ملائيشيا جي ريلوي اسٽيشن
مسٽر رينگانير سان منهنجي ملاقات عجيب نموني سان ۽ اوچتو ٿي. اسان جي شهر ملاڪا کان اٽڪل چاليهه ميل پري_ڪوالا لمپور ڏي هڪ ٻيو وڏو شهر سيريمبان Seremban نالي آهي.جيڪو ملاڪا ۽ جوهور بارو جي وچ ۾ هي شهر آير حطام آهي. آير حطام جوهور رياست ۾ آهي پر سيريمبان ملائيشيا جي هڪ ٻي رياست نيگري سيمبيلان Negre Sembilan جي گاديءَ جو هنڌ آهي.جيئن ڪوئيٽا بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ پشاور سرحد جو.
هڪ دفعي پنهنجي ورتل سيڪنڊ هئنڊ ڪار کي آزمائڻ لاءِ سيريمبان تائين يڪ ساهيءَ هلائي ويس. رستي تي سڪرنڊ، سعيد آباد، شهداد پور نموني جا ننڍا شهر؛ لوبڪ چينا، لنگي، رنتائو نالي ستن اٺن ميلن جي فاصلي تي ايندا رهيا.
سيريمبان پهچي اندر گهڻو ته نه گهميس پر شهر جي ٻن مکيه رستن تي اچ وڃ ڪيم جيڪي ائين آهن جيئن حيدرآباد جو اسٽيشن روڊ ۽ رسالا روڊ (فرق فقط اهو آهي جو سيريمبان ۾ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ ڪٿي به انڪروچ مينٽ ناهي ،جيڪا اسان جي ملڪن ۾ عام آهي _ پوءِ چاهي ڪراچي ڪشمور هجي يا ڪولمبو ڪئنڊي. بمبئي بڙودا هجي يا باريسال باريپور. اها پِٽَ اهڙي آهي جو سڄي شهر جي به سونهن ناس ڪري ڇڏي ته پيادن ۽ سوارين وارن لاءِ به مصيبت ڪريو ڇڏي.)سيريمبان جي سهڻي شهر جي هڪ ڪنڊ وٽ هڪ چيني عورت کي ڪمند ۽ ناريل جو رس وڪڻندو ڏسي ڪار بيهاريم.
ٽيهن سينٽن (پوڻي ٻي رپئي) ۾ ٺوٺ جيڏو گلاس، ڪمندجي نج رس جو ڏيئي رهي هئي- سو به برف بنا، گاڏيءَ کي پاسي تي پارڪ ڪري رس جو گلاس وٺي پيئڻ لڳس. ته سامهون چوراهي وٽ هڪ عمارت نظر آئي جنهن جي شڪل شبيهه ۽ نمونو ڏٺل وائٺل ٿي لڳو ۽ سمجهي ويس ته پڪ ريلوي اسٽيشن هوندي جو انگريزن ريلوي اسٽيشن جو نمونو ڪراچي، ڪولمبو، ڪئنڊي، لاهور، ڍاڪا، دهلي، سنگاپور ۽ ڪالا لمپور وغيره جتي ڪٿي ساڳيو ئي رکيو آهي. سو وري شهر ڏي ويندڙ رستي تي مڙي ڪار اچي ريلوي اسٽيشن اڳيان پارڪ ڪيم. اسٽيشن جي در اڳيان اس ۽ مينهن کان بچاءَ لاءِ ٺهيل ڪماني پورچ ۾ پوليس کاتي جي ڪار بيٺي هئي ۽ ڀر ۾ بورڊ تي ملئي زبان ۾ لکيل هوته سواءِ پوليس ۽ ريلوي عملدارن جي ٻين کي هت ڪار بيهارڻ جي اجازت ناهي.
ڪار پورچ جي مٿان ريلوي اسٽيشن جو ” ڪلاڪ ٽاور“ (گهنٽا گهر ) هو جنهن جو گهڙيال انگريزن جي ڏينهن ۾ ته پڪ وقت ٻڌائيندو هوندو پر هاڻ ڪٻرن جو ”مئٽرنٽي هوم“ هو - جو رکي رکي هڪ ڪٻر پٽ تي پوکيل گاهه مان ڪجهه کڻي پنهنجن ٻچن کي کارائي رهي هئي- يعني Feed ڏئي رهي هئي - سندس ٻچا فقط کائڻ مهل ماٺ ۾ هئا باقي وقت چر پر ڪري رهيا هئا.
ريلوي اسٽيشن جي اندر منهن وٽ هڪ روايتي قسم جي لوهي شيخن واريءَ دريءَ سان ننڍڙوٽڪيٽ گهر هو جنهن جو واندو ڪلارڪ اٻاسيون کائڻ سان گڏ رکي رکي ايندڙ گراهڪ کي ٽڪيٽون به ڏئي رهيو هو. گراهڪن جي اڻ هوند مان اندازو لڳائڻ سولو هو ته اسان جي ملڪن وانگيان هتي به اڄڪلهه گهڻا ماڻهو ٽرين بدران بس ٽئڪسين ۾ چڙهن ٿا.۽ هتي ويتر گهڻي پئسي ڪري هر ماڻهوءَ وٽ ڪار آهي يا هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي پينانگ، ڪوالا لمپور، اپوح، الور اسٽار، ملاڪا، جوهور بارو، ڪوٽابارو ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هوائي اڏا ٺهي ويا آهن. ۽ روز بروز اڏامن جو نمبر به وڌندو پيو وڃي. ڪوالا لمپور کان سنگاپور ته هاڻ هر اڌ ڪلاڪ کان بعد جهاز ٿو اڏامي ۽ ٻنهي پاسن کان ماڻهو ائين لهن چڙهن جيئن بس ۾
سيريمبان ريلوي اسٽيشن جو اندريون نمونو پڻ بلڪل پاڪستاني ريلوي اسٽيشن وانگر آهي. بلڪه ٽيبل ڪرسيون به اهڙي نموني ۽ ڊزائن جون رکيل هيون. ويٽنگ روم ۾ اهي ڊگهيون ۽ روايتي آرام ڪرسيون پڻ هيون. جيڪي ويجهڙائيءَ تائين پاڪستان ۽ انڊيا جي ريلوي اسٽيشن تي پڻ هيون. ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪنهن ڪنهن اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ هڪ اڌ بچيل هجي جنهن جي ٻانهن هيٺان، هڪ هڪ وڌيڪ ڪاٺ جي پٽي، گول ڦري ٻاهر نڪري آئي، جن تي فرسٽ ڪلاس جا مسافر ٽنگون ٽيڙي بالم ٿي دير سان ايندڙ ٽرين جو انتظار ڪندا هئا.
ڪنڊ تي اسٽيشن ماسٽر جو ڪمرو (آفيس) هو جنهن سان لڳ ڪلف لڳل ڪاڪوس جنهن جي چاٻي سندس ٽيبل جي ساڄي پاسي مٿئين خاني ۾ فائيل هيٺان لڪل. آئون جيتوڻيڪ ان کان اڳ ئي موٽيس ٿي، پر ور ي دل چيو ته ليئو پائي ڏسان ته ڪير آهي. ڇاکڻي ڏسان ته مار! ريلوي اسٽيشن ته ساڳي پر ريلوي ماسٽر به ساڳئي ان نموني ۽ بيهڪ واو جيڪي انگريزن جي ڏينهن کان اسان وٽ هلندا اچن. آئون ڪا دير سندس آفيس جي چائنٺ وٽ پنڊ پهڻ ٿي کيس ڏسندو رهيس. ان بعد هن مرڪي مون کي هيلو ڪيو. ۽ مون وڌي ساڻس هٿ ملائي ڪجهه ڳالهائڻ خاطر ته پڇيو هتان ٽرين ڪيڏي مهل ويندي؟