1968
سکر
1968 – 1 – 15
سائين دادا سنڌي
سدائين سرها رهو!
جيئي ماتر ڀومي. عرض تہ توهان جو پريت ڀريو پتہ مليو. سڄڻن جي ذهني پيڙا جي پڻ پرک ٿي.
سائين جيون ۾ اهي ئي تہ ڳالھيون آهن. جيڪي جيون کي يا تہ بلڪل مايوس ڪريو ڇڏين يا وري وڙهڻ لاءِ اڀارين.
جيون جا هي ڪيڏا ڪيڏا
سور سٺا سون پيارا
خير انھن ڳالھين جي گهڻي پچار، انسان کي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي مقصد کان هٽايو ڇڏي. ليڪن وقتي طور تي انسان ڪڏهن بہ پنھنجي مقصد کان ڪين هٽندو آهي. ماڻھن جي ذهني ارتقا لاءِ ماڻھو جي ذهن کي تمام گهڻين ڏکين مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. ڪن ڪن ماڻھن کي اسان پاڻ ذهني پيڙا ۾ مبتلا ڪندا آهيون. ها انھن کان ڪافي غلطيون ٿينديون آهن. ليڪن انھن جي سچائي ۽ خلوص ساڳيا هوندا آهن ۽ پوءِ بہ اسين ان شخص جي ذهنيت ۽ نفسيات کي سمجهڻ بجاءِ، سندس نيتن تي شڪ ڪندا آهيون ۽ اهڙي طرح ڪافي پيارا ۽ مٺڙا ساٿي راھہ کان الڳ ڪندا آهيون.
جڏهن اُهي ساٿي انھي رويي تي وڦلندا آهن يا احتجاج ڪندا آهن تہ اسان جا ساٿي ان کي ڪريڪ يا ڪنھن ٻئي لقب سان نوازيندا آهن. اهو بلڪل سچ آهي تہ شخصيتون تاريخ نہ ٺاهينديون آهن. پر پوءِ بہ ڪن شخصيتن جي هيڏي هوڏي ٿيڻ سان ماحول ۾ تمام وڏو ڦيرو ايندو آهي ۽ اهڙي طرح تاريخ ڪي نوان شخص ٺاهيندي آهي يا اهم شخص ڊاهيندي آهي. اهو ڦيرو ان وقت جي گهرج مطابق هوندو آهي. اهو چڪر سمجهڻ اسان لاءِ تمام سخت ضروري آهي. جيئن ڪنھن بہ اديب، شاعر يا ڪارڪن جي باري ۾ غلط راءِ قائم نہ ڪري سگهجي. جيئن ناز سنائي ، راشد ۽ تاج لاءِ رايا قائم ڪيا ويا آهن. حالانڪ اهو سندس ڀُل آهي. زياد سک آهن.
اوهان جو
نعيم احمد ناز
14
رتو ديرو
1968 – 11 – 4
جاني
آثم صاحب کي لکيل، توهان جي تازي خط ۾، پنھنجي باري ۾ لکيل چند سٽن، مون کي خط لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پر مان خط و ڪتابت جو سلسلو وري اتان کان شروع ڪيان ٿو، جتان ڇڏيو هوم. تنھن ڪري توهان جي 67 – 11 – 17 تي لکيل خط جو جواب 68 – 11 – 4 تي ڏيئو رهيو آهيان. اهڙو مثال توهان کي سنڌي خط و ڪتابت جي تاريخ ۾ مشڪل ملندو. جو خط لکيو ويو هجي. 67 – 11 – 17 تي ۽ ان جو جواب ڏنو ويو هجي. 68 – 11 – 4 تي. بھرحال جواب حاضر آهي، ملاحظ فرمايو.
پنھنجي خط ۾ توهان جيڪو جملو لکيو آهي تہ ” قربدار! اها بک ۽ پيٽ تہ آهي، جيڪو انسان کي انسان جو غلام بنائي ٿو.“ اوهان روپئي جا ويھہ آنا سچ چيو آهي. بک ۽ پيٽ ۽ غلامي جي باري ۾ لکيل منھنجا ٻہ شعر مطالع ۽ ملاحظہ فرمايو،
بک ۽ پيٽ
هڻون ڪنھن کي ٿڏا، ڪنھن کي هٽايون
وفا! رستي جو پٿر پيٽ آهي
غلامي
ڳجهن، ڪانون، ڪتن جي بادشاهي
غلامي گندگيءَ جو ڍير آهي
پنھنجي خط جي آخر ۾ مون کان ، اوهان ڪي ادبي سوال پُڇيا آهن. جن جا وس آهر جواب ڏيان ٿو.
اوهان جا سوال هيءَ آهن.
1. اوهان شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
2. اوهان تي ڪھڙن شاعرن جو اثر آهي؟
3. عشقيہ شعر لکڻ مان اوهان جي ڇا مراد آهي؟
4. سماجي شاعري کي، عشقيہ شاعريءَ تي ترجيح ڏيو ٿا يا نہ؟
پھرين سوال جي جواب ۾ مان چوندس تہ مان شاعري ڪرڻ جو قائل نہ آهيان، شاعري ٿي وڃڻ جو قائل آهيان. شاعري ڪرڻ وارن جو ڪلام ” برساتي ڪيڙن“ کان مٿي اهميت نہ ٿو رکي. قافيه پيمائي ۽ تُڪ بندي اهڙي قسم جي شاعرن جو ” ٽريڊ مارڪ“ آهي.
لطيف ۽ سچل شاعري ڪئي نہ هئي، بلڪ انھن کان ٿي وئي هئي. هينئر بہ ٻيا شاعر، شاعري ڪن ڪونہ ٿا پر انھن کان ٿي وڃين ٿي. دل سي جو بات نکلتي هي اثر رکهتي هي. جيڪڏهن ” لڪير جو فقير “ نہ بڻجي اوهان جي ٻئي سوال جو جواب ڏيان تہ مون تي ڪنھن بہ شاعر جو اثر نہ آهي، اها جُدا ڳالھہ آهي تہ ڪي شاعر مون کي وقتي طور وڻي ويندا هجن. وقتي طور وڻي وڃڻ ۽ متاثر ٿيڻ ساڳي ڳالھہ نہ آهي. منھنجي خيال ۾ هر حساس شاعر پنھنجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. توهان جنھن دور جي شاعرن جو بہ مطالع ڪندا، توهان کي مرڪزي خيال ساڳيو ملندو.
هن دور جو شاعر بم ۽ بارود، بُک ۽ افلاس، ظلم ۽ ستم کان متاثر آهي نہ ڪنھن شاعر کان.جڏهن زلف ، رُخسار ۽ گُل و بلبل جي شاعري يعنى ” ادب برائي ادب “ جو زمانو هو، تڏهن شاعر کان شاعر متاثر ٿي ويندو هو. هينئر ” ادب برائي زندگي “ جو زمانو آهي. زندگي جا مسئلا هر ڪنھن شاعر جي آڏو زلف پريشان وانگر کنڊيا پيا آهن. هينئر بک ۽ بيماري، بم ۽ بارود، ظلم ۽ ناانصافي جا تجربا هر شاعر کي ذاتي طور ٿي چُڪا آهن. تنھن ڪري شاعر کان شاعر جو متاثر ٿيڻ لاءِ ڪوسو دل پيدا نہ ٿو ٿئي. ائين صحيح آهي تہ هر شاعر پنھنجي ڄاڻ آهر مسئلي کي اهميت ڏئي ٿو ڇو تہ ” وهان تک ديکھہ سکتا هي، نظر جن کي جھان تک هي.“ توهان اياز کان وٺي پرواني ڀٽي تائين سڀني شاعرن جو ڪلام پڙهي ڏسو، توهان کي ساڳي ” دانھن ڪوڪ “ ملندي پر سوز ۽ درد ۾ فرق هوندو.
ٽئين سوال جو جواب :
جيڪڏهن عشقيہ شاعريءَ مان اوهان جي مراد محض عورت جي ڇاتين ، چپن، ڳٽن ، ڪُلھن، ٽنگن، چيلھہ ۽ خال خال جي ساراھہ آهي تہ پوءِ مون کي اوهان جي شاعر هجڻ تي شديد شڪ آهي. ڇو تہ شاعر جو تعلق شعور سان آهي ۽ شعور شاعر هر طرف کان بالغ هوندو آهي. منھنجي نظر ۾ اُهو شاعر ئي ناهي جنھن جي عشق جو محور رڳو عورت جي جنسياتي، جذباتي ۽ شهواني دائري جي گرد ڦري ٿو. اهڙي قسم جي عشق جي اهميت ۽ افاديت هڪ گهاڻي جي ڏاند کان مٿي نہ آهي.
جيڪڏهن ائين ناهي تہ پوءِ اهو سوال اوهان خدا ۽ رسول کان پڇو، عيسى ۽ منصور کان پُڇو ، موسى ۽ طور کان پُڇو ، ابراهيم ۽ اسماعيل کان پُڇو. حسن ۽ حسين کان پُڇو، هوشو ۽ دريا خان کان پُڇو، جي ايم سيد ۽ اياز کان پُڇو، مون کان وڌيڪ اهي توهان کي سمجهائي سگهندا.
توهان جو چوٿون ۽ آخري سوال آهي تہ ” سماجي شاعري کي عشقيہ شاعري تي ترجيھہ ڏيو ٿا يا نہ؟
جواب آهي تہ مان ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ کي ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ تي ترجيھہ ڏيڻ جو قائل نہ آهيان. ڇو تہ مٿي مان لکي آيو آهيان تہ شاعر ماحول کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ماحول کان متاثر ٿي شاعري ڪري ٿو. توهان لکنئو جي نوابي دور جي شاعري پڙهي ڏسندا تہ توهان کي رڳو زلفن و زخسار، گل و بلبل، ڪباب و شراب ۽ هجر و وصال جا قصيدا ملندا. ڇو تہ اهو دور عورت کان متاثر هو ۽ شاعر ان دور کان. تنھن ڪري توهان کي ان دور جي تقريباً سموري شاعري تي عورت ئي سوار نظر ايندي.
جيڪڏهن توهان چئو تہ ان دور جي شاعر عشقيہ شاعري کي سماجي شاعري تي ترجيح ڏني آهي تہ اهو غلط ٿيندو. ڇو تہ ان دور جي شاعر پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. اهو دور عورت جو استعمال ٿيڻ جو دور هو. تنھن ڪري شاعرن جو مرڪزي موضوع عورت هوندو هو.
هن دور جو شاعر پنھنجي ماحول کان متاثر آهي ۽ ماحول جي عڪاسي ڪجهہ اهڙي نموني ڪري ٿو.
سو پيارا! ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ کي ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ تي ترجيح نٿي ڏيئي سگهجي.
جيڪڏهن توهان مون کان سوال پڇو تہ هن دور جا شاعر عشقيہ شاعري ڇو ٿا ڪن تہ اُن جي جواب ۾ مان فقط ايترو چوندس تہ ماحول جي لحاظ کان هن دور جي عشقيہ ۽ هُن دور ۾ عشقيہ شاعري ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. ڇو تہ لکنئو جي دور ۾ عشقيہ شاعري مان مراد رڳو عورت کي ” استعمال ڪرڻ “ هئي ۽ انھي ئي سبب ڪري سندس ضرورت کان زياده ساراھہ ڪئي ويندي هئي ۽ اها ساراھہ فقط جسم جي نشيب ۽ فراز جي هوندي هئي. ۽ اهڙي نموني ۾ئي چٽي ويندي هئي جو عورت جا جنسياتي جذبات بُري طرح سان مغلوب ٿي ويندا هئا. کيس ڀرپور ساراھہ جي ڄار ۾ ڦاسائي کائونس هر جائز و ناجائز فائدو حاصل ڪيو ويندو هو. ڇو تہ عورت جي ڀرپور سارھہ سندس ڏُکندڙ رڳ آهي. ان دور جو عشق، عشق نہ هو. وحشانيت ۽ حيوانيت هئي. ان جي برعڪس هن دور جي شاعرن عورت کي سندس اصلي ۽ صحيح مقام ڏيکاريو آهي. چڪلي ۾ ڏسي کيس بري طرح ٽوڪيو آهي. ناچ گهر ۾ ڏسي کيس نديو آهي. پنجن روپين تي عصمت لٽائيندڙ کي ڏسي، کيس حوا جو تقدس ياد ڏياريو آهي. پاڪ محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي، خلوص ۽ وفا، همدردي ۽ شعور جو درس ڏنو آهي.
هن دور جو عشق عشق آهي، پاڪ ۽ پوتر عشق، عظيم ۽ مقدس عشق، روحاني ۽ لافاني عشق. پُر خلوص ۽ باوقار عشق. عورت کي سندس اصلي ۽ صحيح مقام تي ڏسڻ جو عشق. عورت کي، مريم، سيتا ۽ ماروي جي روپ ۾ ڏسڻ جو عشق، عورت کي اڀارڻ ۽ جيارڻ جو عشق وغيرہ وغيرہ.
توهان جيڪڏهن ساحر لڌيانوي، احمد فراز ، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي ۽ امداد حسيني جو ڪلام پڙهندا تہ اوهان کي چڱي طرح معلوم ٿي ويندو تہ عورت بازي ٻيو عشق آهي ۽ عورت شُناسي ٻيو.
ٻيو سڀ خير
اوهان جو سست، ڪاهل ۽ آرسيل دوست
وفا ناٿن شاهي
ايڊريس : وفا ناٿن شاهي ، پوسٽ آفيس خيرپور ناٿن شاھہ، ضلع دادو سنڌ.
15
بلاول ” پرديسي “
ايم اي
ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد
1968 – 11 – 13
محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم !
اوهان جو محبت نامو موصول ٿي مسرت جو باعث بڻيو. ياد آوري جو شڪريو!
ادا توهين ۽ اسين حقيقت ۾ هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا آهيون ۽ اهي پانڌيئڙا جن جو عزم ۽ تخيل هڪڙو ئي آهي. اهڙي طرح خيال ۽ فڪر جي هم آهنگي ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي مرڪز تي آڻي ملائيندي آهي.
اوهان سان غائبانہ دوستي جي دم ڀرڻ جو سبب ادبي دنيا جي وسعت آهي. اها وسعت جنھن جي گھراين ۽ اوهان جا ادبي شھپارا جلوہ افروز آهن.
مجنون صاحب نھايت ئي انسان دوست ۽ بااخلاق شخص آهي. سندس ذات جي تعريف جي بندہ جي قلم کي طاقت ناهي. ڇو تہ اهڙي همہ گير شخصيت جي وصفن بيان ڪرڻ لاءِ ڪنھن بہ اعلى شخصيت جي ضرورت آهي. بندہ طرفان سندس خدمت ۾ نياز ۽ سلام عرض رکندا.
اوهان بندہ جي ڪتاب ” زندگي ۽ حادثا“ بابت جيڪا گوهر افشاني ڪئي آهي. ان لاءِ آئون اوهان جو نھايت ٿورائتو آهيان. دراصل اهو اوهان جو ” حسن ذن “ آهي جو چڱين شين کي پرکي قدر جي نگاھہ سان ڏسو ٿا.
اخبار تعليم جيئن تہ سرڪاري رسالو آهي، تنھن ڪري اهو ممڪن آهي تہ سرڪاري پاليسي موجب اوهان جي مضمون ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي.
هن طرف ڪڏهن اچڻ ٿئي تہ زيارت کان محروم نہ ڪندا.
اوهان جو
” پرديسي “