ٿا. الطاف کي ڳالهه لکڻ کان وڌيڪ ڳالهه ٻڌائڻ جو ڍنگ آهي. اها ئي الطاف جي / هر سفرنامو لکندڙ جي وڏي خوبي ليکي سگهجي ٿي. ساڳي وقت الطاف وٽ observation ڪرڻ وارو ذهن آهي. هو ڪائنات جي هر منظر کي ڄڻ آرپار ڏسڻ ٿو چاهي. ۽ ان آر ۽ پار جي وچ واري وٿيءَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو نه رڳو هو پاڻ محسوس ڪرڻ چاهي ٿو پر ٻين کي به محسوس ڪرائڻ چاهي ٿو. جيتوڻيڪ سندس شعوري ڪوشش کيس دائرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن به سندس سفرنامو پڙهندي انيڪ ڀيرا محسوس ٿيندو آهي ته هن جو ذهن بھرحال سوچ ۽ سمجهه جو وسيع ڪينواس آهي. الطاف هڪ اسٽائلش ليکڪ آهي. هن جو لکڻ ۾ پنھنجو هڪ جاندار انداز آهي. مون ڪڏهن به هن جي لکڻيءَ ۾ ڪنھن ٻي جو رنگ ڍنگ نه ڏٺو ۽ نه ئي هو ڪو اوپرو انداز پنھنجي مٿان مڙهي ٿو. هڪ ڳالهه جيڪا مون کي ڏاڍي اهم لڳندي آهي ته هو پاڪستان جي انيڪ ٻين سفرناما لکندڙن جيان هٿ گهڙيون رومانوي ڪھاڻيون پنھنجي ذات سان وابسته ناهي ڪندو. جن کي پڙهندي ئي پڙهندڙ ان جي پس منظر ۾ لڪل ڪوڙ پرکي وٺندو آهي. الطاف جي ڳالهه لکڻ / ٻڌائڻ جي انداز ۾ (جتي به هو معلومات فراهم ڪرڻ ناهي چاهيندو) بي ساختگي آهي. هو اڪثر پڙهندڙ کي ڄڻ مرڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. الطاف هر سنڌيءَ جيان من ۾ ساڻيھه جي سڪ سانڍي پيو هلندو آهي. ان جو احساس الطاف جي سفرنامن ۾ انيڪ جاين تي ٿيندو آهي، جڏهن هو ترقي ڪيل ملڪن ۾ گهمندي، سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺن / شھرن کي ياد ڪندوآهي. ائين سندس سفر نامو پڙهڻ سمي پڙهندڙن جي پيرن هيٺان پنھنجي ڌرتي ڪڏهن به ڪانه کسڪندي آهي. اهو احساس مون کي الطاف جي سفرنامن ۾ هڪ ٻي ڳالهه جي ڪري به ٿيندو آهي. اسان سنڌين جو ڪچھري ڪرڻ جو هڪ پنھنجو انداز آهي، جنھن ۾ ڪو به خول ڪا به ڌاريائپ، ڪو به جڙتو وايو منڊل نه هوندو آهي.
بھرحال الطاف شيخ اسان جو اهو ذهين ليکڪ آهي، جنھن وٽ سوچ جو اهو وسيع ڪينواس آهي، جنھن تي سنڌي ادب جي سفرنامي وارو ڀاڱو پوريءَ سندرتاسان چٽيل آهي، ان ڪري الطاف ۽ سندس سفرنامن کي بھرحال سنڌي ادب ۾ پنھنجو اهم مقام آهي.
نورالهدا شاهه
ڪراچي_ جون 1982ع