ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار حاڪمن تي آهي
”لي ڪئان يو“ وزيراعظم ٿي واقعي ڪم ڪري ڏيکاريو، يعني هن ثابت ڪيو ته سياست عوام جي خذمت ڪرڻ جو نالو آهي. نتيجي ۾ عوام هن کي لڳاتار کٽرائيندي آئي ۽ سنگاپور کي 1963ع ۾ آزادي ملڻ بعد لي ڪئان يو جي PNP سياسي پارٽي کٽيندي آئي، ۽ اڄ تائين کٽيندي اچي. لي ڪئان يو 1992ع تائين وزيراعظم رهيو، ان بعد هن پاڻ عوام کي منٿ ميڙ ڪئي ته ”هاڻ آئون پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ مون جھڙي پوڙهي ۾ جڏهن اها ڪم جي همت ناهي ته هن کي اقتدار کان پري رهڻ کپي ۽ ڪنھن جوان ۽ قابل کي موقعو ڏجي“ ۽ سندس اهي لفظ ته ”آئون هر وقت صلاح مشورو ڏيندو رهندس، منھنجي خذمت جي ضرورت پئي ته آئون قبر مان به اٿي ايندس،“ سندس عوام لاءِ پيار ۽ ملڪ کي بھتر ڏسڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.
سنگاپور وارو مثال فقط چند ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ رهيو. جن مان ملائيشيا ۽ ڪجهه ڪجهه انڊيا به آهي. نه ته ايشيا توڙي هيڏانھن آفريڪي ملڪن ڏي نظر ٿو ڦيريان ته انھن ملڪن جو پھريون ئي حاڪم ڪرپٽ نڪتو جنھن ملڪ کي خوشحال بڻائڻ بدران خزاني سان پنھنجا گيدا ڀريا. ۽ جي پھريون حاڪم صحيح راهه تي هلي ملڪ کي ترقي وٺرائي ڏئي رهيو هو ته ڪو ميجر، ڪرنل يا عيدي امين جھڙي اڃا به ننڍڙي رئنڪ واري فوجيءَ ملڪ تي قبضو ڪري ستيا ناس ٿي ڪري ڇڏي. ملڪ جون بئنڪون، ڪارخانا، ڪاروبار نئشنلائيز ڪري تباهي آڻي ڇڏي. هنن سرڪاري نوڪريون توڙي وڏا عهدا پنھنجن جاهل ۽ نڪمن مائٽن يا چمچن کي ٿي ڏنا، جيئن هو سندن غلام ٿي رهن ۽ جيئن ۽ جھڙي نموني سان ملڪ جي ڦرلٽ ڪرڻ چاهين هو هنن معرفت ڪري سگهن يا وڏي عمر جا مرڻ جي ڪنڌيءَ وارا وزيراعليٰ، گورنر، چيئرمين ٿي رکيا، جو هنن کان غلط ڪم ڪرائڻ سولو ٿو ٿئي ۽ جي مري ويا ته ڪاڳر ڦاٽو...! مري ويلن تي ڪھڙا ڪيس هلندا.
اسان جي ملڪ لاءِ به چون ٿا ته پھريون حاڪم لاجواب هو، جيڪو ملڪ ٺاهي ڇڏي ها پر بدقسمتي سان هن جي حياتي نه رهي. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنھن کي اسان جي ملڪ جي منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي قابليت هئي پر ان کي ڦاهي چاڙهي ملڪ کي گهٽو ڏنو ويو. آفريڪا جي ملڪن ڏي به نظر ڪجي ٿي ته ڪرپٽ سياستدانن پنھنجي ملڪ جي ترقيءَ جي ڀينگ ڪئي... جيڪڏهن ڪو ڀلوڙ حاڪم آيو ٿي ته ڪنھن فوجيءَ ان تي يلغار ٿي ڪئي ۽ اسان جي ايوب خان، ضياءُ الحق، يا مشرف وانگر پاڻ کي سڀ کان نيڪ ۽ قابل سياستدان سڏرائي وزيراعظم يا صدر ٿي ويٺو ٿي.
سوڊان ۾ ڏٺو وڃي ته انگريزن ان کي آزادي ڏيڻ کان اڳ سياسي پارٽيون ٺھرائي اليڪشن ڪرائي. 1952ع ۾ مصري انقلاب ۾ مصر جي بادشاهه فاروق اول کي ٽپڙ ٻڌرايا ويا. 1953ع ۾ انگريز حڪومت ۽ مصر (جن جو سوڊان تي گڏيل راڄ هو) تن سوڊانين کي خودمختيار حڪومت هلائڻ جي اجازت جو معاهدو ڪيو ۽ 1954ع ۾ ڪرايل چونڊن ۾ سيد اسماعيل الاظهري ملڪ جو پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو. ٻن سالن بعد 1956ع ۾ سوڊان کي انگريزن ۽ مصرين طرفان آزادي ڏني وئي. اسماعيل الازهري ڪو خراب انسان يا سياستدان نه هو. هو چالاڪ يا مڪار سياستدان نه پر هڪ ڄاڻو حاڪم هو. هڪ سوڊاني قومپرست هو. سن 1900ع ۾ هن ”ام درمان ڳوٺ“ ۾ هڪ دين جي ڄاڻوءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. خارطوم جي ”گورڊن ميموريل ڪاليج“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1930 ع ۾ هن بيروت جي ”آمريڪن يونيورسٽي“ مان مئٿس ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هينئر اسان جي ملڪ توڙي عربستان، ملائيشيا، سنگاپور ۾ هڪ کان هڪ بھتر يونيورسٽيون کلي ويون آهن نه ته 1970ع واري ڏهاڪي تائين به عرب، آفريڪا ۽ ايشيائي ڪيترن ملڪن ۾ بيروت جي هن آمريڪي يونيورسٽي کي اهم سمجهيو ويو ٿي. اسان جو جھاز جڏهن به لبنان جي بيروت يا طرابلس بندرگاهه ۾ آيو ٿي ته ڪنھن نه ڪنھن هم وطنيءَ سان ملاقات ٿي وئي ٿي، جيڪو هن يونيورسٽي ۾ پڙهيو ٿي. سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ اڳوڻي هوم سيڪريٽري بشير مورياڻيءَ سان به منھنجي پھريون دفعو ملاقات 1968ع ۾ هن يونيورسٽي ۾ ٿي. سو 1930 ع ۾ جڏهن سوڊان جي هن پھرين وزيراعظم اسماعيل الازهريءَ هن يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي، ان وقت ته هيءَ يونيورسٽي سڄي تَر ۾ اڃا به اهم سمجهي وئي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان جي اڄڪلهه هڪ نامياري يونيورسٽي الفهد يونيورسٽي جي باني يوسف بدريءَ به هن يونيورسٽيءَ ماب گريجوئيشن ڪئي هئي. ايران جو پرڏيهي وزير ۽ نيوڪليئر ايجنسي جو سربراهه علي اڪبر شاهه ۽ ايران جو ناليرو سائنٽسٽ سيد محمود علي هيسابي به بيروت جي هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن.
تعليم بابت لکڻ مان منھنجي مراد پنھنجن ماڻھن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته آفريڪا جھڙو کنڊ جنهن کي اسان پٺتي پيل سڏيو ٿي، انجي ملڪن جي حاڪمن کي ڏٺو وڃي ته اهي به چڱا خاصا تعليم يافته نظر اچن ٿا. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ نه تعليم آهي ۽ نه اهوا حساس اٿئون ته تعليم هڪ ضروري شيءِ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي صوبي جا هندو وڏا پڙهيل ڳڙهيل هئا. باقي اسان جي چونڊيل مسلمان نمائندن، وزيرن، مشيرن کي ٿو ڏسجي ته اڄ به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انجنيئر، ڊاڪٽر يا ڪنھن عام سبجيڪٽ ۾ بيچلر هوندو. ان جي مقابلي ۾ انڊيا يا ايران جا سياستدان ڏسو، برونائي يا ملائيشيا جا ڏسو ته ڪيڏو تعليم يافته آهن.
سوڊان جو هي پھريون وزيراعظم اسماعيل الازهري مئٿيمئٽڪس جو ٽيچر ۽ اسڪول جو ائڊمنسٽريٽر به ٿي رهيو. بھرحال اسماعيل الازهري سوڊان جو پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن بعد پھرين جنوري 1956ع تي پيپلز پئلس ۾ هڪ خاص تقريب ۾ مصر ۽ انگلينڊ جا جهنڊا لاٿا ويا ۽ وزيراعظم الازهريءَ بلو ۽ پيلي رنگ جي پٽين وارو سوڊاني جهنڊو چاڙهيو.
ملڪ کي آزادي ملڻ بعد وزيراعظم کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو ۽ ڇھن مھينن بعد جولاءِ 1956ع ۾ اسماعيل الازهريءَ پارليامينٽ کان استعيفيٰ ڏني ۽ سوڊان تي فوجي حڪومت قبضو ڪيو. فوجي حڪومت سوڊان سان اهو ئي حشر ڪيو جيڪو عيدي امين يوگنڊا سان ڪيو يا جيڪو آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ فوجين ڪيو. ملڪ ۾ گوڙ وڳوڙ، خاص ڪري شاگردن جي هڙتالن آخر 1964ع ۾ فوجي حاڪمن کي لاٿو. هاڻ جمھوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ صدر لاءِ 1965ع ۾ چونڊ ڪئي وئي ۽ هڪ دفعو وري اسماعيل الازهري صدر ٿي ويو. هو 1969ع تائين صدر رهيو پر آئين مطابق صدر کي ڪي به اختيار نه هئا، جو هو ڪجهه ڪري سگهي. سڀ اختيار وزيراعظم جي هٿ ۾ هئا، ڪرنل نميريءَ انقلاب آڻي شھري حڪومت ختم ڪري پاڻ ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويھي رهيو. ڪجهه مھينن بعد آگسٽ 1969ع ۾ اسماعيل الازهري گذاري ويو.
ڪرنل نميريءَ حڪومت جون واڳون وٺڻ سان ملڪ جي هر شيءِ نيشنلائيزڊ ڪئي. بئنڪون، ڪارخانا، فئڪٽريون وغيره. امه پارٽي جي ماڻھن سندس مخالفت ڪئي ته ابو نالي ٻيٽ تي جتي هن سياسي پارٽيءَ جي ماڻھن جي گهڻائي هئي، 1970ع ۾ نميريءَ بمبارڊمينٽ ڪرائي ڪئين هزار ماڻھو مارائي ڇڏيا ۽ پوءِ ٻئي سال 1971ع ۾ ريفرنڊم ڪرائي پاڻ کي ملڪ جو صدر بڻايو. 1973ع ۾ نئون آئين تيار ڪرائي ان ۾ صدر جا تمام گهڻا پاور رکرايا.
انھن ڏينھن ۾ ان قسم جون غيرقانوني حڪومتون ٽوڙي سريلنڪا ۽ يمن جھڙا ملڪ سوويت جي ڪميونسٽ نظام مان ڏاڍو متاثر هئا. روس هنن جي مدد به ڪندو هو... اها ٻي ڳالھ آهي ته پنھنجي عوام جي خوشحاليءَ جي سلسلي ۾ روس جي پنھنجي به حالت خراب هئي، جن بابت مون انھن ڏينھن وارن روس جي سفرنامن ۾ لکيو ته پڙهندڙن کي حيرت ٿي هئي. بھرحال نميري جو ڪميونسٽ دنيا سان عشق جلد ختم ٿي ويو، جڏهن سندس فوج جي ڪميونسٽ سپاهين سندس تختو ٿي الٽو ڪيو. ڪنھن طريقي سان بچي ويو! يعني اهو به اسان جھڙن ملڪن لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته ايماندار ٿي رهڻ ۽ محنت ڪري ملڪ جي خوشحالي آڻڻ بدران بس ڪشتو کڻي ماسڪو يا واشنگٽن پھچڻ ضروري آهي يا وري ڀر وارن عرب امير ملڪن کي اسلام جا واسطا ڏئي امداد / خيرات گهرڻ ضروري آهي! هونءَ ڪرنل نميريءَ لاءِ لکندو هلان ته هو عيدي امين وانگر گهٽ تعيم يافته ۽ ڄٽ نه هو. سڄو نالو جعفر محمد نميري هوس. 1930ع ۾ قاهري ۾ ڄائو، جڏهن مصر تي انگريزن جي حڪومت هئي. سندس پيءُ ٽپالي (پوسٽ مئن) هو. سندس پڙ ڏاڏي يا تڙ ڏاڏي لاءِ چيو وڃي ٿو ته نميري قبيلي جو سردار هو. بھرحال پاڻ ان وقت جي اعليٰ اسڪول هنتوب مان تعليم حاصل ڪيائين،جيڪو برٽش اسٽائيل جو بورڊنگ اسڪول هو، جنھن ۾ ملڪ جي فقط وڏن ماڻھن ۽ انگريزن جي ٻارن کي داخلا ملي ٿي، جيئن لاهور ۾ ايڇيسين ڪاليج هو. 1948ع ۾ انگريز حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ ڪري کيس عارضي طور اسڪول مان ڪڍي به ڇڏيو هئائون.
1952ع ۾ نميريءَ سوڊان ملٽري ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي، جتي جمال عبدالناصر جي تحريڪ هن کي متاثر ڪيو، جنھن تحريڪ ذريعي جمال ناصر ان ئي سال مصر جي فاروق بادشاهه مان جند ڇڏرائي. ملٽري ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نميريءَ ”خارطوم گئريشن“ ۾ ڀرتي ٿيو. 1966ع ۾ نميريءَ ”يو ايس آرمي ڪمانڊ ڪاليج“ آمريڪا مان گرئجوئيشن ڪئي. هي ڪاليج آمريڪا جي ڪنساس رياست جي ”فورٽ ليون ورٿ“ شھر ۾ آهي.
نميري حڪومت ۾ هڪ ٻيو ملٽري ڪُو (Coup) 1975ع ۾ به ٿيو. فوج جي برگيڊيئر حسن حسين عثمان هن کي مارڻ ٿي چاهيو پر نميريءَ جو بچاءُ ٿي ويو. برگيڊيئر عثمان زخمي ٿي پيو، سندس ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ کيس ڦاهي ڏني وئي. آفريڪا جي، يا کڻيچئجي ته اسان جھڙن پٺتي پيل ملڪن جي،بدبختي اها آهي ته اهڙن ملڪن جا حاڪم پنھنجي عوام جي سک جو سوچڻ ۽ انھن مٿان ملڪ جو خزانو خرچڻ بدران ٻين ملڪن جو سک چين چٽ ڪرڻ لاءِ کوس ڦٽائين ۾ لڳا رهن ٿا. قذافيءَ جو ئي کڻي مثال وٺو. پنھنجي عياشي ۽ مشھوريءَ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيائين، پوءِ آخر ۾ عيدي امين، شھنشاهه ايران، يا عراق جي سادام وانگر خوار خراب ٿي ويو، پر جيستائين قدرت طرفان کين تيل ۽ حڪومتن جون واڳون هيون ته هنن نه غريب عوام سان انصاف ڪيو نه انھن جي ڀلي جو سوچيو.
سوڊان ۾ ڪھڙي به حڪومت هئي پر فوجي ڊڪٽيٽر هلائي ته پئي. هن مغربي ملڪن جي معرفت پنھنجي ملڪ ۾ تيل جي ڳولا به ڪري ورتي . هن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ بدران، ڀر واري ملڪ لبيا جو قذافي هن جي خلاف ماڻھو ڀڙڪائيندو رهيو. ڪرنل نميريءَ 1975ع ۾ هڪ ڪُو (Coup) کي منھن ڏنو ته ٻئي سال 1976ع ۾ صادق المھدي جي اڳواڻيءَ ۾ هزار کن دهشتگردن نميري جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ سندس گاديءَ واري شھر خارطوم ۾ گوريلا جنگ شروع ڪري ڏني. هنن دهشتگردن کي لبيا ۾ تربيت ڏئي ”متن المس سارا“ بارڊر وٽان سوڊان ۾ داخل ڪيو ويو هو. دارفر ۽ ڪوردو فان وارا علائقا لتاڙي هو خارطوم ۾ داخل ٿيا ۽ گهر گهر ۾ گهڙي قتل عام ڪرڻ لڳا. هڪ طرف 3000 کن معصوم جانيون هليون ويون ٻئي طرف سوڊانين کي معمر قذافِيءَ لاءِ سخت نفرت ٿي پئي، جيڪا آخر تائين هلندي رهي. يعني ڏٺو وڃي ته ٻه پاڙيسري مسلمان ملڪ هڪ ٻئي سامھون ٺھي هلڻ بدران هڪ ٻئي کي تباهه ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا.
صادق المھدي جي هن حملي ۾ نميري جي حڪومت تِر تان بچي وئي. 89 ڄڻا جيڪي هن پلاٽ ۾ شامل هئا، انھن کي ٽنگيو ويو. هونءَ 1976ع اهو سال آهي جنھن ۾ سوڊان پئسي ڏوڪڙ ۾ وڏي ترقي ڪئي. مصر وانگر سوڊان جو به اهم فصل ڪپهه آهي، ان جو اگهه چڙهڻ تي سوڊان خوب ڪمايو ۽ دنيا جو امير ترين ملڪ ٿي پيو. 1977ع ۾ صادق المھدي (جيڪو ملڪ کان ٻاهر ٿي رهيو) ۽ ڪرنل نميري جيوچ ۾ قومي مفاهمت ٿي ۽ صادق المھدي جي سياسي جماعت (ڊيموڪريٽڪ يونين پارٽي) کي ليجسليچر ۾ شامل ڪيو ويو. هن اسلامي مفاهمت تي ڏکڻ سوڊاني (جيڪي عيسائي ۽ مقامي ڪارا شيدي آهن) اتر سوڊان وارن سان ناراض ٿيا ۽ اها ناراضگي وڌندي رهي تان جو 2011ع ۾ سوڊان ٻن حصن ۽ ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو.
1985ع ۾ پنَ لاءِ ڪِشتو کڻي نميري سرڪار ٽوئر تي، جڏهن آمريڪا پھتو ته پٺيان بچاءَ واري وزير جنرل عبدالرحمان سندس حڪومت جو تختو ڊاهي رکيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڏهه سال اڳ سوڊان جيڪو دنيا جي امير ملڪن مان هو، ان جي اها حالت وڃي ٿي ته سرڪاري آفيسرن کي پگهار ڏيڻ لاءِ به خزاني ۾ پئسو نه هو ۽ آمريڪا کان امداد- يعني خيرات وٺڻ ضروري ٿي پيو. ڏٺو وڃي ته هر اهڙي ملڪ جا حاڪم پنھنجي شراب ڪواب ۽ عيش عشرت تي گهٽتائي نٿا آڻين، بلڪه عوام جو پئسو به چٽ ڪري پوءِ انھن جي تعليم ۽ علاج جي لاءِ آمريڪا ۽ يورپ اڳيان هٿ ٽنگيو بيھو رهن. ڪيترا ته ان خيرات جي پئسي مان به غريبن کي ڏيڻ بدران پنھنجي لاءِ محل ۽ ماڙيون اڏين ٿا. ان ڦرلٽ ۾ اسان جا NGOS وارا به اچيو وڃن ٿا.
ڪرنل نميريءَ کي ملڪ کان ٻاهر رکي نئين فوجي جنرل عبدالرحمان اليڪشن ضرور ڪرائي، جنھن ۾ صادق المھدي، جنھن 1970ع ۾ نميري خلاف بغاوت ڪرائي، ان جي سياسي پارٽي اليڪشن کٽي وئي، ۽ پاڻ سوڊان جو وزيراعظم ٿيو.
اسان جو جن سالن ۾ سوڊان وڃڻ ٿيندو رهيو انھن ڏينھن ۾ ڪرنل نميري ملڪ جو والي وارث هو ۽ انھن ڏينھن ۾ سوڊان ۾ تيل جي ڳولا جي مھم زور تي هئي، پر پوءِ نميري جي آخري سالن ۾ سوڊان جي حالت خراب ٿي وئي، جنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سوڊاني پائونڊ جي 80 سيڪڙو قيمت ڪري پئي! ان جو اهم سبب ملڪ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ مھانگائي چيو وڃي ٿو.
نميري جڏهن آمريڪا ويو ۽ سندس فوجي وزير تختو اونڌو ڪيو ۽ سندس سوڊان ۾ گهڙڻ تي پابندي لڳائي وئي ته سڀني چيو ته نميريءَ جو گهرگهاٽ ته خارطوم ۾ رهجي ويو، هاڻ پرديس ۾ هو ڪنھن وٽ رهندو ۽ پيٽ گذر ڪيئن ڪندو. پر سائين اسان جي ايشيائي ۽ آفريڪي حڪمرانن جو دماغ ڪم ڪري ٿو. جيئن ملڪ مان نيڪاليءَ تي عيدي امين جدي ۾ شاهي زندگي گذاري تيئن سوڊان جو هي فوجي حاڪم نميري قاهري (مصر) ۾ رهي پيو، جتي هن اڳواڻ پنھنجا محل محلات ٺھرائي پئسو ٿمي ڇڏيو هو. 1985ع کان 1999ع تائين نميري قاهري جي هڪ مھانگي علائقي ۾ موجود وِلا ۾ رهيو. بھرحال اسان جي اڄ جي عوام کي سوشل ميڊيا ذريعي اها آئيڊيا آهي ته اسان جي حاڪمن جا ڪٿي ڪٿي محل آهن ۽ انھن اهي ڇو ٺھرائي رکيا آهن.
1999ع ۾ نميري صدر جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ سوڊان پھتو. سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. اها ڳالهه اسان وٽ به عام آهي. ڪنھن ڪرپٽ سياسي يا فوجي حاڪم مان جان ڇٽندي ته خوشيءَ ۾ مٺائيون ورهائينداسين. پر پوءِ ڪجهه سالن بعد هن کي ياد ڪنداسين. ڇو جو هن جي جاءِ تي نئون آيل حاڪم هن کان وڌيڪ ٻائيتال مچائي رکي ٿو ۽ هرهڪ جي وات تي اهو ئي اچي ٿو ته هن کان ته هو پھرين وارو بھتر هو. نميري وري اليڪشن وڙهي پر ڪامياب نه ٿيو. عمر البشير سوڊان جو صدر ٿيو. ڏهن سالن بعد 2009ع ۾ نميري پنھنجي شھر ”ام درمان“ ۾ وفات ڪئي.
اڄڪلهه خارطوم بعد ”ام درمان“ سوڊان جو وڏو شھر آهي. اهو نيل ندي جي الهندي (کاٻي) ڪپ تي آهي ۽ ساڄي تي خارطوم آهي. ام درمان اڄ هڪ تاريخي شھر پڻ آهي. محمد احمد بن عبدالله جنھن 1881ع ۾ پنھنجو پاڻ کي مھدي سڏرايو، ان پنھنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ هن ڳوٺ ۾ پنھنجو مليٽري هيڊڪوارٽر ٺاهيو۽ 15 سال انگريزن کي پير ڄمائڻ کان روڪيندو رهيو. هيءَ لڙائي سوڊان جي تاريخ ۾ Mahdist war مشھور آهي. 1885ع ۾ سندس وفات بعد سندس گادي نشين ”ام درمان“ کي سوڊان جي گادي جو شھر ٺاهيو. ام درمان عربي جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ”درمان جي ماءُ“ آهي، پر ان کان ڪو واقف ناهي ته اها عورت ڪير هئي، جنھن تان هن ڳوٺ جو نالو پيو.
محمد احمد بن عبدالله نه فقط پاڻ کي مھدي سڏرايو پر پنھنجا پوئلڳ ٺاهيا، جيڪي انصار سڏبا هئا ۽ مھدي مٿان جان ڏيڻ لاءِ تيار رهندا هئا. يعني انصار هن جا مددگار هئا. هنن کي انگريز درويش سڏيندا هئا. اهو ته پھرين به لکي چڪو آهيان ته مھديءَ جي هنن مريدن (درويشن) پنھنجن حاڪمن انگريزن ۽ مصرين سان اهڙي ڪئي جو هو جان بچائڻ ۾ لڳي ويا. انگريز سرڪار 1884ع ۾ جنرل گارڊن کي خارطوم موڪليو ته ڪا ٽَل سَل ڪري مصرين ۽ انگريزن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. مھدي جي مددگارن (درويشن) جنرل گورڊن جي لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳجهن ۽ سرڻن کي کارائي منڍيءَ کي وڻ تي ٽنگي ڇڏيو، جنھن کي ٻارڀتر هڻندا رهيا. مھدي 1885ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مقبرو ام درمان شھر ۾ ٺاهيو ويو. بعد ۾ جڏهن سندس گادي نشين “خليفا” حاڪم ٿيو ته انگريز حڪومت طرفان 1898ع ۾ جنرل ڪچنر موڪليو ويو، جنھن نه فقط خليفا کي شڪست ڏني پر مھدي جو لاش قبر مان ڪڍي هن جي مُنڍي (Head) پاڻ وٽ رکيو ۽ هڏا نيل نديءَ ۾ وهائي ڇڏيا. جنرل ڪچنر جي هيءَ جنگ فقط 5 ڪلاڪ هلي. مھديءَ جا پوئلڳ فوجي تربيت ۽ بندوق بارودن کان خالي هئا. سو نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو اڌ صدي اڳ مياڻي جي جنگ ۾ سر چارلس نيپيئر ۽ ميرن جي سپاهين جي وچ ۾ نڪتو هو. جيتوڻيڪ ڪچنر جي لشڪر ۾ ٻه ٽي هزار سپاهي مس هئا ۽ هوڏانهن 52000 سوڊاني هئا پر کين ڪو ماڊرن هٿيار نه هجڻ ڪري هو ڀڳڙن وانگر ڀڄندا رهيا ۽ پنجن ڪلاڪن ۾ ڏه هزار ماڻھو مري ويا ۽ ڪئين هزار زخمي ٿيا. هوڏانھن انگريزن جا فقط 48 برٽش سپاهي قتل ٿيا.
جنگ کٽڻ بعد جنرل ڪچنر مھديءَ جي مقبري جي کوٽائي جو آرڊر ڏنو ۽ سَروِنسٽن چرچل جي لفظن ۾:
Carried off Mahdis head in a kerosenecan as a trophy.
(ڪچنر مھدي جي لاش جي منڍي گاسليٽ جي دٻي ۾ ائين پاڻ سان کنئين ڄڻ ڪا ٽرافي (ايوارڊ) هجي).
هتي اهو به لکندو هلان ته پاڻ کي ”مھدي“ سڏائڻ واري محمد احمد بن عبدالله سوڊان ۾ حڪومت ٺاهڻ سان ملڪ ۾ اسلامي قانون آندو جنھن ۾ ڪجهه تبديليون پڻ ڪيائين. هن جي مطابق هر مسلمان کي هن سان وفادار ٿي رهڻ ايمان جو حصو آهي. اسلام جي پنج رڪنن مان ”حج“ ڪڍي ”جھاد“ رکيو. هن پراڻا اسلامي ڪتاب سڀ ساڙائي ڇڏيا ۽ توبهه نعوذ بالله ڪلمي ۾ هي سٽون وڌايون ته ”محمد احمد“ الله جو مھدي ۽ حضرت محمد صلعم جو نمائندو آهي....
مھديءَ جي اهڙن ڪمن ڪري سوڊان جو صحيح قسم جو مذهبي طبقو کيس سٺو نٿو سجهي. ساڳي وقت سندس مريد به انيڪ نظر اچن ٿا... جيئن اسان وٽ به هر قسم جي نقلي پير جا به جام مريد ٿين ٿا. دين جي صحيح تعليم هڪ طرف ناهي ته ايمان جي ڪمزوري ٻي طرف آهي. اڄ به دنيا جي ٽي وي تي خبر پئي هلي ته سرگوڌا ۾ ڪنھن نقلي پير پنھنجي ويهه کن مريدن کي زهريلي چانھه پياري ماري ڇڏيو.
سوڊان جي هن هٿ ٺوڪي مھديءَ تي گذريل 130 کن سالن ۾ ڪيترائي ناول، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺھي چڪيو آهن. انھن مان هڪ 1912 جو تمام مشھور ناول: In Desert and Wilderness آهي، جيڪو پولينڊ جي نوبل پرائيز کٽڻ واري ليکڪ هينري سنڪي وز (Henry Sienkiewicy) جو آهي. جنھن ناول جي آڌار تي ٻه دفعا فلمون به ٺھي چڪيون آهن. هڪ 1973ع ۾ ۽ ٻي 2001 ۾. هن ناول جي دلچسپ پلاٽ بابت اڳتي هلي ٿا احوال ڪريون.
”ان ڊيزرٽ ائنڊ وِلڊرنيس“ فلم کان سواءِ هڪ ٻي ”خارطوم“ نالي 1966 جي فلم آهي، جنھن ۾ سوڊان جي پنھنجو پاڻ کي مھدي سڏرائڻ واري محمد احمد بن عبدالله (1885_1844ع) جي زندگي جو احوال آهي. هن فلم ۾ مھدي ان وقت جو مشھور آمريڪن ائڪٽر ”لارينس اوليور“ ٿيو هو. هي ائڪٽر 82 ورهين جي ڄمار ۾ 1989ع ۾ گذاري ويو پر اسان جي ڪاليج ۽ جھاز جي نوڪري وارن ڏينھن ۾ گهڻن جو دلپسند ائڪٽر هو ۽ سندس ڪيتريون ئي فلمون حيدرآباد جي صدر واري سئنيما مئجسٽڪ ۽ ڪراچي جي بامبينو ۽ اسڪالا ۾ ڏٺيونسين، جيئن ته :ودرنگ هائيٽس، ريبيڪا، دي بئائز فرام برازيل (1978)، دي مون ائنڊ سڪس پينس، ڪئٽ آن اي هاٽ ٽِن روف (1976ع) ، دي بائنٽي (1984)، ڊراڪولا (1979)، وغيره. خارطوم نالي 1966ع واري فلم ۾ انگريز فوجي جنرل گورڊن جو جيڪو حشر سوڊان جي هن مھدي جي مريدن (انصار/درويشن) ڪيو، اهو ڏيکاريو ويو آهي. ڏسڻ جھڙي فلم آهي. ٿي سگهي ٿو هيءَ فلم Net يا يوٽيوب تي هجي.
سوڊان جي هن مھدي جي زندگي بابت ٻين به ڪيترين فلمن ۾ چيو وڃي ٿو، جيئن Dad’s Army ٽاپي ٽروي، دي فور فيڊرس وغيره. هينئر هڪ تازو ناول 2008ع جو After Omdurman (آفٽر ام درمان) جان فيري جو لکيل آهي، جنھن ۾ جنرل ڪچنر جي سوڀ ۽ مھدي جي جانشين ”خليفا“ جي شڪست جو احوال آهي. اهڙي طرح ولبر سمٿ جي ناول The Triumph of the Sun ۾ مھديءَ جي خارطوم تي حملي ۽ سوڀ بابت احوال آهي.
سوڊان جو اڄ جو مھدي جانشين ۽ سياسي ليڊر ”صادق المھدي“ سيد عبدالرحمان جو پوٽو آهي، جنھن سوڊان ۾ امھ سياسي پارٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ صادق المھدي سوڊان جي وڏي مھدي محمد احمد بن عبدالله جنھن جي لشڪر انگريز جنرل گورڊن جو قتل ڪيو، جو پڙ پوٽو يا تڙ پوٽو آهي.
صادق المھدي 1935ع ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ام درمان ۾ ڄائو ۽ ٻه دفعا وزيراعظم ٿيو. هڪ دفعي 1966ع کان 1967ع تائين ۽ ٻيو 1986ع کان 1989ع تائين. پاڻ امھ پارٽي جو سربراهه ۽ انصار جو امام آهي. سندس وزيراعظم جو ٻيو دور اڃا مڪمل نه ٿيو هو ته فوج جي هڪ ڪرنل عمر البشير هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ”وزيراعظم“ جي پوسٽ ئي ختم ڪري ڇڏي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سوڊان جھڙا ملڪ جيڪي قدرتي وسيلن سان به مالا مال آهن، اهي ترقي ڇو نٿا ڪن؟ اهو ان ڪري جو هڪ ته ڪرپٽ حاڪمن جو راڄ رهي ٿو ۽ وري ڪو سياسي ليڊر ڪجهه چڱا ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ته فوج جو ڪو ڪرنل، برگيڊيئر يا جنرل اوچتو نموندار ٿي هن کي لاهي پاڻ حاڪم ۽ رياست جو چئمپين ٿيو وڃي. جيئن هينئر صادق المھدي جي هلندڙ حڪومت کي ڊاهي ڪرنل عمر البشير ملڪ جو والي وارث ٿي ويھي رهيو آهي. جيتوڻيڪ صادق المھدي نه فقط دين جو ڄاڻو هو پر ماڊرن تعليم جو به. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان فلاسافي ۽ ايڪنامڪس ۾ B.Sc ڪئي ۽ ساڳي يونيورسٽي مان پوليٽڪس ۾ M.Sc ڪئي. صادق المھدي ڪيترن ئي مذهبي ۽ سياسي ڪتابن جو ليکڪ آهي، جيئن ته :
The Southern Question (1964)
Speeches in Exile. (1976)
Question on Mahdism (1979)
Democracy in Sudan: Will Return and Triumph (1990)
Challenges of Nineties (1991). وغيره وغيره.
عوام طرفان چونڊيل، پڙهيل لکيل وزيراعظم صادق المھديءَ جي ته سندس ٽرم کان اڳ ٿي ڇٽي. فوجي آفيسر ڪرنل عمر البشير ڏنڊي جي زور تي سوڊان جو حاڪم ٿي ويٺو. کل جي ڳالهه اها آهي ته سوڊان هجي يا يوگنڊا يا آفريڪا جو ٻيو ملڪ يا اسان جي ايشيائي ڪنھن ملڪ ۾ سياسي حڪومت کي ڪيرائي جڏهن ڪو فوجي حاڪم ٿي ٿو وهي ته هو ان کي انقلاب ٿو سڏي ۽ وڏي فخر سان اهو ئي چوي ٿو ته مون Bloodless Coupآندو يعني بنا ڪنھن قتل جي انقلاب آندو! سائين غريب ماڻھو ته سياسي ٺڳ حاڪمن کان به پيا ڊڄن، اهي ڪھڙي فوجي ڪرنل جرنل سان مھاڏو اٽڪائيندا. اهو ئي حال سوڊان جو آهي. نئون آيل فوجي ڊڪٽيٽر جتي ڪٿي ملڪ جي ترقيءَ جي نالي ۾ اهي اهي تبديليون آڻي ٿو جيڪي کيس سولائي پھچائين ٿيون ۽ ملڪ جو ٻيڙو ٻڏيو وڃي. احتجاج ۾ عوام ته ڇا ٻڙڪ ڪڇندو جوڊيشري به ماٺ ٿيو وڃي ۽ اسان جا ماڻھو ته اهڙن مثالن کان چڱي طرح واقف آهن. ايندڙ ڊڪٽيٽر ملڪ جو آئين ئي بدلايو ڇڏي. هن ڪرنل عمر به سوڊان تي قبضو ڪري چونڊيل وزيراعظم کي ته ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏيو پر سموريون سياسي پارٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ ظاهري طرح اسلامي قانون لاڳو ڪرڻ جي خوشخبري ڏني. پوءِ جڏهن ٺھي ٺڪي ڪرسيءَ تي ويٺو ته پنھنجي سيٽ مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج ۽ سول جي اعليٰ عملدارن کي لاهڻ يا مارڻ لڳو، اخبارون بند ڪرڻ لڳو ۽ اهم جرنلسٽن ۽ سياستدانن کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو. مجال آهي جو ڪو سندس خلاف ٻڙڪ به ڪڇي. چئن سالن بعد 1993ع ۾ ڪرنل صاحب پنھنجو پاڻ کي ملڪ جو صدر بڻايو، اهو ئي جيڪو اسان وٽ به ٿيندو رهيو آهي. هن نه فقط پاڻ کي صدر بڻايو پر ملڪ جا اهي انتظامي (Executive) ۽ قانون ٺاهڻ جا اختيار (Legislative) پنھنجي هٿ ۾ رکيا. در اصل انگريزن ۽ يورپين اسان جي ملڪن کي لٽڻ ڦرڻ ڇڏي انھن کي اسان جي حوالي ڪيو ته جيئن اسين ملڪ کي ۽ پنھنجو پاڻ کي خوشحال ڪريون، پر پوءِ جتي ايماندار سياستدان رهيا، ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر، اتي خوشحالي آئي باقي جتي ٺڳ قسم جا سياستدان آيا اتي هنن فوجين کي مجبور ڪيو يا هرکايو ته اچو اچي ڦر لٽ ڪيو. سو هتي سوڊان ۾ ڪرنل عمر البشير حاڪم ٿي ويھي رهيو ۽ لڳاتار ٽي دفعا صدارت جي چونڊ کٽيائين. ڪيئن نه کٽيندو؟ ڪنھن جي ڪهڙي مجال جو هن کي ڪو ووٽ نه ڏئي. ڪرنل عمرالبشير جنھن پنھنجي فوجي رئنڪ به نٿي ڇڏي ۽ هاڻ ڪرنل مان برگيڊيئر ٿي ويو ، ايڏي وڏي پئماني تي مار ماران (Mass Killing) ريپ ۽ ظلم ڪيا_ خاص ڪري الھندي صوبي دارفر جي ماڻھن سان جو ڏوهارين جي بين الاقوامي ڪورٽ هن تي 2009ع ۾ ڪيس ڪيا ۽ هن جي ڪري سڄو سوڊان بدنام ٿي ويو. پاڻ ته چوي ٿو ته مون دارفر ۾ فقط 10 هزار ماڻھو ماريا پر ٻيا ذريعا اهو ئي چون ٿا ته ٻن کان چئن لکن تائين ماڻھن جو قتل ٿيو. بين الاقوامي ڪورٽ 2010ع ۾ هڪ دفعو وري عمر البشير جي خلاف قتل عام وارنٽ موڪليو.
عمر البشير 1944ع ۾ خارطوم جي اتراهين علائقي ”هوش بناگا“ ۾ ڄائو. سندس وڏا عربستان مان سوڊان آيا هئا. بنيادي تعليم خارطوم ۾ وٺڻ بعد عمر 1960ع ۾ سوڊاني فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ان بعد مصر جي مليٽري اڪيڊمي مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد 1966ع ۾ هڪ دفعو وري خارطوم جي ”سوڊان مليٽري اڪيڊميءَ“ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ آرمي ۾ پئراٽروپر جي برانچ ۾ رهيو. جيئن اسان جو فوجي صدر مشرف ڪمانڊو هو ۽ هر وقت چوندو هو ته ”مين ڪمانڊو هون.“ اهڙي طرح هن سوڊاني فوجي صدر جو به ”پئراٽروپر“ هجڻ تي وڏو ناز آهي. بھرحال گذريل 28 سالن کان عمر البشير سوڊان جو صدر ٿيو ويٺو آهي. انھي دوران سوڊان جا ٻه حصا به ٿي ويا. 2011ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ 98 سيڪڙو ڏکڻ سوڊانين الڳ رهڻ چاهيو ۽ سوڊان جو ڏاکڻو حصو الڳ ٿي ويو جنھن جو نئون نالو ”ڏکڻ سوڊان“ رکيو ويو. باقي اتر واري حصي جو ساڳيو نالو ”سوڊان“ آهي ۽ اتر وارو سوڊان اڃا فوجي آفيسر برگيڊيئر عمر البشير جي چنبي ۾ آهي. بقول هڪ سوڊاني دوست جي ته ”پاڪستاني وري به خوش نصيب آهن جو انھن جي ملڪ ۾ ڪو فوجي ڊڪٽيٽر اچي ٿو ته ڏهه سال کن مس ٿو رهي ۽ اهو وري به اهڙو ظالم نٿو رهي ۽ ملڪ جي سويلين حاڪم کان وڌيڪ ترقي ڪرائي ٿو.“
28 سال سوڊان جو حاڪم رهڻ بعد به عمر جي دل ڀري ناهي جو کڻي ڪنھن نوجوان سياستدان کي حڪومت جو موقعو ڏئي. عمر البشير ڪو ننڍو ناهي منھنجي عمر جو آهي، بلڪه مون کان به سال کن وڏو آهي. بقول مھاتير ۽ “لي ڪئان يو” جي 65 سالن بعد سياستدان کي حڪومت ڪرڻ بدران صلاحڪار ٿي رهڻ کپي. عمر البشير هن وقت 75 سالن جو آهي. هن عمر ۾ هو ذهني يا جسماني طرح ملڪ ۽ عوام جي ڪھڙي خذمت ڪري سگهي ٿو... پر پاور اهڙي شيءِ آهي جنھن کي ڇڏڻ تي هن جي دل نٿي چوي. بلڊ پريشر، ڊائبٽيز، دل جي عارضي، ڪولسٽرول ۽ ٻين بيمارين جي باوجود هو پاور کي چھٽيو پيو آهي.