آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سڀاش چندر بوس

قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 98
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Subhash Chandar Boss

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر : 85
ڪتاب جو نالو : سڀاش چندر بوس
موضوع : جيوڻي/سوانح حيات
ليکڪ : قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ
ڪمپوزنگ : سڦلتا ڪمپوزرس
ٽائيٽل ڊزائين : عباس ڪوريجو
پهريون ڇاپو : 1988ع
ڇپائيندڙ : عادل حق سنڌي ۽ انور جويو
ٻيون ڇاپو : 2023ع
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد


03333788478Cell:
Email: safalta.mag@gmail.com

قيمت: 400 روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع


Subhash Chandar Boss
(Biography)
Qamar Bhatti Advocate
Year : 2023
Published by: Saphalta Publication Hyderabad

پهرئين ڇاپي جي ارپنا

ڪراچيءَ جي جيلن ۾ قيد پنهنجي پيارن دوستن ۽ قومي قافلي جي ساٿين بشير احمد قريشي،
فيض جکرو،
سيد اصغر شاهه،
انيس پيرزادو،
ممتاز تنيو،
سيد منير شاهه،
حيدر کوسو،
حامد ملگاڻي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي نالي...
جن جوڌن جيلن ۾ وڏي همت ۽ حوصلي سان زندگي ۽ زنده دليءَ جي سدابهار ڪيفيت پيدا ڪري اهو ثابت ڪيو ته حڪومت جي هر سزا ۽ تڪليف کي سنڌ ي خاطر راحت ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا.

قمر ڀٽي
سياسي قيدي
سينٽل جيل ڪراچي
12 سيپٽمبر 1988ع
اسپيشل وارڊ1

ٻي ڇاپي جي ارپنا

سياسي شاگرد ۽ ساٿي
دودي ديشي
جي نالي. . .

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان قمر ڀٽيءَ جو لکيل ڪتاب ”سڀاش چندر بوس“اوھان اڳيان پيش آهي.
قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1988ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سفلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail. com
sindhsalamat. com
books. sindhsalamat. com

سڀاش چندر بوس

 اسان جو هر عمل سامراج خلاف جنگ جو اعلان ۽ پڙاڏو آهي، جيڪڏهن رستي هلندي اسان کي موت بہ مليو تہ انھيءَ کي خوشيءَ سان سان کيڪاري ڳلي لڳائبو، پر اهو خيال رکجو تہ اسان جو آواز ڪنھن ماڻھو تائين پھچي جيڪو اسان کان پوءِ اسان جي هٿيارن کي استمعال ڪري سگهي.
چي گويرا

 زندگي بغير بغاوت جي ايئن آهي. جيئن موسم بنا بھار جي ۽ بغاوت بنا صداقت جي ايئن آهي، جيئن سڃي رڻ پٽ ۾ بھار. زندگي بغاوت ۽ صداقت هڪ ذات جا ٽي جوهر آهن.
خليل جبران

 اسان کي چڱائيءَ جي توقع آهي ۽ برائيءَ جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت آهي.
شيخ مجيب الرحمان

ٻي ڇاپي جو مھاڳ

شھيد ڀائو قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ قومي تحريڪ جي اهم اڳواڻن ۽ سائين جي ايم سيد جي سچن پوئلڳن ۽ ساٿين منجهان هو. هُو سائين جي ايم سيد جي دؤر واري جساف ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي عھدن تي رهيو ۽ ان دؤران هُو سدائين زندانن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيو. زندانن ۾ رهندي هُن ڪڏهن بہ آزاد قيدي ٿي نہ گهاريو پر زنجيرن ۾ جڪڙيل، ڏنڊا ٻيڙيون لڳل جيئي سنڌ جو اهو ليڊر جنھن کان سرڪاري ڪارندا ڊنل رهندا هئا. بند وارڊ تہ هن جي لاءِ عام ڳالھہ هوندي هئي.
شھيد ڀائو قمر ڀٽي جي قومي سياسي سفر ۾ هن جو لکڻ وارو ڪم گهڻو متاثر بہ ٿيو ۽ اوجهل بہ رهيو، ان جو سبب سندس ڪتابن جو وقت سر نہ ڇپجڻ ۽ پبلشر نہ ملڻ آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب متعارف ڪرايا. جن ۾ ايم آر ڊي تحريڪ تي تاريخي دستاويز جي حيثيت ۾ پھريون ڪتاب ڀائو قمر ڀٽي لکي ڇپايو هو.
اهڙو ئي ٻيو ڪتاب سڀاش چندر بوس آهي. نيتا جي تي سنڌيءَ ۾ ان کان اڳ ۾ ڪڏهن سندس جيوڻي نہ لکي وئي هئي. پر 1988ع ۾ اها لکي ٻئي سال ڇپائي. شھيد ڀائو قمر ڀٽي جا لڳ ڀڳ چاليھہ ڪتاب آهن. جيڪي مون وڏي جاکوڙ ڪري هٿ ڪيا آهن. انھن ۾ اڃان ڏھہ ڪتاب اڻ لڀ آهن، جن جي ڳولا جاري آهي. هٿ ڪيل ڪتابن تي تيزي سان ڪم جاري آهي.
سڀاش چندر بوس تي لکيل ڀائو قمر ڀٽي جي هن ڪتاب کي 25 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. پر ان جو مواد ۽ تاريخي سچائي اڄ بہ ساڳي آهي ۽ ايندڙ نسلن ۽ ديش ڀڳتن جي لاءِ سبق آهي. جيڪو نوجوان پيڙهيءَ کي پرائڻ گهرجي. نيتا جي تاريخ جو اهو هيرو آهي، جنھن پوري برصغير نہ پر دنيا تي پنھنجي حڪمت عملي ۽ ذهانت جا اثر ڇڏيا.
جڏهن پوري هندوستان جو عوام ڪنھن شخصيت کان متاثر هجي ان کان ڀائو قمر ڀٽي جھڙو ديش ڀڳت انسان ڪيئن نہ متاثر هوندو.

مولانا عزيز ﷲ ٻوهيو لکيو آهي تہ ”انھن ڏينھن ۾ لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ هندستان جي ڪانگريس جو صدر سڀاش چندر بوس بہ اچي رهيو هو. مدرسي جو قانون هيو تہ طالبن کي مدرسي کان ٻاهر جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ تي پندش پيل هئي. ڪامريڊ نظير وڃي مولانا خوش محمد کي چيو تہ اسان طالبن کي اجازت ڏيو تہ اسان لاڙڪاڻي وڃي سڀاش بوس جي تقرير ٻڌون. مولانا چيس تہ مدرسي جي قانون ۾ اجازت ڪانھي. ڪامريڊ مولانا کي چيو تہ سائين اهي قانون ۽ ڳالھيون رواجي قسم جي جلسن ۽ ميڙاڪن لاءِ آهن. هي تہ تاريخ جو هڪ وڏو ماڻھو ۽ مھاڀارت ڪانگريس جو مرڪزي صدر پيو اچي، ان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ اهي قانون نہ آهن. تڏهن بہ مولانا پنھنجي ضد تي قائم رهيو. تنھن تي ڪامريڊ مولوي نظير حسين جلاليءَ چيس تہ ”توهان ملن تي مون کي اهڙي ڪاوڙ ٿي اچي جو هن ڏاڙهيءَ سان لاڙڪاڻي جو چؤڪ تي اُٽو ٿي وڃي بدفعلي ڪرايان. جيئن ڏسندڙ ماڻھو توهان ملن تي لعنتون وجهن تہ هي ڏاڙهيءَ وارا ملان بدفعلي پيا ڪرائين. “

مانواري نصير اعجاز پنھنجي انگريزي ڪتاب Hur. . . . Freedom Fighter ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ: ”برطانيہ جي سنڌ ۾ موجود فوج جو ھڪ عملدار ھو ڪرنل فلپ، جنھن 1941_ 42ع دوران حرن خلاف آپريشن ۾ حصو ورتو ھو. ھو ملٽري انٽيليجنس جو سربراھ ھو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، ھن پنھنجي سنڌي دوست سان ھڪ خط ۾ ”حر آپريشن“ جون ساروڻيون ونڊيون آھن. خط ۾ پير پاڳارو_ سڀاش چندر بوس ملاقات جو ذڪر، سنڌي وڏيرن ۽ سيٺين کي بليڪ ميل ڪري خبرون وٺڻ ۽ ٻيون حيران ڪندڙ ڳالھيون آھن. جنھن سنڌي دوست کي خط لکيو ويو آھي، ان جي نالي جي خبر ناھي.

اچو تہ خط پڙھون :
”ڪيپٽن سمٿ ياد اچئي ٿو ؟ ھي اھو شخص اٿئي جنھن کي حرن زال سميت مکي ٻيلي ۾ ڀولڙي وانگي نچايو ھو. ان ڪيپٽن سمٿ ۽ ڪرنل اسٽون، ٻنھين جون زالون، منھنجي زال کي ڏسڻ، اسان جي گهرآيون ھيون. ڪيپٽن سمٿ اسان کان گهڻو جونيئر ھو. پر سنڌ ۾ سندس تجربو، اسان کان گهڻو ھو. ڪرنل اسٽون ۽ جڏھن سنڌ آيا ھئاسين، تہ اھو حر تحريڪ جو آخري دور ھو. اسان ٻنھين جو، ھندوستان جو اھو پھريون سفر ھو.
اسٽون ۽ منھنجي رينڪ ساڳي ھئي. اسٽون حرن جي خلاف آپريشن ۾ بھرو ورتو ۽ آئون ملٽري انٽيليجنس ۾ ھوس، سنڌ پھچڻ کان پوءِ ڪجهہہ ھفتن بعد، مون کي لنڊن کان ھدايتون مليون ته، آئون پير پاڳاري ۽ سڀاش چندر بوس جي مکي ٻيلي ۾ ٿيل ميٽنگ جا تفصيل ھٿ ڪيان. توکي تہ خبر آھي تہ انھن جي پھرين ملاقات انڊيا ۾ ٿي ھئي. ان کان پوءِ بہ سندن سوين ميٽينگون ٿينديون رھيون ھيون. پر مکي ٻيلي ۾ ٿيل ھي ميٽنگ تمام اھم ھئي. جڏھن مون کي اھي ھدايتون مليون، ان وقت تائين آئون سنڌ جي مقامي ماڻھن سان ڪي تعلقات قائم نہ ڪري سگهيو ھوس. ڪرنل اسٽون ٻين انگريز آفيسرن وانگي مقامي ماڻھن کي نفرت جي نظر سان ڏسندو ھو ۽ انھن سان رلڻ ملڻ پسند نہ ڪندو ھو. ٻيو تہ اسٽون ۽ انڊيا اچڻ نٿي چاھيو. انگلينڊ ۾ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کي ترقي ڏيئي ھندوستان ۾ مقرر ڪرڻ جي پاليسيءَ تحت، ڪرنل اسٽون بدلي ٿي سنڌ آيو ھو. ڇو تہ اتي سندس اک سٺي نہ ھئي. سنڌ ۾ تہ کيس مقرر ڪيو ويو، پر ڪيترن ئي واعدن جي باوجود کيس ترقي نہ ڏني وئي.
ڪرنل اسٽون کي جرمن بہ نہ وڻندا ھئا. کيس انھن سان وڙھڻ جو بہ تجربو ھو. ھن کي سولين آفيسر بہ پسند نہ ھوندا ھئا. خير جيئن مون کي ھدايتون مليون، آئون نوابشاھ ويس، پر مون کي ڪا بہ معلومات نہ ملي سگهي. مقامي مخبرن کي بہ گهرايم پر ٻيو مڙيئي خير! ان وقت تائين سڀاش چندر بوس غائب ٿي چڪو ھو ۽ سندس ڪو بہ اتو پتو ڪو نہ ھو. اسڪاٽ لينڊ يارڊ کيس ڳولڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ سندس پويان ھئي. نواب شاھ کان پوءِ وري سانگهڙ ويس، پر ڪا سڻس ڪا نہ پئي. اڳتي ھلي، سنڌ ۾ رھڻ دوران مون وڏيرن سان پنھنجا تعلقات قائم ڪري ورتا. ان لاءِ اسان ڇا ڪيو جو ڪراچي ڊرگ روڊ ڪينٽومينٽ ڀرسان محفلون مچائڻ شروع ڪيون. جنھن ۾ لاھور ۽ ملتان کان طوائفون گهرائيندا ھئاسين. انھن محفلن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي وڏيرا ۽ سيٺ شريڪ ٿيندا ھئا. سنڌي وڏيرن کان سواءِ اسان، سنڌي سياستدانن سان بہ رابطا ڪيا، ان کان پوءِ، ھن پنھنجي سنڌي دوست سان ھڪ خط ۾”حر آپريشن“ جون ساروڻيون ونڊيون آھن. خط ۾ پير پاڳارو سڀاش چندر بوس جي ملاقات جو ذڪر، سنڌي وڏيرن ۽ سيٺين کي بليڪ ميل ڪري خبرون وٺڻ ۽ ٻيون حيران ڪندڙ ڳالھيون آھن.
جنھن سنڌي دوست کي خط لکيو ويو آھي، ان جي نالي جي خبر ناھي.
اچو تہ خط پڙھون: ڪيپٽن سمٿ ياد اچئي ٿو؟
ھي اھو شخص اٿئي جنھن کي حرن زال سميت مکي ٻيلي ۾ ڀولڙي وانگي نچايو ھو. ان ڪيپٽن سمٿ ۽ ڪرنل اسٽون، ٻنھين جون زالون، منھنجي زال کي ڏسڻ، اسان جي گهرآيون ھيون.
ڪيپٽن سمٿ اسان کان گهڻو جونيئر ھو. پر سنڌ ۾ سندس تجربو، اسان کان گهڻو ھو. ڪرنل اسٽون ۽ جڏھن سنڌ آيا ھئا سين، تہ اھو حر تحريڪ جو آخري دور ھو. اسان ٻنھين جو، ھندوستان جو اھو پھريون سفر ھو. اسٽون ۽ منھنجي رينڪ ساڳي ھئي. اسٽون حرن جي خلاف آپريشن ۾ بھرو ورتو ۽ آئون ملٽري انٽيليجنس ۾ ھوس. سنڌ پھچڻ کان پوءِ ڪجهہہ ھفتن بعد، مون کي لنڊن کان ھدايتون مليون ته، آئون پير پاڳاري ۽ سڀاش چندر بوس جي مکي ٻيلي ۾ ٿيل ميٽنگ جا تفصيل ھٿ ڪيان. توکي تہ خبر آھي تہ انھن جي پھرين ملاقات انڊيا ۾ ٿي ھئي. ان کان پوءِ بہ سندن سوين ميٽينگون ٿينديون رھيون ھيون. پر مکي ٻيلي ۾ ٿيل ھي ميٽنگ تمام اھم ھئي. جڏھن مون کي اھي ھدايتون مليون، ان وقت تائين آئون سنڌ جي مقامي ماڻھن سان ڪي تعلقات قائم نہ ڪري سگهيو ھوس.
ڪرنل اسٽون ٻين انگريز آفيسرن وانگي مقامي ماڻھن کي نفرت جي نظر سان ڏسندو ھو ۽ انھن سان رلڻ ملڻ پسند نہ ڪندو ھو. ٻيو تہ اسٽون ۽ انڊيا اچڻ نٿي چاھيو. انگلينڊ ۾ خراب ڪارڪردگي وارن آفيسرن کي ترقي ڏيئي ھندوستان ۾ مقرر ڪرڻ جي پاليسيءَ تحت، ڪرنل اسٽون بدلي ٿي سنڌ آيو ھو. ڇو تہ اتي سندس اک سٺي نہ ھئي.
سنڌ ۾ تہ کيس مقرر ڪيو ويو، پر ڪيترن ئي واعدن جي باوجود کيس ترقي نہ ڏني وئي. ڪرنل اسٽون کي جرمن بہ نہ وڻندا ھئا. کيس انھن سان وڙھڻ جو بہ تجربو ھو. ھن کي سولين آفيسر بہ پسند نہ ھوندا ھئا.
خير جيئن مون کي ھدايتون مليون، آئون نوابشاھ ويس، پر مون کي ڪا بہ معلومات نہ ملي سگهي. مقامي مخبرن کي بہ گهرايم پر ٻيو مڙيئي خير!
ان وقت تائين سڀاش چندر بوس غائب ٿي چڪو ھو ۽ سندس ڪو بہ اتو پتو ڪو نہ ھو. اسڪاٽ لينڊ يارڊ کيس ڳولڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ سندس پويان ھئي. نواب شاھ کان پوءِ وري سانگهڙ ويس، پر ڪا سڻس ڪانہ پئي.
اڳتي ھلي، سنڌ ۾ رھڻ دوران مون وڏيرن سان پنھنجا تعلقات قائم ڪري ورتا. ان لاءِ اسان ڇا ڪيو جو ڪراچي ڊرگ روڊ ڪينٽومينٽ ڀرسان محفلون مچائڻ شروع ڪيون. جنھن ۾ لاھور ۽ ملتان کان طوائفون گهرائيندا ھئاسين. انھن محفلن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي وڏيرا ۽ سيٺ شريڪ ٿيندا ھئا. )

الطاف شيخ موجب : ”سڀاش چندر بوش مھاتما گانڌيءَ جو همعمر ۽ همعصر هو. ٻنھي انڊيا جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو پئي. فرق اهو هو تہ گانڌيءَ جي اها راءِ هئي تہ گوڙ گهمسان مار مارا ڪرڻ بدران انگريزن کان قانوني طرح آزادي ورتي وڃي. سڀاش ان راءِ جي خلاف هو. هن جرمنن ۽ جپانين سان ملي، پنھنجي ماڻھن جي فوج ٺاهي انگريزن کي موچڙا هڻي ملڪ مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. جپانين جي بہ انگريزن تي باھہ هئي.
هنن هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۽ برما تي قبضو ڪري انگريزن کي جنگي قيدي بنائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ اچي هندستان جي ويجهو پھتا هئا ۽ سڀاش جھڙا مڪاني ماڻھو جپانين جي مدد ڪري رهيا هئا ان ڪري اڄ بہ جپاني سڀاش کي عزت جي نگاھہ سان ڏسن ٿا. سڀاش جپان ۾ بہ ڪافي عرصو گذاريو. هتي سڀاش چندر بوش جي حياتي بابت ٻہ چار سٽون لکڻ بي مھل نہ ٿيندو. جنھن جي ڪيترين ئي ڳالھين مان آئون پڻ متاثر آهيان. “
سڀاش چندر بوس1897ع ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان پڙهڻ ۾ هوشيار هو. اسان وٽ جيڪي CSS جا امتحان ٿا ٿين اهي انگريزن جي ڏينھن ۾ ICS(انڊين سول سروسز) جي نالي سان ٿيندا هئا جن ۾ رڳو انگريز پاس ٿيندا هئا. سڀاش پھريون هندستاني هو. جنھن هي امتحان پاس ڪيو ۽ ان ۾ انگريزي ۾ سڀ کان گهڻيون مارڪون کيائين. پاڻ سال کن نوڪري مس ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي بہ مختلف عھدن تي رهيو، جيل ڪاٽيائين، مختلف ملڪن ۾ ڏيھہ نيڪالي هيٺ رهيو، ويندي ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو. 1937ع ۾ سڀاش هڪ آسٽرين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جيڪا سندس سيڪريٽري پڻ رهي چڪي هئي، جنھن مان کيس انتيا نالي ڌيءَ ڄائي. سڀاش 1934ع ۽ 1942ع جي وچ ۾ جيڪي پنھنجي زال ايملي شينڪل کي خط لکيا انھن مان ڪيترائي “Letters to Emilie Schenkl” نالي ڪتاب ۾ ڇپجي چڪا آهن.
پاڻ روس ۽ جرمني ۾ بہ لڪل رهيو جتي هن هندستان جي آزادي ۽ انگريزن جي خلاف تحريڪ قائم رکڻ لاءِ ”آزاد هند ريڊيو“ نالي هڪ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي. آخر ۾ هو جپان ۾ بہ ڪيترائي سال رهيو. انگريز سرڪار کيس مارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو ويس بدلائي مختلف ملڪن ۾ لڪندو رهيو.
سندس موت بہ اڄ تائين معمو بڻيل آهي جو ظاهري طرح تہ هو هوائي جھاز رستي تائيوان وڃي رهيو هو تہ جھاز جو حادثو ٿيو. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن جھاز ۾ بچي ويل مسافرن کان سڀاش جو پڇيو ويو تہ معلوم ٿيو تہ هو ان جھاز ۾ چڙهيو ئي نہ هو. جي جھاز ۾ نہ چڙهيو هو تہ هن زندگي جا باقي ڏينھن ڪھڙي ملڪ ۾ گذاريا ۽ اتي ڪڏهن وفات ڪيائين ان جي ڄاڻ اڄ ڏينھن تائين نہ پئجي سگهي آهي. سڀاش چندر بوس جي جھاز حادثي ۾ مارجي وڃڻ جي خبر ڦھلي تہ سندس سخت مخالف مھاتما گانڌي کي ايترو صدمو رسيو جو هن لڙهندڙ دل سان خبر جي تصديق ڪرڻ بنا سندس امڙ ڏانھن ٽيلي گرام ڪري ڏک ونڊيو. مھاتما گانڌي تريپوره ۾ اليڪشن ۾ سڀاش چندر بوس کان هارائي ويو هو.
Bose- The Forgetten Hero شيام بينگل جي هدايتڪاري ۾ هي فلم گانڌي کان اختلافن کان شروع ٿئي ٿي ۽ گهڻو ڪجهہہ عيان ڪري ٿي.
انگريزن جا پير هن ڌرتيءَ تي ڪمرزو ڪرڻ ۾ هنن هيرن جو وڏو هٿ هو: منگل پانڊي، ڀڳت سنگهہ، اشفاق ﷲ خان، هيمون ڪالاڻي، هوشو شيدي، جهانسي جي راڻي ۽ سڀاش چندر بوس.
سڀاش چندر بوس چيو آهي تہ: ”اهو ماڻھو جنھن کي پنھنجا خيال ٻين تائين پھچائڻ جي قدرت آهي تہ اهو ماڻھو مري نہ ٿو سگهي، جيتوڻيڪ هن جو جسم ختم ٿي وڃي ٿو. پر هن جا خيال لکن ماڻھن جي ذهنن ۾ صدين تائين زندھہ رهن ٿا ۽ هو پنھنجي زندگي خيالن جي وسيلي هزارہا سال تائين برقرار رکي سگهي ٿو. “
پروفيسر ساجد سومرو موجب: ”مان ان خيال جو آهيان تہ سياسي ڏاهپ ۽ بلوغت ۾ سڀاش چندر بوس گانڌي کان وڏو ماڻھو هو. “
ائين آهي بہ جيڪڏهن گانڌيءَ جي زندگيءَ جو حقيقي معنيٰ ۾ تنقيدي جائزو ورتو وڃي تہ گانڌي چالاڪ ۽ عيار ماڻھو هو.
سورهيہ بادشاھہ جي جنگ مذهبي نہ هئي پر نج پج قومي بنيادن تي هئي، جيئن سڀاش چندر بوس جي هئي. ان ڪري ئي سورهيہ بادشاھہ نيتا جي سان اتحاد ڪيو هو.
ڪجهہہ احمقن جو اهو چوڻ آهي تہ ”سڀاش چندر کي ٽي هزار ٽرينڊ آرمي هٽلر ڏني هئي ۽ سڀاش کي ڪا عوامي حمايت حاصل نہ هئي. جيڪڏهن عوامي حمايت نہ هئي تہ عورتن جي فوج ڪيئن ٺھي؟
سڀاش چندر بوس جڏهن معاشي پسماندگي سبب مالي سھائتا جي لاءِ هندوستاني عورتن وٽ ويو هو تہ هندوستاني عورتن پنھنجي ڌيئرن جي شادي جا پيل ڳھہ پنھنجي ڪنن مان زيور لاهي سڀاش جي مالي سھائتا ڪئي هئي. سڀاش جي آزاد هند فوج ۾ شامل ويڙهاڪن جي اڪثريت ان وقت جي برطانوي راڄ جي سرڪاري فوج مان بغاوت ڪيل هندوستاني فوجين جي هئي.
ان وقت جيڪا ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي. انھن ڊي اين اي ڪرايو هو تہ اهو سڀاش نہ هو. پر برطانيا وٽ ضرور ڪي اهڙا دستاويز موجود هوندا/آهن جنھن مان خبر پئجي سگهي ٿي تہ هنن سڀاش چندر بوس کي ڪيئن ماريو هوندو.
ڪلديپ نيئر سڀاش بابت لکي ٿو تہ ”12 هزار 744 صفحن تي مشتمل 64 فائلن تي پابندي هٽائيندي ان وقت جي مکيہ منتري چيو تہ ”دستاويزن مان اهو ثابت ٿئي ٿو تہ بوس خاندان جي جاسوسي ڪئي وئي هئي. “ اهو سڀ نھرو جي سرڪار ڪرايو هو. “ نھرو ۽ سڀاش جي جدوجھد تہ ساڳئي هئي، پوءِ نھرو جي سرڪار هڪ ديش ڀڳت جي جاسوسي ڇو ڪرائي! اهو وڏو سوال آهي. پر ان جي ترديد تہ ڪانگريس پارٽي بہ نہ ڪئي!“
نيتا جي تي ڀائو قمر ڀٽي جو هيءَ ڪتاب سندس حياتيءَ جي انقلابي پھلوئن کي اسان اڳيان ظاهر ڪري ٿو باقي سڀاش جي زندگي هڪ معمو اڃا تائين آهي جيڪو حل ڪو نہ ٿيو آهي.

هوش محمد ڀٽي

1

جڏهن بہ ڌارين ڦورن پرمار لٽيرن ڪنھن پاڪ ۽ پويتر ڌرتيءَ تي رهندڙ معصوم ۽ محبوب ماڻھن جي نڙيءَ تي نھن، پيٽ تي لت ۽ ڳچيءَ ۾ غلامي جو ڳٽ وجهي، انھن جي ملڪي ڪلچر ۽ قومي وجود تي وار ڪيو آهي. تڏهن ان ماتر ڀوميءَ جا ڀاڳيا جاڳيا آهن ۽ ويري ويڙهاند ڪري، پنھنجي سر زمين جو دليري سان دفاعُ ۽ بچا۽ ڪندا رهيا آهن. ڌرتي ڄاوا حلالي ٻچڙن وانگر پنھنجي وجود ۽ جيجل ڀونءَ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر محاذ تي ڌاريي دشمن سان وڙهندي پنھنجي عوام کي عزت ۽ آزاديءَ جي واٽ ڏسيندا رهيا آهن.
اهي سورهيہ، سپوٽ، دلير، داناءُ، ۽ عظيم اڳواڻ هميشہ پنھنجي قوم ۽ ملڪ کي مانائتو مقام ڏيارائڻ لاءِ سموري حياتي وقف ڪري عوام ۾ اجتماعي ايثار جو شعور سجاڳي ۽ ساڃاھہ اڀاري ان کي سدائين لاءِ پڪو پختو ۽ پائيدار بنائي ويندا آهن. جن کي پوءِ دنيا جي ڪا بہ طاقت ختم ڪري نہ سگهندي آهي ۽ نہ ئي کين ڪو ايٽم بم فتح ڪري سگهندو، انھن انسانن مان سڀاش چندر بوس (صحيح نالو سڀاش آهي پر عام طور تي سباش سڏبو رهيو آهي) بہ لافاني ۽ لازوال قومي ڪردار رکندڙ مھان ماڻھو هو. جنھن جي ڇاپ نہ صرف برصغير پر يورپ جي سياست تي بہ ڇانيل هئي.
آئون بہ ان ماڻھو جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جنھن کي پنھنجي، ثقافت تاريخ ۽ وطن عزيز جي پيرن مان غلامي جو زنجيرون ۽ سنگهرون ڇنڻ جي صلاحيت، قوت ۽ طاقت هئي.
مون کي اهي ليڊر نظريي دان ۽ مفڪر پسند آهن. جن جي سوچ ساڃاھہ فڪر ۽ فرمان کي راھہ مشعل سمجهي اڳتي وڌڻ کي ڪنھن حد تائين صحيح ڄاڻي سندن پوئواري ڪندو رهيو آهيان.
جن مدبرن قومي شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪري عوام جي گردن مان غلامي جو گهانگو ڪڍڻ کان کين جرئت، جانفشاني همت، ۽ حوصلي جو ڏس ڏئي عزت ۽ آزاديءَ جي واٽ پئي وٺرائي آهي.
اهي بہ ماڻھو مون کي متاثر ڪندا آهن، جيڪي پرھہ جا پيغمبر، امن ۽ محبت جا پيڪر، جن انسانيت جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آهي. انھن پيغمبرن مھاتمائن ۽ اڳواڻن جو محبوب، معصوم مقدس، مھان شخصيتون ۽ هستيون منھنجي ذهن ۽ ضمير تي ڇانيل/چٽيل آهن. جيئن ڪنھن مشتاق جي من تي سانوري محبوب جي مٺي مرڪ.
اهي عظيم انسان غلامي جا زنجير ڇني پرزا پرزا ڪري، پنھنجي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي ڏکئي وقت ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪري انھن کي آزاديءَ جي نعمت کان مانوس ڪيو آهي.
مون کي عام طرح اهي اڳواڻ وڻندا آهن. جيڪي پنھنجي وطن جي وقار، ننگ ۽ ناموس آزادي لاءِ پاڻ کي باقي رکڻ خاطر قابض قوتن، جابر طاقتن خلاف بندوق کڻي ويڙهاند ڪري، آزاديءَ جون آذانون ڏئي، وحشي، خونخوار ۽ درنده صفت انسانيت جي ويرين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجي عوام کي منظم ۽ متحرڪ ڪري وطن جي تحفظ ۽ دفاع خاطر عوام سان گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي، ڪلھو ڪلھو ۾ ملائي، مسلح ٿي ميدان جنگ ۾ وڙهيا آهن. وطن جي ويرين سان وڙهندي ڪنھن هيئن بہ چيو آهي تہ: “تيتر توهان (غيرن) کي پنھنجي مقدس ملڪ جي سرزمين ٽپڻ نہ ڏيندس جيتر منھنجي سسيءَ ۾ ساھہ ۽ جسم ۾ جان آهي. منھنجي لاش کي لتاڙي پوءِ منھنجي پاڪ ۽ پويتر ڏرتيءَ تي وير رکجو. “ اهي اڳواڻ عوام جي استحصال ۽ غلامي خلاف پنھنجي قوم جي هر اول دستي تي ٿي وڙهيا ۽ هيئن چيائون تہ: جيڪڏهن مقابلو ڪندي مٽيءَ تان مئاسون تہ پوءِ ديش دشمن اسان جي لاش تان لنگهي، عوام تي الر ڪري سگهي ٿو. ”
سڀاش چندر بوس بہ انھن عظيم/مھان ماڻھن مان هڪ هو. جنھن عظمت ۽ شخصيت جي آڏو منھنجي دل عزت ۽ احترام سان سدائين جهڪيل رهندي.
سڀاش صدين کان غلام ٿيل ڏيھہ کي ڏاهپ هوشياري ۽ حڪمت عمليءَ سان ڌارين جي چنبي منجهان آزاد ڪرڻ لاءِ مسلح جدوجھد ذريعي عوام جي انبوهن ۽ هجومن جي ساڻس گڏجي آزادي لاءِ جدوجھد ۽ جنگ ڪئي، ڏکين مرحلن ۽ اڙانگن راهن ۾ عوام جي رهبري ڪندي رستي ۾ رلجي کين جرئتمندي ۽ قرباني جو ڏسُ ڏنو.
ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هن بيباڪ ليڊر انگريز سامراج جا پير اکوڙي کين لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو.
بابو سڀاش (بابو سباش چندر بوس کي ماڻھو پيار ۽ احترام مان بابو ۽ نيتا جي جي چوندا هئا) جي سياسي بصيرت، بھادري، سامراج دشمني پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ۽ ڪانگريسي ليڊرن سان اصولي اختلاف، فن تي واضح ۽ صحتمند ڪتاب ڪنھن بہ نہ لکيو آهي. ٿورو گهڻو سندس زندگيءَ جي حالتن تي سرڳواسي شري خانچند آئيداس رام رکياڻي ۽ آزاد هند فوج جي ڪرنلن، ڪپتانن ۽ ڪرنلن جي ڊائرين مان مختصر مٿاڇرو، وچوواڙي احوال ملي ٿو. جيڪو اڻپورو آهي، هڪ هنڌ چوئٿرام ورتابرا ۽ گدواڻي سڀاش ۽ ڪانگريسي ليڊرن جي اختلافن ڏي اشارو ڪندي لکي ٿو تہ: ”جيڪو وهيو واپريو تنھن تي چپ ڪرڻ ئي مناسب آهي. “ اسان نوجوانن کي برصغير جي انھن عظيم ليڊرن جي انيڪ قربانين تان تحرڪ، بيباڪ ڪارنامن ۽ غير معمولي عوامي خدمتن کي ڏسي، سندن زندگي راھہ مشعل سمجهي. انھن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي.
مون انھيءَ مھان ماڻھو جي جدوجھد تي لکڻ سان گڏ پارٽي ۾ سندس اختلافن تي بہ لکيو آهي. جيئن پڙهندڙ کي پتو پوي تہ تنظيمن، تحريڪن پارٽين ۾ ڪي ماڻھو قومي مفادن ۽ اجتماعي غرضن کي ڪڏهن ڪڏهن پاسيرو رکي پنھنجي ماڻھن (جي حضور) کي اڳتي آڻڻ ۽ عوام مٿان ٿڦڻ ۽ مڙهڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن. جڏهن تہ پارٽي ۾ اصولي اختلاف رکندڙ وڏي صلاحيت جا مالڪ، غير معمولي حيثيت ۽ شخصيت رکندڙ اڳواڻ ۽ قيادت سنڀاليندڙ ماڻھو موجود هوندا آهن. انھن جي رهنمائي ۽ رهبري قبولڻ تہ ٺھيو، ويتر سندن ترا ڪڍڻ، ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهرائڻ، سندن راھہ ۾ دشواريون، دڪتون، ديواريون کڙيون ڪرڻ، هوندو آهي. انھن پيچيده، منجهيل معاملن ۽ اختلافن تي وس آهر لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
سڀاش چندر بوس سامراجي سوئرن سان ويڙهاند بہ ڪندو رهيو ۽ پنھنجي پارٽي ۾ ڪيترن ئي نہ سھندڙن کي منھن بہ ڏيندو رهيو.

سڀاش جي طوفاني زندگي متعلق جيڪو ڪجهہہ مون پڙهيو ۽ ٻڌو ۽ پنھنجي طرفان راءِ قائم ڪئي. انھيءَ تي مشتمل هي ڪتاب لکي رهيو آهيان. جيل ۾ اهي ڪتاب جن ۾ ڪجهہہ سندس بابت لکيو ويو آهي. اهي نہ ملي سگهيا ۽ وري ملن بہ ها تہ سياسي ڪتابن جو جيل ۾ پاڻ وٽ رکڻ ۽ پڙهڻ جيل انتطاميه جي چوڻ مطابق قانون جي خلاف آهي، سو تہ نٿو رکي سگهجي، ايتري قدر جو جيل ۾ لکڻ بہ گناھہ هوندو آهي. جڏهن ڪو لکيل مسودو سياسي قيدي ساھہ سان سانڍي لڪائي رکندو تہ جيئن موقعو ملڻ تي ٻاهر کسڪائي ڇڏي، متان انھيءَ جي وچ ۾ جهڙتي جي بھاني، سپاهي، جمعدار، صوبيدار، جيلر ۽ اعليٰ آفيسر ولر جا ولر قيدي جي کوليءَ (ڪمري) يا بئرڪ ۾ ڪاهي پوندا ۽ سڄو سامان کڻي وڃڻ سان ڪتاب ۽ لکيل مواد بہ (اعتراض جوڳو مواد ڄاڻائي) کڻي ويندا. پوءِ اهو مواد ادبي هجي يا غير سياسي ايئن کڻي ويندا آهن. جيئن فاتح حڪمران مفتوح ماڻھن هر شيءِ مال غنيمت سمجهي ڍوئيندا آهن.
انھن لھرن ۽ لوڏن کان مواد کي بچائڻ لاءِ ڦڙتي ۽ چالاڪي جي ضرورت هوندي آهي. آءٌ جيڪو ڪجهہہ لکندو آهيان عام ماڻھن تائين پھچائڻ کان اڳ جيل وارن جي ور چڙهڻ جو انديشو هو ندو آهي. (۽ ڪجهہہ مسودو کڻي بہ ويا آهن. ) پوءِ پڪ نہ هوندي آهي تہ ڪو بہ مواد خير سان ٻاهر نڪري بہ سگهندو يا نہ؟ جي هٿ چڙهي وين تہ اهڙي حالت ڪندا ڪاغذن سان جيئن ڪڻڪ جي ماني سان ڪتو ڪري.
جيلن جو اوچتيون جهڙتيون ۽ بدليون وقتي طور ذهني پيڙا تہ ڪنديون آهن پر انھن جي پنھنجي طبعيت ۽ مزاج تي اثر ٿيڻ نہ ڏيندو آهيان، اسان ماڻھو جي هر وقت زنجير ۽ زندان ڏانھن نہ صرف ڊوڙندا آهيون. بلڪ اهڙي زندگيءَ کي آواز ڏئي سڏيندا آهيون. جيڪڏهن حالتن جي رفتار قيد، بند جو باعث ٿيندي آهي تہ ان حالت جون رڪاوٽون ۽ پابنديون ٻين لاءِ اذيت ثابت ٿينديون آهن. ليڪن منھنجي لاءِ مشغولي جو ذريعو ٿي ويندو آهي، جيل ڪنھن بہ طرح طبعيت کي غمزه نہ ڪري سگهندو آهي. حالتن جي تحريڪ خيالن ۾ جنبش پيدا ڪندي رهي آهي. ان کي بي روڪ ٽوڪ قلم جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهيان.
موڊ جو مريد ناهيان، مرضي جو مالڪ آهيان، جڏهن بہ چاهيندو آهيان، نب جي نوڪ سان پني تي پلٽيندو آهيان. منھنجي لاءِ هي زندان جي نہ سنگين جيل جي جيڏيون ديوارون لوهي ڪڙا، کٿا کولي ۽ ڀالوا جي ڀت جي ساوڪ وانگر ئي دلڪش/وڻندڙ ٿي پوندا آهن. زندگي جي هن اڙانگي ۽ پٿريلي سفر ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام سان عشق جي نشي ۾ پرجوش حالت طاري ٿي وئي آهي، نشي جي حالت ۾، ڪيتريون ئي سخت چوٽون ۽ ڌڪ لڳندا ۽ گهاءُ ٿيندا. انھن جي تڪليف نہ ٿيندي، تڪليف ۽ اثر ان وقت ٿي سگهي ٿو. جڏهن نشو لھي ويندو. پر مون ايترو تہ سنڌي عوام جي اُنس، الفت، ۽ عشق ۾ پرت، پيار ۽ پاٻوھہ جا پيالا پيتا آهن جو جيسيتائين جيئرو آهيان. سنڌ سان عشق واري نشي لھڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سڀاش جي دل، دماغ ذهن ۽ ضمير ۾ انگريز سامراج جي ظلم ۽ زيادتي، زبردستي، ۽ زورآوري خلاف هڪ زبردست شعلو ڀڙڪي رهيو هو.
سندس ڌرتيءَ مٿان ڌارين جو مسلسل تسلط هن جي اندر ۾ هڪ اهڙِي ٻل کي جنم ڏنو هو. جيڪو دُکي دُکي وڏي ڀنڀٽ سان هر ٿيندڙ ظلم، استبداد اهنج، ايذائن، بيهدائين ۽ بدمعاشين کي ساڙي ڀسم ڪرڻ وارو هو.
سڀاش جو ملڪ غلام هو. هن پنھنجي پياري سرزمين تي ڌارين (انگريزن) جو وحشي وجود نٿي ڏسڻ گهريو، پنھنجي مّظلوم، محڪوم قوم جي ڳچيءَ مان محڪوميت جو ڳٽ ڪڍي ۽ ڪپي پرزا پرزا ڪري کين آزاد ۽ آجي ڏسڻ لاءِ آتو هو.
هن پنھنجي معصوم ۽ محبوب عوام کي سئين دڳ ۽ سڌي واٽ وٺائڻ لاءِ راهن ۾ رلجي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي.
سڀاش چندر بوس جرئت، جانفشاني، وطن جي آزاديءَ لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻ ۽ سر تريءَ تي کڻي بک اڃ ۽ تڪليفن کي برسر ڪر دشمنن جو مقابلو ڪيو. هن جي پوري زندگي سياسي جدوجھد جي جنگ آزمائي ۽ معرڪي آرائي جي زندگي آهي. سڀاش جي زندگي اهڙي رهي آهي جنھن جي جدوجھد هميشہ حوصلي، استقلال آدرش ۽ لافاني ڪردار جي ڪافي اثر نوجوانن کي قبولڻ گهرجي.
سڀاش جي تلخ تجربن، عظيم قربانين، بھادريءَ، بيباڪي ۽ غير معمولي قومي خدمتن کي آڏو رکي، سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي راھہ متعين ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اها راھہ قومي آزاديءَ جي مومل ماڻڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. هن مھان مقرر هڪڙي ڀيري تقرير ڪندي برصغير جي ماڻھن کي چيو هو تہ: “اوهان مون کي رت ڏيو تہ آءٌ آزادي وٺي ڏيانوَ. ” اهو هو سڀاش چندر جو چوڻ پر اسان چونداسين تہ سنڌي قوم جي صرف سھڪار، ساٿ ۽ همدردي هجي، رت اسان ڏينداسون. خون جو آخري قطرو وهائي آزادي وٺنداسون.

2

هندستان جي آزاديءَ جي جدوجھد، جستجو ۾ ملڪ جي سڀني صوبن ۾ بنگال سدائين اڳڀرو رهيو آهي. هن علائقي ڀارت ۾ جي هڪ ئي پارٽِ اندين نيشنل ڪانگريس کي متحد، منظم ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرباني ۽ ڪوشش آهي پر جڏهن بہ ڀارت جي آزاديءَ ۽ عزت جو سوال اٿيو آهي تہ اتي جي عوام بنا ڊپ، ڊاءُ خوف ۽ خطري جي پنھنجو مستقبل ۽ جسن جوکي ۾ وجهي نھايت دليري بھادري ۽ بي باڪيءَ سان قرباني ڏيڻ گريز نہ ڪيو آهي.
ان علائقي جي اڳواڻن آزاديءَ جون آذانون ڏئي غيرن، ڌارين ۽ اوپرن جو مقابلو ڪيو آهي، چندر رپال، رابندگهوش، ديش بندوشي، آر، داس، جي ايم، سين گپتا ۽ بي ڊپو انسان سڀاش چندر بوس ڪن اهڙن عظيم شخصيتن مان هڪ آهي.
ڀارت جي ڪنھن بہ تنظيم يا تحريڪ جو ذڪر نڪرندو تہ سڀاش جي منفرد حيثيت ۾ شخصيت ٻين اڳواڻن ۽ نروار نشانبر نظر ايندي.
سڀاش بنگال صوبي جو رهاڪو هو. پر ان جو جنم اوڙيسا جي ڳوٺ ڪوداليه ۾ ٿيو. جتي سندن والد راءِ بھادر جانڪسي ناٿ بوس وڪالت ڪندو هو. راءِ بھادر جانڪي ناٿ بوس گهڻو ڪري ڪٽڪ جو سرڪاري وڪيل هو. امير خاندان سان تعلق رکندڙ هو. وڏن آفيسرن ۽ عملدارن تائين رهائي رسائي ۽ هلندي هيس، سڀاش جي پيدا ٿيڻ سان ڏاڍيون خوشيون ۽ شادمانا ڪيا ويا. دوستن کي دعوتون ۽ آفيسرن کي پارٽيون ڏنيون ويون ۽ غريبن کي دل کولي اجازت ڏني وئي.



سڀاش سان ماءُ جي ڏاڍي دل هوندي هئي. ان جو ارادو ۽ خيال هوندو هو تہ اعلي تعليم ڏيارڻ کان پوءِ سرڪاري حڪومت ۾ وڏو رتبو ۽ عھدو ماڻي پر اهي خيال، خواب ٿي رهجي ويا.
هن کي ٻہ ڀائر پنج ڀينر هيون. جن نھرو ڪٽنب وانگر ڪنھن نہ ڪنھن نموني پاڻ کي وطن جي خدمت ۾ پي ارپيو آهي.
سڀاش هڪ سرندي واري شاهوڪار وڪيل جو پٽ هو. تنھنڪري رواج موجب هڪ يورپين اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ابتدائي تعليم سان گڏوگڏ ست سال ان اسڪول ۾ گذارڻ کان پوءِ ريونشا ڪاليميٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.
پريزيڊنسي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. هن تي اسڪول جي هيڊ ماستر بابو بيني مادو واسي ۽ سندس دوست هيمنٿ ڪمار جو چڱو اثر ٿيو هو.
ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ مھل ان جي عمر چوڏهن سال هئي. ڪاليج جي زندگيءَ ۾ اڪثر ڪري نوجوانن ۾ تفريح ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳائيندو آهي. پر هن ۾ تعليم ۽ تدريس سان گڏ حب الوطني جو جذبو ۽ شوق بہ سمايل هو. هو هندستان جي مشھور سوشلسٽ ليڊر سرت چندر بوس جي عبوري حڪومت ۾ وزير رهي چڪو هو.
1913ع ۾ دنوري زندگيءَ مان ڪڪ ٿي پيو. من مطئمن نہ ٿيس. بنا موڪلائڻ جي گهر گهاٽ ڇڏي، هماليہ جي وادين ۾ نڪري ويو، هڪ سچي ڌڻي جي ڳولا لاءِ ڏينھن رات جهنگن ۾ گاھہ، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جي بستري تي سمھندو رهيو. دنيا وارا آرام، سڪون ۽ سرور ۾ سمھيا پيا هوندا هئا. تڏهن هي نوجوان سچائي جو متلاشي، پٿرن، پھارن ۽ جبلن جي غارن ۾ ويھي سوچ ويچار ڪندو هو. جهنگ جي هن خوفناڪ جانورن، بگهڙن، ڀولڙن، باندرن ۽ شير جي شھر (جهنگ) جي ڪاري اونداھہ ۾ چڪر ڏيندو ٽڪر ٽاڪيندو ۽ جبل جهاڳيندو رهيو آهي.
پر ڀارت جا ڀاڳ ڀلا ۽ خوش قسمتي سمجهي، جو هن جهنگن ۽ پھاڙن ۾ گهمندي، ووڙيندي بہ سڪون نہ ميلو ۽ پوءِ پھاڙن تان لھي پاڪ (مذهبي) جاءِ تي زيارت لاءِ نڪتو، رستي ۾ هلندي بيمار ٿي پيو. پڻس کي ان جي خبر پھتي ۽ اتي اچي سڀاش کي پاڻ سان وٺي ويو. چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ هُو وري ٻيو دفعو ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ انٽر جو امتحان وڏي ڪاميابي سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ هن ڪاليج ۾ بي اي جي تعليم شروع ڪئي.
ان ڪاليج ۾اوٽن نالي هڪ انگريزي پروفيسر هو. (جيڪو پوءِ بنگال ۾ ڊائريڪٽر آف انسٽريڪشن ٿيو هو) اهو ڪو نہ ڪو بھانو بڻائي ڳالھہ، ڳالھہ ۾ ڀارتي شاگردن جي بي عزتي ڪندو هو، هڪ دفعو ان پروفيسر هڪ شاگرد کي بنا سبب چماٽ وهائي ڪڍي. سڀاش بابو جي بي باڪي قومي حق داري، ان خراب سلوڪ ۽ ٽرڙي هلت کي برداشت ڪري نہ سگهي.
شاگردن سڀاش چندر بوس جي قيادت ۾ هڙتال شروع ڪري ڏني. ڪاليج انتظاميہ کي مجبورن شاگردن آڏو جهڪڻو پيو. پر هي تعصب پرست پروفيسر پنھنجي حرڪتن کان باز نہ آيو ۽ وري ٻئي ڀيري ساڳئي حرڪت کي دهرايائين.
هڪ بنگالي شاگرد موقعو ملڻ تي ليڪچرار جي ٺاهوڪي نموني ڇنڇري لاٿي ۽ کين سنھي بوھہ مان ڪڍي ڇڏيائين. ان جي سزا سڀاش کي ڏني وئي، ٻن سالن لاءِ ڪاليج مان خارج ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو.
قوم پرستي جي راھہ ۾ هن جي اها پھرين قرباني هئي. زندگي جا قيمتي ٻہ سال وڃائن منظور ڪيائين پر قومي غيرت ۽ شاگرد برادري سان وفاداري جي وچن ۽ واعدي ڪاليج مان نيڪالي قبوليائين نہ جهڪيو ۽ نہ ئي معافي ورتائين.
ان وقت ڪنھن کي کُڙڪ ۽ خبر نہ هئي تہ پريزيدينسي جو هي ننڍڙو شاگرد ليڊر پنھنجي ساٿي شاگردن جي اڳواڻي ڪرڻ جي الزام ۾ ٻہ سالن لاءِ ڪاليج مان ڪڍيو ويو آهي جو اچڻ واري زندگيءَ ۾ پنھنجي هم وطنين جي رهنمائي جي الزام ۾ انڊمان جيل (هندستاني جزيرہ جتي ڪاري پاڻي جي سزا وارن قيدين کي رکيو ويندو هو) ۾ پنھنجي جوڀن ۽ جواني واري زندگي گذاريندو.
ٻن سال کان پوءِ هن سڪانتش چرچ جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جتي هن بي اي جو امتحان پاس ڪيو. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پيءُ جي صلاح سان هو لنڊن ويو ۽ جتي اٺن مھينن جي عرصي ۾ آءِ سي ايس جي امتحان کان سواءِ هن ڪيمبرج يونيورسٽي جي فلاسافيءَ جي اعليٰ درجي جو امتحان پاس ڪيو. 1920ع ۾ هندستان موٽي آيو. ڪيمبرج يونيورسٽي پڙهڻ وقت هن جي نون دوستن ۽ احبابن جو حلقو وسيع هو.
ان وقت سيتاگرھہ جي تحريڪ زورتي هئي. سڄي ملڪ ۾ افراتفري ۽ بيچيني ڦھليل هئي. ملڪ جو ٻڍو ٻار، مرد ۽ عورت پنھنجي وطن کي غلامي ۾ ڏسي منجهيل ۽ حيرت ۾ پيل هو ۽ ان جي آزاديءَ خاطر رت جو آخري قطرو وهائڻ لاءِ تيارهو.
سڀاش جي آڏو ٻہ رستا وڃي رهيا يا تہ آءِ سي سي جھڙي اعليٰ عھدي ۽ رتبي تي حاڪمن جھڙي زندگي بسر ڪري يا قوم ۽ وطن خاطر ڦاسيءِ جي تختي تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿئي. هن جي قومي ويرتا ۽ غيرت جوش کاڌو، وطن جي وقار، ناموس، عزت، ۽ آزاديءَ لاءِ آءِ سي ايس کي ٿڏي ڇڏيائين. ۽ حڪومت جي ڪرسيءَ تي ويھڻ بجاءِ جيل ۾ زندگي گهارڻ کي ترجيح ڏنائين.
ان وقت بنگال سڀ کان وڏو ليڊر ديش بندوسي آرداس هو. سڀاش بابو ان جي اڳوڻي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
سي آر داس پنھنجي نيشنل ڪاليج جي پرنسپال ۽ پنھنجي اخبار جو عھدو سڀاش کي سونپي ڇڏيو، سڀاش ان کي پنھنجي محنت، شوق، دلي لڳاءُ ۽ قابليت سان چڱي اوج ۽ عروج تي آندو. پر سڀاش بابو ان تي مطئمن نہ هو تہ هيءُ رڳو ڪاليج ۽ اخبارجو ئي ڪم ڪري، ان ڪري جڏهن سيتاگرھہ جي تحريڪ زور ورتو تہ هن بہ ان تحريڪ ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ شروع ڪيو، ٿورن ئي ڏينھن ۾ هن جو نالو سڄي بنگال جون حدون اورانگهي، سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ وڃڻ لڳو. سيتا گره جي تحريڪ تمام اثرائتي ٿيندي وئي، اهو سڀاش جو پھريون موقعو هو.
هي انگريزن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳو ۽ حڪومت ڪو وجهہ ۽ موقعو پئي ڳوليو تہ ڪھڙي بہ طريقي سان سڀاش جي سرگرمين ۽ چرپرکي روڪجي. اهو موقعو سرڪار کي جلد ئي ملي ويو. انھن ڏينھن ۾ انگلينڊ (پرنس آف ويلس) ڀارت ۾آيل هو ۽ ڪانگريس پارٽي اعلان ڪيو تہ عام هڙتال ڪئي وڃي ۽سندس هرطرح جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي پروگرام مطابق شھزادي کي 25 ڊسمبر تي بنگال ۾ داخل ٿيڻو هو.
حڪومت جو خيال هو تہ ڪلڪتو شھر شھزادي جو شاندار استقبال ڪندو. پرجئين ئي شھزادو ڪلڪتي جي حدن ۾ داخل ٿيو تہ دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ بازاريون بند ٿي ويون، شھر ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو. گهرن تي ڪارن جهنڊن عوام جي احتحاجي جذبات ۽احساسات جي ترجماني پي ڪئي. جيئن هاڻي هندستان ۾ ولي عھد شھزادي چارلس جي اچڻ ۽ آمد تي کيس چمي ڏني ٿي وڃي ۽ لپ اسٽڪ سان ڳل ڳاڙها ٿي ٿا پون، تيئن اڳي سندس جي آمد تي پٿرن ۽ ڪاوڙ سان ڳٽا ڳاڙها هوندا هئا.
شھزادي جي بيعزتي جو سموور ڏوهي سڀاش چندر بوس تي ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ هو سڀ ڪجهہہ سڀاش جي چرچ تي ٿيو آهي، ان ڪري هن گرفتار ڪري جيل ۾ جبل جيڏين ڊگهين ديوارن اندر تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙِي ۾ قيد ڪيو ويو.
1921ع ۾ جڏهن سيتاگرھہ تحريڪ تي بندش ختم ٿي وئي ۽ جيل مان ڪانگريسي آزاد ٿيڻ لڳا تہ ان وقت آزاديءَ جي باري ماڻھن جي راءِ بدلجي وئي. ماڻھو ڪائونلسن ۾ وڃڻ ملڪ جي بھتري ۽ بهبودگي سمجهڻ لڳا. اسيمبليءَ ۾ وڃي قوم جا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ انھن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ کي قومي خدمت سمجهيو ويو، بنگال صوبي ۾ ان خيال جا حامي ديش بندو داس هو. سڀاش هن جو ساٿي هو، ان ڪري هن جي پرچار ڪرڻ جو بار سڀاش تي پيو.
گانڌيءَ جي سندس پارٽي ڪائونسلن ۾ وڃڻ جي خلاف هئا. ان وقت ڪانگريس جي ساليانو جلسو ٿيو.
ان جلسي ۾ سڀاش بہ شامل هو. گيا جي اجلاس ۾ ڪائونسل ۾ وڃڻ جي تجويز رکي ويئي. پر اها نامنظور ڪئي ويئي. نتيجي ۾ هڪ خودمختيار پارٽي نالي ۾ وجود آئي. پارٽي جي پرچار لاءِ ”فارورڊ“ اخبار ڪڍڻ شروع ڪئي وئي. جنھن جو ايڊيٽر سڀاش کي ڪيو ويو.
ڪانگريس پنھنجي تحريڪ بند ڪري چڪي هئي. ڪانگريس ۾ اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا هئا. پر سڀاش انھن اختلافن ۾ نہ ڦاٿو. هن ملڪ جي عوام جي مسڪيني ۽ مفلسي ڏور ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين تنظيم جو پايو وڌو. جنھن جو نالو هو ”نوجوانن جي جماعت“ ان جماعت جي طرفان سڀاش غريب ۽ ڪنگال ماڻھن جي مفلسي مٽائڻ جي هڪ رٿا/اسڪيم ۽ ڍانچو ٺاهي، حڪومت جي سامھون رکيو، ملڪ ۾ اهي خيال بلڪل نوان ۽ نڪور هئا.
سڀاش بابو جا اهي اعليٰ آدرش ۽ عوام دوست خيال ڏسي، ڪيترن جا لڱ ڪانڊرجي ويا. ڪانگريس اڳواڻن بہ ان خيال جي مخالفت ڪري پنھنجا رايا ظاهر ڪيا. هيڏانھن ڪانگريس جي وٺ وٺان مخالفت ۽ هوڏانھن حڪومت جي ناراضگي جو نشانو ٿي ويو. پر هن ڪڏهن بہ ان جي پرواھہ ڪونہ ڪئي. هُو پنھنجي قوم ۽ بھتري لاءِ ڪم ڪندو رهيو. هي پنھنجي تنظيم، ذريعي ماڻھن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪندو رهيو، پرچار ۽ تبليع مسلسل جاري رکيائين. هن بنگال جي ماڻھن ۾ ايتري بيداري آندي، جنھن جو اثر اڃا هلندو اچي پيو.
هنن جي قربانين ۽ محنتن عوام ۾ نئين سوچ پيدا ڪئي نہ صرف بنگال پر پوري ملڪ ۾ سندس تعريف ۽ ساراھہ جا ڍُڪ ڀريا ويا. هن جي سادگيءَ ۽ سچائيءَ جي نيڪي ٿيڻ لڳي.

3

هندستان جا نوجوان سڀاش کي همت ڀريو ۽ حوصلي مند ڏسي پنھنجو ليڊر تسليم ڪرڻ لڳا. سڄو ملڪ سندس عزت ڪري رهيو هو. ان وقت هن کي ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو.
هن پنھنجو عھدو ايمانداري، ذميواري ۽ قابليت سان نڀائي، پر هن جي وڌندڙ مقبوليت، عزت، مشھوري حڪومت کي پسند ڪانہ هئي. انھيءَ ڪري 25 ڊسمبر 1924ع تي هن کي بنگال آرڊينس تحت گرفتار ڪري غيرمعيانہ مدت تائين مانڊلي جيل ۾ نظربند رکيو ويو. مانڊلي جيل جون تہ تڪليفون مشھور آهن. اُتي ڪانيه تلڪ کي بہ قيد ڪري رکيو ويو هو، لي ڪمانيہ ترڪ هندستان جو برک سياسي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. جنھن قوم کي اهو ڏس ڏنو هو تہ ”آزادي اسان جي جنم جو حق آهي. “
مانڊلي جيل کي ڪارو پاڻي ڪري ڪوٺيو ويندو هو. (جيئن سنڌ جي خيرپور جيل کي ڪارو پاڻي سڏيو ويندو آهي. )
هي آسودي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري شھزادن وانگر پليو نپيو هو. جيل ۾ جالڻ هن لاءِ تڪليفده ٿي پيو. هن جا ڦڦڙ خراب ٿيا پيا. وزن ڪافي گهٽجي ويس، سخت بيمار ٿي پيو.
اپريل 1927ع ۾ هو تمام ڳري ۽ بدن ۾ لھي ڏٻرو ٿي ويو. ٿورو بہ بار نہ ٿي کڻي سگهيو. اٿڻ ويھڻ ۾ تڪليف سنڌن ۾ سور ٿيڻ لڳس. ان جي ناچاڪي جي خبر حڪومت کي ملي تہ اها ان شرط تي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي تہ سڀاش علاج لاءِ يورپ هليو وڃي پر هو ان لاءِ تيار نہ هو. آخر مجبور ٿي حڪومت عوام جي آواز ۽ اپيلن تي سڀاش کي بنا ڪنھن شرط شروط جي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ چاڪ چڱو ڀلو ٿيو. قومي ڪمن ڪارن ۾ لڳي ويو، هن عوام ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ جدوجھد ۽ جستجو ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
1928ع ۾ موتي لال نھرو جي صدارت ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس ٿيو. جنھن لاءِ والينٽيئر/رضاڪارن جو جنتل ڪمانڊنگ آفيسر سڀاش کي بنايو ويو. انھي ڪانگريسيءَ اجلاس ۾ سڀاش، نھرو رپورٽ بنياد تي بوٽن سان ٺاھہ ڪرڻ جي باري ۾ مھاتما گانڌيءَ جي ٺھراءَ جي مخالفت ڪئي، پر هن کي ڪانگريس اندر حمايت نہ ملي. انھيءَ ڪانگريسي اجلاس ۾ جيڪي مھاتما گانڌي جي ٺاھہ واري رخ جا مخالف هئا، تن سان گڏ سڀاش (Leage of Independence) بنياد وڌو. اها ليگ ڪانفرنس ۾ رهي ئي ڪم ڪندي رهي.
سڀاش مزدورن، هارين ۽ شاگردن جون جماعتون ٺاهي، انھن کي قومي مفاد ۽ مجموعي ايثار لاءِ منظم ڪرڻ لڳو، ڪانگريس ڪميٽيون ٺاهيائين، جنھن ڪري هن کي بنگال صوبي جي ڪانگريس ڪميٽي جو پريزيدنٽ چونڊيو ويو.
ان زماني ۾ برصغير جي سورهيہ سياسي قيدي جتندر ناٿ جيل ۾ سياسي قيدين کي بھتر ڪلاس ڏيڻ ۽ سٺي سلوڪ اختيار ڪرڻ لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي.
هيءُ ڀڳت سنگهہ وارن سان گڏ جيل ۾ هوندو هو. جتندر ناٿ وڏي بھادري ۽ بيباڪي سان انگريز دؤر ۾ مسلسل ڇويھين ڏينھن جي بک هڙتال ڪري، گهڻي ضعيفي عمر ۾ شھيد ٿي ويو. آئون ايئن چوڻ کان رهي نٿو سگهان تہ ان جي بک هڙتال جي ڪري، انھن ڏينھن کان وٺي هينئر تائين جن سياسي قيدين کي بي ڪلاس ملي ٿو ۽ جن سان بھتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو ان شھادت صدقي ۽ قرباني جو صدقو ۽ اجورو آهي.
جتندر ناٿ طويل بک هڙتال دوران جڏهن شھيد ٿيو تہ هڪ انگريز آفيسر سندس لاش کڻائڻ لاءِ جيل پھتو، ان اعليٰ عملدار پنھنجو ٽوپلو لاهي کيس سرڪاري سلام ڪيو. اهو سلام جتندر ناٿ جي همت ۽ حوصلي، اٽل فيصلي ۽ جرئت کي ڪيو ويو. هن جو جيل ۾ موت ٿيڻ ڪري، ويتر انگريزن جي استبداد ۽ بربريت خلاف ماڻھن ۾ نفرت ۽ ڌڪار ڀڙڪوکاڌو. عوام ايئن ڄڀيون ۽ اُلا اٿارڻ لڳو. جيئن آئرش ريپبلڪن آرمي واري سورهيہ بوبي سئنڊس جي بک هڙٿال ۾ شھيد ٿيڻ کان پوءِ برطانيہ جي اگهاڙر استبداد خلاف اتان جو عوام بيباڪي جو مظاهرو ڪيو.
جتندر ناٿ جي ياد ۾ کيس سرخ سلام ۽خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو. جنھن ۾ گورنمينٽ جي بي حيائي ۽ بدمعاشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو. ان جلسي ۽ جلوس ۾ سڀاش چندر جتندر جي بھادريءَ ۽ مستقل مزاجيءَ جي تعريف ڪري، حڪومت جي وحشي ڪارواين ۽ ڪڌن ڪرتوتن کي ننديو. جنھن تي هن کي فورن گرفتار ڪري، تڙ تڪڙ ۾ ٻہ مھينا سخت پورهئي سان قيد بامشقت جي سزا ڏني وئي.
1929ع ۾ راڃ نيتي قيدي جو ڏينھن بنگال ۾ ملھايو ويو ۽ ڪلڪيتي ۾ سڀاش حڪومت جي دٻاءُ ۽ سختي ننديو، تنھنڪري گورنمينٽ کيس ٻاهر ڇڏي نہ سگهي. هن کي بابو سين گپتا ۽ ٻين ڪن ساٿين سان گڏ بغاوت جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کين سال، سال جيل جي سزا ڏني وئي. جيل اندران اليڪشن ۾ بيٺو، کين اتان ئي ڪارپوريشن جو ميئر چونڊيو ويو. سڀاش ۽ سندس ساٿين کي بيداري پيدا ڪرڻ، انھن کي سندن حقن ۽ مسئلن کان آگاھہ ڪرڻ هن جا مکيہ مشغلا هوندا هئا.

4

26 جنوري آزاديءَ جو ڏينھن آيو تہ سڀاش پنھنجي ساٿين سان گڏ اهو جيل اندر ملھايو. ان ڏينھن هنن جيل اندر وارڊ مٿان ترنگو قومي جهنڊو کوڙِي ڇڏيو. جهنڊو ڪيئن آيو؟ ڪٿان آندو ويو؟ ۽ ڪنھن آندو؟ جيل انتظاميہ وارا مونجهاري ۾ پئجي ويا. ڏاڍي جاچ جوچ هلي پرکڙڪ بہ نہ پئي، جهنڊو ڦڙڪندو رهيو. تنھن کان پوءِ جيل اندر هڪ ٻيو واقعو ٿيو، مڇوا بازار بم ڪيس جي جوابدار بنا سبب ٻڌائڻ جي سپرنٽيڊنٽ جيل پنھنجي ملازمن عملدارن ۽ پٺاڻ قيدين (مقدمن) کي وٺي اچي مارڪٽ ڪئي. سڀاش ۽ سندس ساٿين اعتراض واريو، جنھن تي هنن درنده صفت ڪامورن سياسي قيدين کي بہ نہ بخشيو، انھن تي بہ تشدد ڪيو. ايتري قدر جو سڀاش ٽي ڪلاڪ بيھوش ٿي ڪري پيو ۽ کيس بخار چڙهي ويو. پوءِ ان زيادتي جي باري ۾ بنگال ڪائونسل ۾ سوال پڇيا ويا ۽ تحقيقات ڪميٽي جي گهر ڪئي وئي پر حڪومت جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪيو نٽائي ۽ لنوائي وئي.
دراصل جيلن ۾ قيدين سان آفيسرن طرفان ناروا هلت ۽ بدسلوڪي جي باري ۾ جيڪڏهن ڪنھن بہ سياسي قيدي تي ٿيل ظلم بابت جيل انتظاميہ وٽ اخلاقن جائز احتجاج ڪري، ان قيدي جي پٺ ڀرائي ڪئي تہ جيل وارن ان کي پنھنجي معاملي ۾ مداخلت سمجهي، ان مسئلي کي پنھنجي عزت ۽ انا جو مسئلو بڻائيندا، ويتر ڪاوڙجي ويندا آهن.
ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن اهڙين ڳالھين تي قيدين ۽ جيل انتطاميه جي پاڻ ۾ چپڪلش بہ ٿي پوندي آهي ۽ هڪ ٻئي تي اُڀا ٿي ويندا آهن.
بھرحال سياسي قيدي جيلن ۾ اچڻ ڪري عام قيدين تان سختي ۽ ظلم جهڪو ٿيو آهي.
جنھن بہ جيل تي ڪو سياسي قيدي جهليل هوندو آهي تہ جيل وارا هروڀرو ڪنھن قيدي کي تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. سڀاش چندر بوس ٻار بہ ناهن. ماڻھن جي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ انگريز سرڪار سان اٽڪندو رهيو پر قيد ۾ بہ انھن تي ٿيندڙ هر ظلم ۽ زيادتي خلاف جيل وارن سان وڙهندو هو.
23 سيپٽمبر 1930ع تي سڀاش جيل مان آزاد ٿيو. آزاد ٿيڻ سان ئي وري سياسي سرگرمين ۾ ڪاهي پيو، هن جي ميدان ۾ اچڻ ڪري حڪومت پريشان ٿيڻ لڳي.
18 جنوري 1931ع ۾ سڀاش بابو جيئن مالده کان برهامپور اچي رهيو هو. تيئن حڪومت کيس اڳتي وڌڻ ۽ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ 144 قلم تحت نوٽيس ڏنو. هن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٽيھر گرفتار ڪيو ويو، قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ ڪري ٺھہ پھہ هن کي سزا ڏئي جيل موڪليو ويو.
26 جنوري هندستان جي تاريخ ۾ بيمثال قربانين جو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن تي سوين جوڌن جوانن، جونجهارن، پوليس جي تشدد ۽ لٺين جو نشانو ٿي، پنھنجي جان تي گهاءُ ۽ زخم سٺا ۽ هزارين جيلن ۾ ٻوساٽيا ويا. ان ڏينھن ملھائڻ تي بندش هوندي بہ ڪلڪتي ۾ شاهي سرگس ڪڍيا ويا ٻہ سرگسون ڪارپوريشن جي جڳھہ وٽان آيون. هڪڙي سڀاش جي سربراهي ۾ ۽ ٻي عورتن جي اڳواڻي ۾، ٻئي وڏيون سرگسون هيون، پوليس جلوس ۽ سرگسن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، پر ستياگرن پوليس جي هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ اڳتي وڌيا، هڪدم گهوڙِسوار پوليس وارن ۽ سارجنٽن مٿن لٺين جو وسڪارو ۽ ڦھڪو لاهي ڏنو. سڀاش ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيا.
اٽڪل پنجاھہ ماڻھو ڪلڪتي جي ميدان تي گهائجي پيا. سڀاش کي زخمي حالت ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو. هن کي ڇھہ مھينا سخت پورهيي سان قيد جي سزا ڏني وئي. اهڙي طرح 1929ع کان 1931ع تائين هُو ٽي دفعا جيل ۾ ويو. 1931ع ۾ هو گانڌي اِر ون ٺاھہ کان پوءِ آزاد ٿيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سڀاش ان ٺاھہ تي ناراضپو ڏيکاريو.
هن ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي تان بہ ان ٺاھہ تي اعتراض طور استعيفا ڏئي ڇڏي. 1931ع ۾ ڪراچي ۾ ڪانگريس جو اجلاس سردار پٽيل جي صدارت ۾ ٿيو. جتي بہ هن ان ٺاھہ کي ننديندي زبردست مخالفت ڪئي.
ڪراچي ڪانفرنس وقت هن آل انڊيا نوجوان ڪانفرنس ۽ راڄ نيتي قيدين جي ڪانفرس جي صدارت ڪئي، جتي هن اهو اعلان ڪيو تہ “مھاتما گانڌي وائسراءِ سان صلح ڪري، هڪ راڄ نيتي ڪم فھمي ڪري ڏيکاري آهي.
سڀاش فيبروري 1936ع ۾ آئرلينڊ ويو. جتي ڊي وليرا سان مليو. اتي ئي رهندي، هن پنھنجو ڪتاب ”هندستان آزاديءَ جي يڌ“ لکيو. جن ۾ 1920ع کان 1934ع تائين هندستان جي آزاديءَ جي جنگ جو دل اٿاريندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيل ۽ آزاديءَ جو ڏس ڏنل هو. ان ڪتاب جي هندستان ۾ اچڻ تي بندش پئجي وئي پر يورپ ۾ ڪتاب هٿو هٿ کپي ويو.
1936ع ۾ سڀاش هندستان پھتو. ان دفعي بہ کيس گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي فيض پور ۾ ڪانگريس جو اجلاس پنڊت جواهر لال نھرو جي صدارت هيٺ ٿيڻو هو.
جواهر لال نھرو سندس گرفتاري تي اعتراض ۽ احتجاج طور 10 مئي جو ڏينھن ”سڀاش ڊي“ مقرر ڪيو، جڏهن سڄي ملڪ ۾ گرفتاري تي اعتراض ورتو ويو. ان ڏينھن هند اسيمبليءَ ۽ ڪلڪتي ڪارپوريشن جو اجلاس بہ احتجاج طور محمل ڪيا ويا. مارچ 1937ع تائين هو 18، 18 جي ريگيوليشن 3 هيٺ نظربند رهيو. لاهور جي ڪانگريس کان پوءِ گانڌيءَ جي لوڻ جو قانون ٽوڙڻ جي هلچل شروع ڪئي. سڀاش بابو بہ ان ۾ ڀرپور بھرو ورتو، پر ان تي ڪيس ۽ مقدمو ڪونہ هلايو ويو نہ ڪنھن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. پر سڀاش اڻڄاتل مدي تائين قيد ڪيو ويو.
صلح کان پوءِ سڀاش جيل کان ٻاهر آيو گانڌيجي شرطن موجب گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. ان جي ناڪامي ڪري مھاتما گانڌي هندستان ۾ ايندي ئي گرفتار ٿي ويو. پر ان اچڻ مھل صلاح ڏني تہ تحريڪ بند ڪئي وڃي.
سڀاش بابو انھيءَ صلاح جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آخر تائين هچل بند ڪرڻ خلاف رهيو.
1936ع تي ڪراچي ۾ نوجوان سڀا جو اجلاس ٿيو. ان جو صدر سڀاش چندر هو. هن اتي هڪ زبردست ۽ شاندار تقرير ڪئي. جنھن کي حڪومت برداشت نہ ڪيو ۽ سڀاش کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. هن کي گرفتار ڪري عليپور جيل موڪليو ويو ۽ پوءِ سڊني جيل ۾ رکيو ويس. جتي هن جي صحت خراب رهندي هئي، هن جي آزاديءَ لاءِ عام ماڻھن ميٽنگون جلسا ڪري، حڪومت کي تارون ڪيو، پر گورنمينٽ کيس آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئي.
سڊني جيل تي سندس ساٿين، همدردن، مداحن ۽ ٻين پرستارن جا هشام ۽ هجوم ملاقات ڪرڻ ۽ کيس ڏسڻ ايندا هئا. حڪومت تنگ ٿي پئي. کيس سڊني جيل تان بدلي ڪري لکنئو جيل موڪليو ويو.
سڀاش بابو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد سوئيزرلينڊ، روم، آئرلينڊ، فرانس ۽ جرمني وغيرہ ملڪن جو دورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. ٽن سالن تائين انھن ملڪن ۾ رهيو ۽ انھن جي رهبرن ۽ اڳواڻن، مسوليني ۽ ڊي وليرا سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيترن هنڌن تي تقريرون ڪيون ۽ ليڪچر ڏنائين. هي پنھنجو علاج بہ ڪرائيندو رهيو. جڏهن تندرست ٿيو تہ ڀارت اچڻ جي خواهش ڏيکاريائين پر حڪومت کيس اچڻ جي موڪل نہ ڏني. انھيءَ ڪري ٽن سالن تائين پرڏيھہ ۾ رهيو.
سڀاش ٻاهرين ملڪن ۾ آزاديءَ جي تعليم سان گڏ ويڙھہ جي ٽريننگ بہ وٺي رهيو هو. ان وقت سندس والد جان ڪي ناٿ بوس بيمار ٿي پيو. والد جي خواهش ۽ خيال ٿيو تہ مرڻ وقت سڀاش چندر جو آخري درشن ڪري وڃان پر حڪومت قطعي تيار نہ هئي. جي تيار ٿي تہ انھيءَ شرط تي تہ سڀاش بابو پيءُ جو منھن ڏسي، وري ملڪ مان واپس هليو ويندو. پر نہ چاهيندي پيءُ جي هميشہ وڇوڙي ۽ منھن ڏسڻ لاءِ هن اهي شرط منظور ڪيا. ليڪن سڀاش والد جو منھن ڏسي نہ سگهيو. اها خواهش سيني ۾ سانڍي بيمار پيءُ هن جي هندستان پھچڻ کان اڳ گذاري ويو. هيءَ پيءُ جي مئي پڄاڻان هتي پھتو.
سڀاش کي هڪ مھينو ڀارت ۾ رهي وري يورپ وڃڻو پيو. 1936ع ۾ ان . کي آل انڊيا ڪانگريس گهر ڪئي تہ سڀاش بابو تان پابندي هٽائي، کيس هندستان اچڻ ڏنو وڃي. پر حڪومت اهو منظور نہ ڪيو ۽ سڀاش کي هندستان اينديئي گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل ڏيڍ سال سڀاش جيل ۾ رهيو.
آخر زبردست احتجاج ۽ ايجيٽيشن کان پوءِ مارچ 1937ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪجهہہ وقت هندستان ۾ رهيو. پر وري صحت خراب ٿيڻ ڪري ڊاڪٽرن جي صلاح سان يورپ هليو ويو.
هُو لنڊن ويو. جتي زندگي هن کي ڏاڍي وڻندڙ لڳي. اتي جي آزاد فضا ڏسي، هن پنھنجي ڏيھہ ڏانھن نگاھہ وڍي، غلامي ۽ آزاديءَ ۾ وڏو فرق ڏٺائين. هن ڏٺو تہ گورا ماڻھو جيڪي هندستان ۾ پاڻ کي حاڪم ليکيندا ۽ سمجهندا آهن سي اتي هوٽلن اندر سندس خدمت ڪندي نہ ٿي ڍاپيا. هنن شدت سان محسوس ڪيو تہ لنڊن ۾ انگريز هندستان سان هندستانين سان ورتاءُ ڪندي پاڻ کي حاڪم نٿا سمجهن، رڳو هندستان ۾ ئي هو انھن کي غلام ڪري ٿا ليکن.
لنڊن ۾ سندس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ايندي ئي پنھنجي پھرين تقرير هن انگريز سياستدانن کي صاف ٻڌائيندي چيو تہ: “زوريءَ فيڊريشن کي ڀارت تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ڪانگريس ان جي سختي سان مخالفت ڪندي، ان نيت ارادي ۽ اسڪيم کي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. ”
1938ع ۾ هريپور جي سالياني اجلاس جي صدارت لاءِ جد اجدا نالا پيش ڪيا ويا. پر ٻين اميدوارن سڀاش جي ملڪي خدمت ۽ قربانين کي نطر ۾ رکي پنھنجا نالا واپس ورتا ۽ سڀاش چندر بوس بابو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو. ان وقت سڀاش بابو يورپ ۾ هو. هن کي تار ڪري اطلاع ڪيو ويو تہ هو هڪدم هندستان موتي اچي.
18 جنوري 1938ع تي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پڌرو ڪيو تہ هري پور ڪانفرنس ۾ هُو پرڌان شري سڀاش چندر بوس کي چونڊريو ويو آهي. هن جي صدر چونڊجڻ تي نوجوان طبقي ۾ خوشي جي لھر ڊوڙي ويئي. ڪانگريس جي نرم ۽ گرم طبقن جي ملاپ خاطر ئي هن کي صدر چونڊن لازمي سمجهيو ويو.

5

24 جنوري تي سڀاش انگلينڊ مان ڪلڪتي موٽيو. پھريائين هوائي جھاز ڊرگ روڊ تي پھتو. جڏهن اتي پھتو تڌهن ڪراچي مان هزارين ماڻھو کيس ڏسڻ، آجيان ۽ استقبال ڪرڻ آيا. موٽرن، بسن، ڪارن ۽ گهوڙن گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، اهو استقبال هڪ وڏي جلوس جي صوت اختيار ڪر ي ويو.
هريپورا ڪانگريس جي اجلاس ۾ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ سڀاش هندستان اڳيان جيڪي مکيہ ۽ اهم مسئلا هئا. تن تي کُلئي دل ڳالھايو ۽ روشني وڌي. هن يورپ جي جنگ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي، ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ جنگ جو موقعي جو فائدو وٺي، هندستان کي برٽش سلطنت شاهي کان آزاديءَ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي.
آزاد هندستان جو برٽن سان ڪھڙو رشتو ۽ ناتو رهي. تنھن جو ذڪر ڪندي چيائين تہ: ”آزاد ٿيڻ بعد ئي اسين برٽن ڏانھن پنھنجي ايندڙ ۽ آئيندہ لاڳاپن جو فيصلو ڪنھن عھدنامي ذريعي ڪري سگهنداسون. جو ٻئي ڌريون رضا خوشي سان صحيح ڪنديون ۽ پوءِ ان جو گهڻو مدار انگريزن جي ئي رخ تي رهندو.
آئرلينڊ جو پريزيڊينٽ ڊي وليرا هن سولا تي رويو ۽ رخ مونکي پسند آهي، هن وانگر مان بہ چوندس تہ اسان جي انگريزن سان ڪا بہ دشمني ڪانھي. اسان برطانيہ حڪومت سان لڙي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا تہ اسان آئيندہ لاڳاپن جوڙڻ لاءِ اسان کي مڪمل آزادي رهي.
آزاديءَ وٺڻ بعد ڪانگريس جو درجو ڪھڙو رهي، تنھن بابت چيائين تہ “هندستان ڌارئي راڄ کان آزاد ٿيندو. تنھن بابت ڪانگريس ڪو سميتي ڪونہ ويندي، جيتوڻيڪ ڪانگريس آزاديءَ کان پوءِ بہ وڏي مان وڏي پارٽي ٿي رهندي، جا ملڪ جو ڪاروبار هلائيندي. جنھن سال سڀاش پريزيڊنت ٿيو. تنھن ۾ هن خاص ڳالھہ اها ڪئي جو ملڪ جو هنري واڌاري لاءِ هڪ نيشنل پلاننگ ڪاميٽي ٺاهي، جنھن جو چيئرمين پنڊت جواهر لال نھرو کي ڪيو ويو. جيئن تہ اتي انھيءَ سال ڪانگريس عھدا قبوليا هئا ۽ ڪانگريسن جون ستن پرڳڻن ۾ راڄ هلي رهيو هو. تنھنڪري اها هنري واڌاري جي هلچل ۾ ڪانگريس چڱو سھڪار ۽ ساٿ ڏنو ڪانگريس ڪا بہ خاص هلچل يا چڪري ان سال ڪا نہ هلائي.
سڀاش بابو بہ ڪانگريس وزارتن جي ڪم کي پسند ڪيو، ايتري قدر جو اٺين پرپڳڻي آسامّ بہ سندس ڪوشش سان ڪانگريس ڪوئليشن وزارت ٺھي.
سڀاش سنڌ ۾ بہ ڪانگريس ڪوئليشن وزارت کڙي ڪرڻ جي فائدي ۾ هو. ان ڏس ۾ هو ڪجهہہ ڪري نہ سگهيو.
هُو جڏهن وطن آيو تہ هن جو زبردست استقبال ڪيو ويو. گانڌي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ دوستن واڌايون ڏنيون.
آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جو اجلاس 12 فيبروي 1938ع ۾ شروع ٿيو. پنڊت جواهر لال نھرو گذريل سال جي ڪاروائي پڙهي. حالتن تي مختصر روشني وڌي ۽ سڀاش بابو کي درخواست ڪئي تہ صدارت جي ڪرسي سنڀالي، نعرن جي گونج ۾ سڀاش چندر صدارت جي ڪرسي تي ويٺو. بھترين نموني سان صدارت جا فرائض سرانجام ڏنائين ۽ شاندار تقرير ڪيائين.
ڪانگريس جو 56هون اجلاس ترپور ۾ ڪوٺايو ويو. صدارت جي اميدواري لاءِ ٽن ڄڻن جا نالا آيا.
1. مولانا ابو الڪلام آزاد
2. ڊاڪٽر پتابي سيتا رام
3. سڀاش چندر بوس بابو
ڀارت جي نوجوانن جي اها خواهش ۽ خيال هو تہ سڀاش بابو کي وري صدر ڪيو وڃي پر ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ ان لاءِ تيار نہ هئي. مولانا آزاد صحت خراب هئڻ ڪري ايڏو بار کڻڻ قبول نہ ڪيو.
گانڌيجي ڊاڪٽر پتاجي سيتارام کي ان عھدي لاءِ نامزد ڪيو.
ان وقت معمول هوندو هو تہ ڪانگريس جي صدارت لاءِ لائق ۽ حقدار اهو هوندو ۽ ان جي حصي ۾ صدارت ايندي هئي. جنھن کي گانڌي نامزد ڪندو هو. اهو رواج ۽ رسم بيڪار ۽ فرسودہ آهي تہ ڪو بہ ليڊر پنھنجي مرضي مڙهي. غير جهموري طريقو اختيار ڪري پنھنجا ماڻھو چونڊرائي ان کان پنھنجا جھڙا تھڙا فيصلا مڃرائي.
ائين ڪرڻ سان پارٽي ۾ انتشار ۽ گروھہ بندي کي هٿي ملندي آهي، جيڪا اڳتي هلي تنظيم يا تحريڪ لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. سڀاش چندر بوس ان پراڻي رسم ۽ طريقي جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. مھاتما گانڌيءَ جي طرفان سيتارام جي نامزدگي جي باوجود سڀاش اعلان ڪيو تہ: “آءٌ پارٽي جي صدارتي چونڊ اليڪشن، لڙندس گانڌيجي ڪانگريس جو مالڪ ناهي. اهو فيصلو صوبائي ڪميٽين ۽ عوام کي ڪرڻو آهي تہ صدر ڪير ٿيندو؟”
بوس جي انھي فيصلي جهموريت پرست ڪانگريس جي حلقي ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هن کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن کي اپيل ۽ التجا ڪئي وئي. اليڪشن تان هٿ کڻي پنھنجو نالو واپس وٺي، ليڪن هُو پنھنجي فيصلي تي اٽل رهيو. پنھنجي اصولي ڳالھہ تان چسيو ۽ چريو نہ، هن چيو تہ: مون پنھنجي آزمودي ۽ عقل سان ڏٺو آهي تہ ڪانگريس جو صدر گهڻو ڪري ورڪنگ ڪميٽي ۽ گانڌيجي هٿ ۾ وٺي ٿو رهي. آءٌ جهوني دستور کي ٽوڙي ڪانگريس ۾ نئين ريت رکڻ لاءِ اليڪشن ۾ بيھان ٿو، عام خيال اهو تہ جنھن ۾ گانڌيجي مرضي ۽ همدردي نہ هوندي! جنھن کي گانڌيجي حمايت حاصل نہ هجي، اهو ڪھڙي حالت ۾ بہ ڪانگريس جو صدر نہ ٿو ٿي سگهي. ليڪن سڀاش اهو طلسم ٽوڙي ڇڏيو، هن مڙسي سان مقابلو ڪيو ۽ سيتارام کي شڪست فاش ڏئي ٻيھر ڪانگريس جو صدر مقرر ٿيو.
هنن جي اليڪشن کان پوءِ مھاتما گانڌيءَ فورن اعلان ڪيو تہ: ”آئون تسليم ڪيان ٿو تہ اها شڪست پتاجي سيتارام جي نہ پر منھنجي آهي. “
بوس تي اعلان جو ڪوئي اثر نہ پيو، نہ ئي هن نوٽيس ورتو.
ان ڪاميابي تي سڀاش ڪنھن بہ خوشي جو اظھار نہ ڪيو. بلڪہ نھايت ئي زور دار لفظن م چيو تہ: ”هي موقعو خوشي ڪرڻ جو تہ ڪونھي پر ان جي بدران پنھنجي دلين جو امتحان وٺڻ ۽ آئيندي جي لاءِ تياري ڪرڻ جو آهي. اسان جي چونڊ جي نتيجي کي صبر ۽ تحمل سان ڏسڻ ۽ ويچارڻ گهرجي، مون کي سڀاڻي جو فڪر ۽ ڳڻتي آهي. “
اهو ئي عملي ڪم انھن ماڻھن جو ٿيڻ گهرجي، جن مون کي ووٽ ڏنو آهي ايئن نہ آهي مان اها ڳالھہ صاف ڪرڻ ٿو چاهيان تہ ڪانگريس پھرين وانگر بلڪل هڪ آهي. ڪانگريس ۾ اختلاف اچي سگهن ٿا پر جيسيتائين حڪومت سان لڙائي جو خيال آهي. ان ۾ سڀ هڪ آهيون.
هندستانن جي نوجوانن سوچڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو تہ ”عدم تشدد“ خاص حالتن ۾ درست ٿي سگهي ٿو. ليڪن عدم تشدد جي تحريڪ کي خاص حالتن ۾ پستول جي گولي ــــــ بم جي ڌماڪن جي ضرورت آهي، آزادي ليٽڻ، بک هرتال ڪرڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻي نعرن هڻڻ ۽ ٻاهريون مال خريد نہ ڪرڻ (PICKETING) سان حاصل نہ ٿيندي آهي.
پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ”رائيفل جي ٽريگر“ کي ڇھڻ ۽ لبلبي، دٻائڻ جي ضرورت آهي. آزادي گهرڻ سان ملندي آهي، آزادي کسي وٺبي آهي.
مھاتما گانڌي واقعي هڪ عظيم انسان آهي، پر پنھنجي قربانين سان پنھنجي ملڪ کي هڪ وڏي انقلاب لاءِ تيار ڪيو. پر اسان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ پھچي چڪا آهيون. جتي مھاتما گانڌيجي قيادت نہ پر ڀڳت سنگهہ، سڀاش چندر بوس، تلڪ، ۽گوش جھڙن پرجوش، بي باڪ ۽ بھادر نوجوانن جي هٿن ۾ اڳواڻي ڏسڻ چاهيون ٿا. گوش جو چوڻ هو تہ: ”ملڪ جو ڪو بہ انقلاب پسند نوجوان ان فلسفي جو حامي ناهي، نہ ئي ٿي سگهي ٿو، اسان ان ڳالھہ تي عقيدو رکون ٿا تہ سسي گده جا يا عدم تشدد ذّريعي ڪا ئي قوم آزاد نٿي ڪري سگهجي. حصول آزاديءَ لاءِ قوت بازو جي ضرورت آهي.
آزادي پني نہ ويندي آهي بلڪ وڙهي وٺبي آهي. آزاديءَ لاءِ خون ۾ وهنجڻو ۽گولين سان کيڏڻو پوندو آهي.
سڀاش چندر پھريون دفعو گانڌيجي راضپي ۽ مرضي سان 1937ع ۾ ڪانگريس جو صدر بنجي ويو. ليڪن 1938ع ۾ ڪانگريس جي عام ميمبرن جي متفق راءِ کان پوءِ چونڊجڻ جي باوجود ان کي مجبورن مستعفي ٿيڻو پيو. انڪري تہ گانڌيجي خاص تعاون ۽ اشتراڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو. حالانڪہ سڀاش ڪانگريس جو صدر ۽ گانڌي ڪانگريس جو چئين آني جو بہ ميمبر نہ هو.
پھريان گانڌيجي، جواهر لعل نھرو جي ڀيٽ ۾ سڀا ش چندر جي پٺي ٺپي، بنا ڪنھن شڪ جي ان کي ڪانگريس جو صدر بڻايو. ليڪن سڄي سال جي تجربي مان هن کي اندازو ٿيو تہ جھڙي طرح جواهر لعل نھرو گانڌيءَ جي نياز مندي ڪندي جهڪي وڃي ٿو. بوس نٿو جهڪي جواهر لعل نھرو پنھنجي مڃيل ۽ معروف سياسي عقيدن تان مھاتما گانڌي خاطر لچڪ پيدا ڪري ٿو. ليڪن بوس پنھنجي ڪنھن بہ خيال ۽ نظرئي ۾ گانڌي خاطر ذرو بہ لچڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. . . نتيجي ۾ گانڌيجي، بوس کان منھن موڙي ويو.
هڪڙي اديب ۽ ان وقت جي ليڊر لکيو آهي تہ ڪانگريس جي اجلاس جي موقعي تي گانڌيجي، ان ۾ شرڪت نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن هن جي عدم شرڪت جي ڪري ڪانگريس جو اجلاس (سيشن) ڪمي محسوس ڪري ۽ بي مزي ٿئي، ماڻھو سمجهن تہ ڪانگريس گانڌيءَ جي مرحون منت کان محروم ٿي وئي آهي، ليڪن بوس ان جي ڪا پرواھہ نہ ڪئي، تياريون ٿينديون رهيون. اجلاس شروع ٿي ويو گانڌيجي، ڏٺو تہ اهو داءُ بہ ناڪام ويو تہ هو پنھنجي شھر راج ڪوٽ پھتو، ۽ ننڍي راجا جي هڪ مبينا واعدي خلافي تي احتجاج ڪندي بک هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيائين.
اصل مقصد هو تہ سموري هندستان ۾ هلچل هُو هوا مچي وڃي، عوام بوس ۽ ڪانگريس جي اجلاس کان توجھہ ۽ هٽائي ڇڏي. ليڪن ان جي باوجود ڪانگريس جو اجلاس نھايت ڪاميابي سان پورو ٿيو.
وائسراءِ مداخلت ڪري چيف جسٽس آف انڊيا سرماوس گائد کي ثالرن بڻائي بک هڙتال ٽوڙائي. ليڪن بوس ان واقعي کان ذرو بہ متاثر نہ ٿيو.
معمول ۽ اصول اهو هو تہ صدر ڪانگريس پنھنجي ورڪنگ ڪميٽي خود نامزد ڪندو.
ليڪن بوس لاءِ اهو مسئلو وڏو نازڪ ٿي ويو. جيڪڏهن ورڪنگ ڪميٽي نون ميمبرن تي مشتمل ٿئي ٿي تہ پراڻا ميمبر ڪڍيا وڃن ٿا تہ ماڻھو چوندا بوس کي گانڌي سان مڃيل ليڊرس سان اختلاف ۽ اڻبڻت آهي. جيڪڏهن ورڪنگ ڪميٽي تي پراڻا ميمبر کنيا وڃن ها تہ گانڌيءَ جي اثر هئڻ ڪري سندس چوڻ تي قدم، قدم تي رڪاوٽون وجهڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڏين ها.
آخر بوس عوام جي اعتماد ۽ اعتبار کي ڌچڪو نہ رسائڻ خاطر فيصلو ڪيو تہ پراڻن ميمبرن کي خارج نہ ڪيو وڃي.
تنھنڪري هن پنھنجي نئين ورڪنگ ڪميٽي ۾ جواهر لعل نھرو، سردار پٽيل، مولانا آزاد، ڪرپلاڻي، راجندر پرشاد کي نامزد ڪيو.
گانڌيجي خالص سياستدان هو. هن جي چوڻ ۽ اشاري تي ورڪنگ ڪميٽي مستعفيٰ ٿي وئي. صورتحال هيئي تہ بوس ڪانگريس جو صدر هو. ليڪن ڪانگريس جا تمام پرڻا ليڊر ۽ چوٽيءَ جا اڳواڻ ان سان لاتعلقي ۽ عدم تعاون ڪري رهيا هئا. انھن حالتن ۾ بوس محسوس ڪيو تہ هو ڪم نٿا ڪري سگهن، پاڻ ذهني پريشان ٿيڻ لڳو.
سردار ولڀ پٽيل جي وڏي ڀاءُ ٺل ڀائي پٽيل صابق صدر مرڪزي اسيمبلي بوس کان تمام گهڻو متاثر هو.
22 آڪٽوبر 1933ع ٿي. ان جو انتقال آمريڪا ۾ ٿيو. ان وقت بوس بہ اتي موجود هو. سندس لاش هندستان موڪلرايو ولڀ ڀائي پٽيل مرڻ مھل وصعيت ۾ تمام جائيداد ۽ املاڪ ملڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان جو ٽرسٽي بوس کي بنايائين ۽ وصيت ڪري ويو هو تہ ٻاهرين ملڪن مان هندستان بابت پرچار ۽ پروپيگنڊه ڪرڻ لاءِ سندس ملڪيت سڀاش کي ملڻ گهرجي. ليڪن سردار ولڀ ڀائي پٽيل ان وصيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايائين. استدعا ڪيائين تہ کيس ٽرسٽي بنايو وڃي.
سڀاش ۽ ٻين اڳواڻن جا اختلاف ۽ صدارتي گوڙ هلندا رهيا، ڪانگريس ڪميٽي جي 12 ميمبرن اعتراض طور ورڪنگ ڪميٽِي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. جنھن وقت تار جي ذريعي اها استعيفا پھتي. ان وقت سڀاش بابو سخت بيمار هيو. ايتري قدر جو پنھنجي بستري ۽ کٽ تان بہ اٿي ويھي نہ ٿي سگهيو. سڀاش طبعيت ۾ ڪجهہہ بھتر ٿيو، انھن جي استعيفي قبول ڪري ڊاڪٽرن جي هدايت جي پرواھہ نہ ڪندي سڄي ڪم کي پاڻ نظر مان ڪڍڻ لڳو.
ترپور اجلاس ۾ باقي هڪ هفتو وڃي بچيو هو. پاڻ ۾ ڪنھن ٺاھہ، صلح ۽ سمجهوتي ڪرڻ جو ڪو بہ اهڃاڻ، سگهه ۽ اميد نظر ڪا نہ پئي آيس. ان وقت گانڌيجي، مرڻ تائين بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي وقت ۾ سڀاش بابُو جي خاموش ويھڻ جو سوال ئي پيدا نہ پئي ٿيو.

6

اهڙي بيماري جي حالت ۾ ڇھہ مارچ تي سڀاش ترپور ۾ پھتو. 8 مارچ تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
سڀاش چندر بوس کي ايمبولنس موٽر ۾ پنڊال ۾ آندو ويو.
سڀ کان پھريان گذريل سان جي جنرل سيڪريٽريءَ پنھنجي رپورٽ پيش ڪئي، ان کانپوءِ پنڊٽ گوبند ولڀ پڻ هڪ ٺھراءُ پيش ڪيو. جنھن ۾ پريزيڊنٽ کي درخواست ڪئي وئي هئي تہ هلندڙ سال جي ورڪنگ ڪميٽي مھاتما گانڌيءَ جي مرضي مطابق چونڊي وڃي. اهو ٺھراءُ گهڻائي سان پاس ٿيو. ان وقت سڀاش جي حالت گهڻي بگڙجي چڪي هئي. ڊاڪٽرن کيس جبلپور جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي صلاح ڏني.
پر ان بھادر ۽ بي لوث انسان بيماريءَ جي پرواھہ نہ ڪندي پنھنجي جدوجھد ۽ جستجو جاري رکي، نيٺ مجبورن پنڊت جواهر لعل نھرو کي سمجهائڻ لاءِ سڀاش چندر بوس کي وڃڻو پيو. پر ان کي بہ اهيو چئي ڏنائين تہ: ”مان جبلپور اسپتال وڃڻ لاءِ ڪونہ آيو آهيان، اجلاس ختم ٿيڻ کان اڳ ڪنھن بہ جڳھہ تي وڃڻ کان مرڻ بھتر ٿو سمجهان. ”
هي بيباڪ انسان سخت بيمار هجڻ جي باوجود بہ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ڪاروائي هلائڻ آيو. پر ناچاڪيءَ ڪري مولانا آزاد ڪاروائي هلائيندو رهيو.
هن جي صدارتي سرگس بہ سندس تصوير سان ڪڍي ويئي، ايتري قدر جو تريپو ر ڪانگريس ۾ پنڊت گووند ولڀ پانٽ يوپي واري رٿ ۽ تجويز پيش ڪئي تہ ڪانگريس جو صدر مھاتما گانڌيءَ جي منظوري سان ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي. اهو ٺھراءُ اڪثريت سان پاس ڪيو ڇو تہ گهڻائي گانڌيءَ واري ميمبرن جي هئي. سڀاش جهموري اصولن کي مدنظراهو فيصلو قبوليو. ان بعد هن گانڌيجي کان ورڪنگ ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ صلاح گهري پر گانڌيجي، انڪار ڪري حيرت جي ڳالھہ اها رهي تہ پنڊت پانٽ اهو ٺھراءُ پيش ڪيو ان کان اڳ گانڌي جي، کان پچيو صلاح بہ ورتي هئائين تريپور ۾ سڀاش جي صدارتي تقرير جا سندس بيماري سبب مولانا آزاد ڪلام پڙهي سا تمام ننڍي ۾ ننڍي تقرير هئي پر ان تقرير ۾ سڀاش زور ڀريو هو تہ هي وقت آهي جو برٽش سرڪار جي اڳيان اسين پنھنجي قومي گهر ۽ طلب آخري نامي جي صورت ۾ رکون اسان کي مقرر وقت اندر برطانيہ کان ڪو جواب نہ اچي يا ڪو تسلي جھڙو جواب نہ ملي تہ پوءِ اسين وڏي پيماني تي قانون ٽوڙ تحريڪ يا عام سيتا گرھہ ڪريون، برٽش سرڪار هينئر جنگ جو ڏکئي وقت ۾ عام سيتا گرھہ جھڙي چڪري جو مقابلو گهڻو وقت ڪري نہ سگهندي ۽ مجبور ٿي هندستان جو مطالبو قبول ڪندي.

اسان جي قومي اتھاس ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو اهم موقعو آزاديءَ ڏانھن وک وڌائڻ لاءِ ڪڏهن ملندو. خاص ڪري جڏهن اندروني حالتون اسان جي فائدي ۾ آهن. اسان کي نا اميدي ڇڏي آس ۽ اميد رکڻ کپي. جي اسين پنھنجا اختلاف پاسيرا رکي ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي قومي جنگ ۾ ٽپي پونداسون تہ پوءِ برطانيہ سلطنت شاهي تي اسان جو حملو اجهل ٿي پوندو. ڇا اسان کي ايتري راڄ نيتي دورانديشي ايندي جو هن اهم موقعي جو فائدو وٺنداسون. ڪن موقعو هٿن مان وڃائينداسون جو قومن جي زندگي ۾ ڪڏهن ورلي اچي ٿو.
ڪيترن ڏينھن کان پوءِ سڀاش جي صحت م ڪوبہ فرق ڪو نہ پيو ان حالت ۾ بہ هن قصي ٺاهڻ جي ڪوشش جاري رکي ۽ پڻ اڻٿڪ جدوجھد ڪئي پرکڙ تيل ڪو نہ نڪتو.
ان طرح سڀاش مو نجهارن ۽ شديد اختلافن کي ڏسي وسيع تر قومي مفاد جي ڪري ڪانگريس جي صدارتي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جيڪا اکين تي رکي منظور ڪئي وئي.
ڪجهہہ طبعيت درست ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ هو سڄي هندستان جي دوري تي نڪتو، هزارين ماڻھن کيس ٻڌو ۽ مرحبا ڪئي.
ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جي ان سلوڪ کان پوءِ سڀاش بابو فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ۽ ڪانگريس صوبائي ڪميٽين کي راضپي کان سواءِ سيتا گرھہ جي ورڪ جي خلاف 9 جولاءِ اعتراض جو ڏينھن ڪري ملھايو. ان ڏوھہ جي ڪري ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ ان کي ٽن سالن لاءِ پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. جڏهن اهو فيصلو سڀاش چندر بوس کي ٻڌايو ويو تہ ان رڳو هي چيو: ”ڇا رڳو ايترو ئي“ هن ان قدم تي گهٻرايو ڪونہ سڀاش هڪ پڌرائي ۾ چيو تہ ”آءٌ ڪانگريس کان ٻاهر بہ ڪانگريس ۽ هندستان جي اهڙي ئي شيوا (خدمت) ڪندو رهندس. جھڙي طرح مھاتما گانڌي ڪانگريس جو چئن آنن وارو ميمبر نہ هوندي بہ ان لاءِ ڪري ٿو.
بنگال ڪميٽي سڀاش کي ڪڍڻ واري فيصلي کي ڪو نہ مڃيو، انھيءَ ڪري ڪميٽي کي بہ برطرف ڪيو ويو. ان وقت کان وٺي 1945ع تائين بنگال ۾ ٻہ ڪانگريس ڪميٽيون هلنديون آيون.
رام ڳڙھہ ۾ جڏهن هي ڪانگريس جو اجلاس ٿي رهيو هو. ان وقت يورپ ۾ لڙائي وڏي زور سان هلي رهي هئي، گهڻن ماڻھن جو خيال هو تہ ڪٿي ڪانگريس ۽ حڪومت وچ ۾ صلح نہ ٿي پوي. سڀاس چندر بوس ان وقت ٺاھہ جي مخالفن ۾ هڪ ”اينٽي ڪمپورومائيز ڪانفرنس“ ڪوٺائي جنھن ۾ ڪانگريس کان گهر ۽ مطالبو ڪيو ويو تہ هو هن وقت سامراجي سرڪار سان ڪو بہ صلح نہ ڪري ڪنھن بہ قسم جو واسطو نہ رکي، حڪومت سان واسطا ۽ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏي. ڪلڪتي ۾ بيلڪ هول راها ڪوٺي جنھن ۾ سراج الدوله انگريز قيدين کي رکيو هو (ڪارو کڏو) جي ڪوڙي حادثي جو يادگار ٺھيل هو. اهو سڄي هندستان لاءِ بدنامي جو باعث هو. گهڻائي ڀيرا ان يادگار کي مٽائڻ جي گهر ڪئي وئي پر جيئن تہ ان هلچل جو پويان ڪنھن مضبوط طاقت جو هٿ ڪو نہ هو. انھيءَ ڪري نتيجي خاطر خواھہ ڪونہ نڪتو.
سڀاش بابو ان يادگار کي مٽائڻ لاءِ پڪو پھہ ڪيو. گورنمينٽ کي چيلينج ۽ چتاءُ ڏنو تہ يادگار کي هڪدم کڻايو ۽ ڊاٿو وڃي، حڪومت ان کي فورن گرفتار ڪيو. هن جي ٻڌجڻ ڪري هلچل کي ويتر هٿي ملي ويئي. آخر سرڪار گوڏا کوڙي جهڪي وئي، مجبورن ان يادگار کي اتان کنيو ويو.
ان کان پوءِ سيتا گرھہ کي اتان بند ڪيو ويو. پر سڀاش کي آزاد نہ ڪيو ويو هو، بنا دريافت نظربند رهيو. هن جي آزاديءَ لاءِ ڪلڪتي جي ميڙن، جلسن ۽ ميٽنگن ڪلڪتي جي ڪارپوريشن گهر ڪئي، هائوس آف ڪامنس ۾ بہ سندس آزاديءَ لاءِ مطالبو ڪيو ويو. ان هوندي بہ کيس نہ ڇڏيو ويو. جلد ئي سيپٽمبر 1946ع ڌاري هن تي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ تحت ٻہ ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هڪ تقرير ڪرڻ ڪري داخل ڪيا ويا. هڪڙو فارورڊ بلاڪ اخبار ۾ ليک لکڻ ڪري ۽هڪ تقرير ڪرڻ ڪري داخل ڪيا ويا جا نظر بنديءَ کان اڳ ڪئي هئائين.

نومبر 1940ع ۾ جيل اندر هن راڄ نيتي قيدين سان همدردي ڏيکارڻ خاطر بک هڙتال ڪئي. ان ڪري سخت بيمار ٿي پيو، ايتري قدر جو جيل اندر ئي ڪيس هلايو ويس، پر اتي بہ حاضر رهڻ جھڙو نہ هو. ان حالت ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. جيل ۾ رهڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي ذهني طرح تيار ڪري، انگريز سامراج خلاف تيار ڪندو، شعور ڏيندو رهيو. موجودہ پير صاحب پاڳاري جي والد پير سائين صبغت ﷲ شاھہ ڪنھن اوائلي ڪيس جي پاداش ۾ ڏھہ سال جيلن ۾ رهيو.
اهو ڪيس ذاتي نوعيت جو هو. تڏهن جيل دوران سڀاش چندر بوس جھڙن انقلابي ذهن رکندڙ سياسي قيدين جي خيال جو اثر قبوليو هئائون، جن ۾ غيرن، ڌارين جي حڪومت کان نفرت ۽ ڌڪار بنيادي نقطو بڻيل هئي.
جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب پاڳاري اجتمائي ايثار ۽ قرباني لاءِ ڌارين کان آزاديءَ لاءِ پنھنجي جماعت کي نئين سر منظم ۽ مضبوط ڪري، متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو.
انھن مان ڪيترن ئي بھادر ۽ سرفروشن چڱي تعداد کي ”حر“ تنظيم ۾ شامل ڪري مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ڪيو. جيئن انگريز سرڪار جا تڏا پٽڻ لاءِ اهي ڪم اچي سگهن.
پير سائين، سڀاش کان ڪافي متاثر ٿيو. جيلن ۾ پنھنجي زندگيءَ کي قومي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري، اجتمائي مفاد لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو خيال ۽ پڪو پھہ ڪيائين.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ هن جو گهڻو وقت ايڪانت ۽ اڪيلائي ۾ گذرندو هو. ايتري قدر جو هن پنھنجي مٽن مائٽن سان بہ ملڻ بند ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ هُو گيتا ۽ ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. آهستي آهستي هن جو شوق ايترو وڌي ويو جو هن پنھنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنھن شخص کي بہ اندر اچڻ جي اجازت نہ ڏني، کائڻ پيئڻ جو سامان دروازي اڳيان رکيو ويندو هو. جنھن کي هو چپ چاپ کڻندو هو، ڪم آندي کان پوءِ خالي ٿانون ٻاهر رکي ڇڏيندو هو.
26 جنوري تي سڄي هندستان ۾ آزاديءَ جو ڏينھن ملھايو ويندو آهي. ان ڏينھن تي هندستان اها خبر ٻڌي حيران ٿيو تہ سڀاش بابو اوچتو گم ٿي ويو آهي، ان جي غائب ٿيڻ تي ماڻھن گهڻيون ئي ڳالھيون ٺاهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ چوٻُول ٿيڻ کان پوءِ سنسني ۽ سانت ڇائنجي وئي. ڪن ماڻھن جو خيال هو تہ ڪنھن ڌارئي ملڪ ڀڄي ويو آهي. ڪن جو خيال هو تہ هُو گردش واري زندگيءَ مان ڪڪ ٿي، گوشه نشيني اختيار ڪئي اٿائين.
آل انڊيا فارورّڊ بلاڪ جي عارضي صدر سردار دول سنگهہ چوڻ لڳو تہ: ”سڀاش چندر بوس تي ان ڳالھہ تي تمام گهڻو صدمو رسيو هو تہ موجودہ نازڪ وقت ۾ ڪانگريس رهنمائي ۽ قيادت ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي. هن ۾ قيادت بري طرح ناڪام وئي آهي ۽ هو محسوس ڪري رهيو هو تہ: صرف موجودہ نازڪ وقت ۾ سياسي ئي ڀارت کي هن غلاميءَ مان آزاد ڪرائي سگهن ٿا. سڀاش جي اوچتي غائب ٿي وڃڻ ڪري ڪيتريون ئي ڳالھيون ڦھليون ۽ افواھہ اٿيا، گانڌيجي تہ تار رستي سندس بابت پڇا ڪئي ۽ ٻين اڳواڻن بہ جاچ جاري رکي.
هُو 1941ع، 26 جنوري تي غائب ٿي ويو. جنھن ڏينھن گم ٿيو. تنھن جي ٻي ڏينھن تي سندس ڪيس جي شنوائي رکيل هئي، ڪورٽ ۾ حاضر نہ رهڻ ڪري، مئجسٽريٽ سندس حاضر ڪرڻ لاءِ وارنٽ ڪڍيو. هڪ تلاشي جو سرچ وارنٽ بہ سندس جڳھہ لاءِ ڪڍيو ويو. جتي پوليس خوب ڳولا ڪئي ڪو بہ ڪاغذ پٽ هٿ نہ آيو. ٿورن ڏينھن بعد سندس مليڪت جي ضبطگيءَ جو حڪم ڪيو ويو.
سڀاش جي گهر وارن جو چوڻ هو تہ 16 جنوري تي پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان هليو هو رات جو ٻي بجي تائين سندس ڳالھيون هليون. جڏهن سڀاش جي ڪمري مان اٿيا تڏهن هُن کين چيو تہ اسان جي آخري ملاقات آهي.
مسٽر اربندو بوس سڀاش جو ڀائٽيو جيڪو سندس خدمت گذاري ۽ شيوا ۾ رهندو هو. ان ظاهر ڪيو تہ 16 جنوري کان سڀاش خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. سڀاش پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪيو هو. پڙدي پٺيان ويھي چيتي جي کل (مرگهہ شال) تي ويھي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو.
ايتري قدر هن کي جيڪو ڪجهہہ کپندو هو تہ ڪمري ٻاهران چٽڪي ۾ لکي رکندو هو ۽ گهنٽي وڄائيندو هو پر ڪنھن کي پاڻ سان ڳالھائڻ نہ ڏيندو هو.
26 تاريخ تي مون مقرر وقت تي ڏٺو تہ اڳئين ڏينھن جي سانجهي کان وٺي کاڌي جون شيون ۽ پاڻي اتي رکيو هو ۽ هن انھن کي هٿ بہ نہ لاٿو هو.
مون کي ڳڻتي، چنتا وٺي وئي، مون گهرڀاتين کي ٻڌايو چٺي لکي پردي پٺيان اڇلائي وئي تہ بہ ڪو جواب نہ مليو. جنھن بعد اندر ڏٺو ويو تہ هوئي ڪونہ، اهڙِي طرح هن جو پتو ڪونہ پيو. ان وچ ۾ ڪيترائي افواھہ اٿيا تہ هندستان کان ٻاهر ڪنھن قومي ڪم سانگي ويل آهي. پر دراصل سڀاش جي خواهش ۽ خيال هو تہ هو روس، جرمني ۽ جپان سان هندستان جي آزاديءَ جون ڳالھيون ڪري، انھيءَ خيال سان هن پھرئين ڪلڪتي ۾ ماڻھن سان گڏجڻ ڇڏي ڏنو ۽ عام طور اهو مشھور ڪيو ويو تہ هُو بيمار آهي، ان عرصي ۾ هن ڏاڙهي ۽ شھپر وڌائي ڇڏيا تہ جيئن سفر ۾ ڪو بہ ماڻھو سڃاڻي نہ سگهي. ان کان پوءِ هُو دهلي آيو ۽ دهلي مان فرنٽيئر ميل ۾ چڙهي پشاور ويو، دهلي ريلوي اسٽيشن تي هن کي ڪنھن ڪونہ سڃاتو، پشاور ۾ ٻہ ٽي ڏينھن آرام ڪري، اتان هڪ ملسلمان موٽر ڊائيور سان گڏجي ڪلينر جي پاسپورٽ تي ڪابل پھتو. ڪابل ۾ هو سڀ کان اڳ هڪ سراءِ ۾ لٿو. اتي پوليس سندس چوڪسي ڪري کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. پوليس کي چپ ڪرڻ لاءِ هن کين ڏوڪڙ ڏئي وات بند ڪيو. شل نہ پوليس کي ڏسي هن لاءِ اهي ڏنل ڏوڪڙ ڏچو ٿي ويا. پوليس جو هڪڙو جمعدار پيو تہ ٻئي کي پئي موڪليائين، ٻيو ويندو هو تہ ٽئين کي موڪليندو هو ڄڻ تہ سندن هٿن ۾ شڪار ڦاٿو. پوليس ڏوڪڙن تي ايئن ايندي هئي. جيئن بگو چوزو کانگهاري تي، ان سراءِ ۾ چار پنج ڏينھن آرام ڪرڻ کان پوءِ ڪابل جي هڪ هندو سوداگر جنھن جو نالو رام داس هو، جي گهر هليو ويو. ان سوداگر کي سڀاش سان صلاحو هئڻ ڪري پوءِ ڪافي وقت جيل ۾ ڪاٽڻو پيو.
سڀاش ڪابل ۾ روس جي سفير سان مليو تہ کيس ماسڪو موڪلڻ جو بندوبست ڪري. ان صاف انڪار ڪيو ۽ پڙ ڪڍي بيھي رهيو پوءِ هُو وري اٽليءَ جي سفير سان مليو. جنھن کيس چيو تہ جيستائين جرمني ۽ اٽليءَ جي حڪومت کان نہ پڇندو. تيسيتائين سندس لاءِ موڪلڻ يا نہ موڪلڻ لاءِ ڪجهہہ نہ ٿو ڪري سگهي. تقريبن سڀاش پنٽيھہ ڏينھن لالا رامداس جي گهر ۾ روپوش ٿي لڪل آهي، ايتري ۾ اٽلي جرمني کان جواب آيو تہ اٽلي جي پاسپورٽ ۾ سفير جي آفيس ۾ هڪ اسسٽنٽ (ماڻھو) ڪري جو اڳ ۾ ڪلڪتي جي سفارتخاني ۾ هو ۽ سباش کي سڃاڻيندو هو. پھرين ماسڪو ويا ۽ اتان پوءِ برلن ۽ جرمني. جرمني گورنمينٽ جي انتظار هيٺ هوائي جھاز جي رستي جپان پھتو. پاسپورٽ ۾ هن جو نالو ”ڪاراٽائين“ هو.
26 جنوري 1941ع تي هي خبر منظرعام تي پھتي تہ سڀاش هندستان مان رپوش ٿي، سال کن سندس رپوشي جي خبر معمو بڻجي وئي. مارچ 1942ع ۾ سڀاش اوچتو برلن ريڊيو تان تقرير ڪئي. جنھن سڀني ماڻھن جو توجھہ ڇڪايو ۽ پتو پين تہ سباش ڪٿان ڪر کنيو آهي، هن تقرير ۾ انگريز سامراج کان هندستان آزاد ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو. ايتري ۾ جاپان بہ هندستان ۾ انگريز تسلط جي خلاف زور شور سان پروپيگنڊه ڪئي. انھيءَ پروپيگنڊه جي لھر هندستاني عوام ۾ آزاديءَ ۽ عزت جي جانبدار خلش پيدا ڪر ي ڇڏي. جاپان جي انھن دعوائن عوام ۾ اهو ثابت ڪري ڇڏيو تہ جاپان، هندستان جي آزاديءَ ۽ ايشيا جي سلامتيءَ ۽ استحڪام لاءِ مصروف عمل آهي. ماڻھن جو خيال هو تہ جپان جو، ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا تي قبضو ڪري هندستان طرف وڌي رهيو آهي، انگريز جي طاقت ختم ٿي چڪي آهي. جپان جي فتح سان هندستان جي تحريڪ آزاديءَ کي هٿي ملندي. ايتري قدر جو گانڌيجي بہ محسوس ڪري ورتو تہ هاڻي اتحاد جنگ جيتي نہ سگهندا، جاپان ۽ جرمني کي فتح نصيب ٿيندي.
سڀاش جو ڪلڪتي کان برلن پھچڻ، جنھن ۾ هن هڪ مسلمان جي روپ ۾ ڏاڙهي رکي پشاور پھتو ۽ پشاور کان ٿيندو افغانستان کانپوءِ جرمني هليو ويو. پوءِ سندس جرمني ڏي ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿيڻ ڪري مھاتما گانڌي کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو. حالانڪہ گانڌي پھريان بوس جي ڪافي سرگرمين جي ڪري مخالف هو، پوءِ سندس خيال بدلجي ويا ۽ کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ايتري قدر جو سڀاش جي تعريف ڪري ڪڏهن ڪڏهن سندس جنگ متعلق خيالن جو حامي ٿي پوندو هو.
سڀاش مزاجن جنگجو هو. 1928ع ۾ جڏهن ڪلڪتي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿي رهيو هو تہ هن پنھنجي هم خيال سياسي ڪارڪنن جي مدد سان بارودي رضاڪارن جو هڪ دستو منظم ۽ متحد ڪيو ۽ ان تي آفيسرن جو باقائدي تقرر ڪيو. رضاڪارن کي بوٽ، پٽي جو جي او سي (جنرل ڪمانڊنگ آفيس) مقرر ڪيو ويو. پر اهو راز ڪجهہہ وقت کان پوءِ فاش ٿي پيو. هنئين جو سڀاش جي نالي تي ڪنھن شھر مان ٽيلگرام آيو. جنھن جي او، سي، جي يونٽن سان ڌڪي رهيو هو. پوسٽ وارن ٽيليگرام اصلي جي او سي کي فورٽ ۾ پھچائي ڏنو.
جي او سي صاحب تار پڙهي ڍڪرجي ويو. گهڻي جاچ جوچ ڪئي وئي. ان انڪشاف کان پوءِ حڪمران طبقي جي هلچل مچي وئي ۽ انگريزن انگريزي اخبارن ۾ بوس جي ان جرئت مندانہ قدم تي ڪافي ڇوھہ ڇنڊيا ۽ تبصرا ڪيا.
گانڌيجي کي سڀاش جا اهڙا ڪم خطرناڪ لڳندا هئا. ڪلڪتي جي مشھور انگريز درزي ”وائٽ دي ليڊلا“ جي هٿن سبيل فوجي وردي ۽ وزني بوٽن جا ڌڌڪا، کيس اڻوڻندڙ ۽ ڀانءَ نہ پوندا هئا. انھن کان هراسان رهندو هو. ڪانگريس جي ڀريل اجلاس ۾ سڀاش جي روشن خيالي جي خيالن جي سرڪش ۽ بغاوت قرار ڏنائين.
هن جي چرپر ۽ تحريڪ تي وڏي چوڪي رهندي هئي. هن جو هندستان مان نڪرڻ قدم قدم سي آءِ ڊي جي پاسباني ۽ نگران جي باوجود 15 جنوري 1941ع جي صبح جو تنگ پاجامو، شيرواني ۽ گول ٽوپي مٿي تي ڪري اطمينان سان گهر جي ڪنھن دروازي کان نڪري آيو. هن سفيد پوش مولانا کي ڪير نہ سڃاڻي سگهيو.
سندس گهر کان ٿوري فاصلي تي ڪار بيٺي هئي. پاڻ ان ۾ ويٺو، ڪار هڪدم رستي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو.
ڪلڪتي کان چاليھہ ميل پري هڪ غير معروف اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهيو. هي مولوي نمارو پوش ضياءُ الدين جي نالي ۾ گاڏي جي سيڪنڊ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ اندر داخل ٿي، تسبيع سورڻ لڳو. هتي تسبيع سوريندي ورد پڙهندي ۽ چپن کي اهڙيءَ طرح سان چورڻ لڳو جو ڪنھن بہ همسفر مسافر کي هن جي عبادت ۽ رياضت ۾ مداخلت ڪرڻ جي همٿ نہ ٿي سگهي. هن جو مراقبو پشاور کان پھريان ختم ٿي نہ سگهيو.
19 جنوري تي هو پشاور پھچي ويو. جتي سندس دوست انتظار ۾ هئا، افغانستان ۽ ڀارت جي سرحد تي زبردست پھرو هو. هڪ قبائلي سردار جي اثر رسوخ تي سرحد پار ٿيو.
سڀاش هڪ سفارتي آفيسر ڊاڪٽر ويلر جي رهبري ۾ افغانستان جي سرحد پار ڪري روس ۾ داخل ٿي ويا ۽ اتان بذريعي ريل گاڏي ماسڪو پھتو. جتي هن لاءِ هڪ جرمن جھاز بيٺو هو، رات جو ماسڪو جي ڪنھن گم نام هوٽل ۾ گذاري. 28 مارچ تي برلن پھچي ويا. جرمني پھچڻ تي هن جلد ئي هٽلر سان ملاقات ڪئي. سڀاش چندر بوس هٽلر سان جرمني جي مختلف شھرن ۾ آباد هندستانن باشندن ۽ هندستان جنگي قيدين تي مشتمل هڪ فوج ٺاهڻ جي امڪان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سڀاش غير معمولي تنطيمي صلاحيت جو ماڻھو هو. هن پنھنجي ذاتي ڪوشش ۽ محنت سان فرسٽ بٽالين آف فري انڊِين ليجن ان جرمني جي ڪامياب تنظيم هئي. برلن ۾ مقيم جپاني سفير کي هن درخواست ڪئي تہ حڪومت جاپان ۾ مشرقي ايشيا ۾ انڊين انڊپينڊنس ليگ کي ان بنياد تي ” انڊين نيشنل آرمي “ جي تنظيم ڪرڻ جي اجازت ڏئي.
ان معقول تجويز کي جاپاني سفيرگريٽ ٽو جو بيجا قرار ڏئي طنز سان ٺڪرائي ڇڏيو تہ برطانيہ جاپان جو دشمن آهي، ان ڪري غلام هندستان بہ برطانيہ جو ماتحت هجڻ ڪري جاپان جو دشمن آهي. ان لاءِ غير ۽ ڌارئي ملڪ کي پنھنجي مقدس سرزمين تي ڪنھن بہ قسم جي فوجي سرگرمي جي اجازت نہ ڏينداسون. ٺٺول تلخ هئي پر راش بھاري بوس پنھنجو آخري ڳجهو اثر هلايو. جاپان جي ڪنھن بااثر شخصيت جي سفارش تي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان طرح انڊين نيشنل آرمي جي اجازت ملي وئي. راش بھاري بوس ان زير تنظيم فوج جو صدر ۽ ڪئپٽن موهن سنگهہ جنرل ڪامنڊنگ آفيسر مقرر ٿيو ۽ سڀاش چندر کي جنرل نو رينڪ مليو.
جڏهن سڀاش محسوس ڪيو تہ جرمني جي نسبت ۾ هو جاپان ۾ رهي ڪري هندستان جي آزادي لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهندو تہ جيئن جاپان پھچي ويو، جاپان هندستان تي حملي وقت جيڪي هندستاني سپاهي گرفتار ڪيا هئا. سڀاش انھن کي هٿ ڪري قومي فوج ٺاهي ورتي.
سڀاش جو ماتر ڀومي سان ڪيل وچن مشھور آهي تہ:.
اي مادر وطن! تنھنجي ناموس جي لاءِ،
قرباني ۽ خلوص جا جهنڊا ڦڙڪائيندس.
عزم ۽ وفا جي ٻرندس شمع کڻي،
محڪومين جي دورجي ظلميت مٽائيندس.
روشن ڪندم تنھنجي ڪھاڻي کي هتي مان،
۽ تنھنجي عظمت جا حسين گيت ڳائيندس.
منھنجي رڳن ۾ تنھنجو رت آروان دوران،
رڳ رڳ تي تنھنجو ساز ترنم بڻائيندس.
جڏهن غيرن جي چپن تي نالو تنھنجو ايندو،
پنھنجي عقيدت جا خزانہ لٽائيندس.
جپانين، جرمنين، ۽ روسين کي مان،
پنھنجي تخليقات جي رو وهائيندس.
سڀ ڪنڌ جهڪائيندا، منھنجي مڃتاآڏو،
اهڙي حڪمت ڏاهپ سان قدم کڻندس.
تنھنجي لاءِ ڇاهي اي مادر وطن!
هن عزم اٽل کي رنگين بڻائيندس.
وٺندم تنھنجي خاطرآزادي يا نجات،
يا جيئرو هتي واپس ڪڏهن بہ نہ ايندس.
سڀاش برصغير جي محڪوم ماڻھن سان ڪيل واعدي ۽ وچن تي عمل ڪندي، انھن جي نجات، ڇوٽڪاري، عزت ۽ آزاديءَ لاءِ هندي فوج کي منظم، متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو.
ڀارت جي قومي تحريڪ ۽ عوامي هلچل جي تحريڪ ۾ آزاد هند فوج جي ابتدا ۽ شروعات هڪ نئين ۽ انقلابي شيءِ هئي. اهو پھريون ئي ڀيرو هو جنھن آزاديءَ لاءِ ٻاهر وڃي فوج تيار ڪري، انگريزن (ڌارئي) سان وڙهڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا.
دراصل دنيا جي تاريخ ۾ غلام محڪوم ۽ مظلوم ملڪن جي آزاديءَ لاءِ خاص ۽ نج فوجون تيار ڪيون ويون آهن. محب وطن ماڻھن تي مشتمل جانثارن سرفروشن ۽ جونجهارن جون مضبوط فوجون ٺاهي، غلام ملڪن کي آزاد ڪرڻ لاءِ پرڏيھي ڦورن، لٽيرن ۽ غاصبن جا ٿڏا پٽرايا ويا آهن.
في الحال پنھنجي پيرن تي بيھي قوت، طاقت، جذبي ۽ جرئت سان وطن جي وارثن پنھنجي ويرين سان وڪوڙيل ۽ گهيريل غلام وطن کي آزاد ۽ آجي ڪرڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وت آهر وڙهندا آهن. ان نجات واري ويڙھہ ۾ ٻين کان جڏهن ضرورت پئي آهي، تڏهن اخلاقي، مالي ۽ فوجي مدد ورتي وئي آهي.
1815ع ۾ جڏهن دنيا ڪانگريس ۾ روس، آسٽريليا، انگلينڊ، فرانس، سوئيڊن، اسپين ۽ پورچوگال جي بادشاهن پولينڊ کي چوٿون ڀيرو ويڙهايو تہ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پولينڊ ۾ انقلابي هلچل شروع ٿي. پولينڊ جو بادشاھہ، الينگريزينڊر انقلابي تحريڪ جو مخالف نہ هو ۽ اتي جي دستور ۾ ڪنھن حد تائين جهموريت هئي. ان ڪري انقلابي چرپر ۽ هلچل تمام تيزي سان ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پکڙجي ويئي. انقلايبن کي پنھنجي جدوجھد ۽ جستجو ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ٿي. پر جڏهن پولينڊ جي بادشاھہ ان انقلابي تحريڪ جي مخالفت ڪئي تہ انقلابين کي وڏي مشڪلات ۽ دقت سان منھن ڏيڻُ پيو. نڪولس جي تخت کان پوءِ بادشاھہ ۽ انقلابين جي وچ ۾ سخت ڇڪ ڇڪان ۽ڪشمڪش هلي. ٻنھي جي وچ ۾ ڏينھون ڏينھن تُرشي ۽ تلخي وڌندي وئي.

1830ع ۾ جڏهن نڪولس پولينڊ جي فوج کي فرانسسي انقلاب دٻائڻ لاءِ موڪليو تہ انقلابي کليو کلايو بغاوت شروع ڪئي. پنھنجي باقاعدي حڪومت قائم ڪئي. پولينڊ جي پارليامينٽ ان کي قومي بعاوت ڪوٺيو ۽ قرار ڏنو. هڪ عيوضيءَ جي ذريعي ٻين کان مدد جي درخواست ڪئي. پر ان قوت سامراجي سوئرن جي هُو هوا ۽ زور هو، ان ڪري اها درخواست قبول نہ پئي ۽ پولينڊ جا اهي انقلابي روسي ساموادين جي خلاف يارهن مھينن تائين اڪيلا وڙهندا رهيا، کاڌي ۽ اوزار جي ڪمي جي ڪري ڪامياب نہ ٿيا.
1939ع جي ٻي مھاڀاري جنگ ۾ جن ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجي محڪوم ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڃي فوج تيار ڪئي. ان وسيلي پنھنجي مظلوم ۽ غلام ملڪ کي محڪومي جي لعنت کان آزاد ڪرڻ جي باقاعدي لڙائي ڪئي. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم جنرل ڊيگال جو آهي، فرانس جي ڌارين جي شڪست کان پوءِ جنرل ڊيگال انگلستان هليو ويو. ” اتي وڃي هن هڪ وڏي پلٽڻ ۽ مھاڀاري فوج تيار ڪئي اتحادين جي مدد سان فرانس کي جرمني جي غلاميءَ کان آزاديءَ ڏياري. اهڙي طرح يونان، پولينڊ، زيڪو سلويڪا، يوگو سلاويا، بہ پنھنجي آزاديءَ جي لاءِ فوجون تيار ڪيون.

جهڙي طرح غلام ملڪن پنھنجي عوام ۽ وطن کي آزاد ڪرڻ لاءِ قومي فوجون تيار ڪيون. اهڙي طرح ڀارت جي آزاديءَ لاءِ بہ ”آزاد هند فوج“ جي نالي سان هندستان کان ٻاهر قومي فوج تيار ڪئي وئي. جنھن جو باني ۽ اڳواڻ ملڪ جو مشھور بي ڊپو ليڊر سڀاش چندر بوس هو.
جن ماڻھن کي سڀاش جو قرب ۽ اعتمادحاصل هو. جن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. انھن کي خبر هئي تہ جپان وڃڻ کان اڳ ئي سڀاش چندر بوس جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ قومي فوج ٺاهڻ جو خيال موجود هو. جڏهن ڪانگريس جو صدر ٿيو هو تہ هُو زيڪوسلاويڪا ويو هو ۽ اتي هن قومپرستن سان ڪچھريون ۽ گڏجاڻيون ڪيون هيون. انھن کان هن کي معلوم ٿيو هو تہ انھن ڪيئن ٻئي ملڪ ۾ پنھنجي قومي فوج تيار ڪئي ۽ ان جي ذريعي غلام وطن کي آزاد ڪرايو.
هوُ اٽلي ۽ جرمني ۾ هندستاني فوج جي قيدين سان مليو. انھن کي پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ يادگيري ۽ جذبو ڏياريائين. هن جو هندستان مان نڪري وڃڻ وقت هن آڏو هڪ مھان ۽ عاليشان مقصد هو.
اهوئي مقدس جيڪو هن کي زيڪوسلويڪا جي قوم پرستن ٻڌايو هو. 1943ع ۾ مشرقي ايشيا جي عيوضين جي هڪ ڪانفرنس سنگاپور ۾ ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ راش بھاري بوس اعلان ڪيو تہ هيئنر ان جي جڳھہ تي سڀاش چندر انھيءَ هلچل جي رهنمائي ۽ رهبري ڪندو.
جولاءِ 1943ع تي سڀاش چندر بوس سنگاپور پھتو. 4 جولاءِ تي اڳوڻن جي ڪانفرنس ۾ راش بھاري بوس صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ۽ سڀاش صدارت جو عھدو سنڀاليو.

سڀاش بابو اچڻ ڪري آزاد هند ليگ ۽ آزاد هند فوج جي ڪايا پلٽجي وئي. 5جولاءِ تي آزاد هند فوج جو مظاهرو ٿيو. ان فوج جي مشھوري سڄي دنيا ۾ ڪئي وئي. سڀاش چندر بوس اُن مظاهري وقت پيغام ڏيندي چيو تہ ”هن وهندڙ ندي جي ٻنھي پاسي هن گهاٽن جهنگن کان پري، انھن بلند پھاڙن جي اوٽ ۾ اسان جو پيارو وطن آهي. اهو وطن جنھن تي فرشتا بہ عاشق ٿي لھي اچن ٿا. اهو وطن جنھن جي شاخ خاڪ ۾ رام ۽ ڪرشن مليل آهن. انھيءَ خاڪ مان اسان ۽ توهان جنم ورتو آهي. انھيءَ تي اسين پليا آهيون. ان مادر وطن جي محبت اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. اڄ اسان آسمان جي هيڏانھن هوڏانھن ڦري رهيا آهيون .
ياد رکو ! اسان کي هڪ دفعو وري پنھنجي وطن ۾ واپس هلڻو آهي.
ٻڌو! ٻڌو! هوا جي لھرن ۾ اها صدا پڪاريندي اچي رهي آهي، اسان جو وطن اسان کي سڏي ۽ پڪاري رهيو آهي، اسان جي پنھنجي سلطنت دهلي اسان جي آجيان پنھنجون اکيون وڇائي رهي آهي. ٻڌو! ٻڌو! وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌو، گنگا ۽ جمنا ڪنارن تان چاليھہ ڪروڙ آواز گڏجي اسان کي پڪار ي رهيا آهن. . . !
چاليھہ ڪروڙ انسانن جي استقبال لاءِ ڌڙڪي رهي آهي اسي ڪروڙ ٻانھون اسان لاءِ گل ورسائڻ لاءِ آتيون آهن. رت، رت کي پڪاري رهيو آهي. هينئر اسان وقت خراب نٿا ڪري سگهون. اسان جا هٿيار هينئر مياڻ ۾ رهي نٿا سگهن. سامھون پٿر جا پھاڙ اسان جي وطن ۾ بيٺا آهن. اڳتي وڌو. ان رستي تان هلي پھاڙن کي پار ڪيو. ان پار هلي آسمان کان بہ پنھنجي آزاديءَ ڇنڻي آهي.
قدرت توهان جي مدد ڪندي، پر قدرت ان جي مدد ٿي ڪري، جن جي ساھہ ۾ طوفان ٿئي ٿو. جن جي ٻانھن ۾ طاقت ٿئي ٿي، دشمن جي قطارن کي چيري پنھنجي وطن پھچڻو آهي. ”آزادي يا موت“ يا تہ اسان پنھنجو ٽرنگو جهنڊو جهولائيندا دهليءَ جو قلعو فتح ڪنداسون. يا وڙهندي وڙهندي پنھنجي جان ڏينداسون، دهلي جو قلعو فتح جو رستو آيا تہ اسان دهلي ۾ داخل ٿينداسيون. دهليءَ ۾ اسان جا لاشا لال لھوءَ ۾ ٻڏل هوندا. شام جو لڏندڙ هوا جا جهولا انھيءَ ڳالھہ جا شاهد هوندا تہ آزاديءَ جي لاءِ اسين موت جي قيمت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن پٺتي ڪونہ هٽيا آهيون.
ٻڌي رهيا آهيو ٻڌو! پنھنجو رت رهيو آهي پڪاري تہ هن پار دهلي آهي، هن پار دهلي آهي. . . دهلي آهي.
ان جلسي ۾ تقرير ڪندي عظيم ليڊر چيو تہ ”هر قوم ۽ هر فوج جو هڪ نعرو هوندو آهي. جنھن مان ان جي منزل مقصود جو پتو پوي ٿو. جرمني جو نعرو هوندو هو (سنگاپور هلو) تہ ان وانگر اسان جو بہ نعرو آهي ”دهلي هلو“ اهو نعرو ان وقت تائين بلندا ڪندا رهجو. جيسيتائين ڌارين جي غلامي کان آزادي نہ ملي.
رنگون ۾ جوبلي هال آهي اتي هزارين هندستاني پنھنجي محبوب رهنما سڀاش جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويٺا هئا ۽ ٻيا گڏ ٿيندا پئي ويا.

7

مھان اڳواڻ اسٽيج سامھون اچي چين تہ :
“آزادي توهان جي خون جي قرباني گهري آهي. ان جي دروازي تي توهان کي سڀ ڪجهہہ قربان ڪرڻو پوندو. پنھنجي دولت، پنھنجي جان، پنھنجي اولاد، پنھنجو خون، پنھنجو سڀ ڪجهہہ توهان هينئر تہ ايئن گهڻو ڪجهہہ ڏنو آهي. سون جو خزانو ڌڙڪندڙ دل، پر آزاديءَ جي اڃ صرف ايتري مان ڪونہ ٿي مٽجي. آزاديءَ پنھنجي هٿ سان گلن وانگر پنھنجي سر چڙهائڻ وارن بي ڊپن ڄارين جي ضرورت آهي. آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ تاريخ تڙڦندڙ خون جي بوندن سان لکي وڃي ٿي، مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان (سڀاش چندر بوس مٺيون ڀيڙي زوردار گجندڙ آواز ۾ چيو) مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ توهان مون کي خون ڏيو مان توهان کي آزادي وٺي ڏيان. هال ۾ سانت ۽ سناٽو ڇائنجي ويو، آواز تارن سان ٽڪرائجي رهيو هو. سڀاش چندر بوس جي تقرير جاري هئي تہ ڪجهہہ نوجوان اٿي بيٺا ۽ انھن چيو تہ اسين پنھنجي خون جو هڪ هڪ قطرو آزاديءَ خاطر ڏيڻ لاءِ تيا آهيون. ”آزادي زندہ آباد“
سڀاش چندڙ گجندي چيو ”هينئر رڳو ڳالھين مان ڪم ڪونہ هلندو! ڪم جي سخت ضرورت آهي. ”
مون وٽ هڪ عھد نامو آهي. ان کي خون سان لکڻو پوندو، ڏسان ڪير وڌي ان تي صحيح ڪري ٿو.
”ڇا اڳواڻ کي اسان تي ايمان ۽ اعتماد ڪونھي. “ ويٺلن مان هڪڙو اٿي بيٺو ۽ پڇيائين.
” نہ اها ڳالھہ ڪانھي!“ سڀاش بابو يقين ڏياريندي چيو.
ان تي صحيح مس سان نٿي ڪري سگهجي. هي آزاديءَ جو عھد نامو آهي. هي مادر وطن جي عزت جو معاملو آهي، ان تي خون سان صحيح ڪرڻي پوندي. جنھن جي رڳن مان مادر وطن جو خون ڇوليون هڻندو هوندو ۽ اهوئي صحيح ڪندو. جيڪو پنھنجي جان کي قربان ڪرڻ جي همت رکي سگهي.
جلسي جي هجوم ۽ گوڙ مان آواز آيو ”اسين پنھنجو خون ڏينداسون، پنھنجو خون ڏينداسون. ”
اڃا اهو سلسلو ۽ معاملو ختم ئي نہ ٿيو هو تہ ماڻھن جي قنڌي ۽ قطار کي چيريندي چار نوجوان عورتو ن اڳيان وڌي آيون. پنھنجي آڱرين کي ڪٽار سان زخمي ڪري، رت سان عھد نامي تي صحيح ڪيائون. ان کان پوءِ سڄي ميڙ مان گجراتي، مرهٽا، بنگالي، سنڌي، مدراسي ۽ هندستان ۾ رهڻ واريون سڀ قومون پنھنجي ڪمانڊر کي اڳيان وڏي ڪٽار سان آڱرين کي چيري ڳاڙهي رت سان عھد نامي تي صحيحيون ڪيون.
سڀني هندو توڙِ مسلمانن جو رت هڪ ٿانوَ ۾ وڌو ويو ۽ زخمي آڱرين ۾ پين جهلرائي آزاديءَ جي پرواني تي صحيحون ورتيون ويون. اهو عھدنامو جنھن تي رت سان صحيحون ورتيون ٿي ويون، جيڪو آزاديءَ جو پروانو هو. ان تي لکيل هو تہ ”مان پنھنجي خوشي ۽ پنھنجي مرضي سان آزاد هند فوج م ڀرتي ٿيان ٿو. مان محبت ۽ دلي صادق سان پنھنجي پاڻ کي هندستان لاءِ نثار ڪريان ٿو ۽ واعدو ڪريان ٿو تہ منھنجي زندگي وطن جي آزاديءَ لاءِ نثار ٿيندي. مان پنھنجي زندگي خطري ۾ وجهي پنھنجي پوري طاقت سان وطن جي آزاديءَ جي هلچل لاءِ ڪم ڪندس. پنھنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۽ پنھنجي لاءِ ڪنھن کان بہ ذاتي فائدو ڪونہ وٺندس، مان سڀني هندستانين کي ڪھڙي بہ مذهب، زبان علائقي جو هجي پنھنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڪري سمجهندس.
21 آڪٽوبر تي 1943ع ۾ شومان (سنگاپور)۾آزاد هند فوج برپا ٿيڻ وقت هن بيباڪ ليڊر جيڪو عزم ۽ عھد ڪيو سو آهي تہ :
“مان سڀاش چندر بوس، آزاد هند ۽ 38 ڪروڙ عوام هندستانين جي عزت جو قسم کڻان ٿو تہ مرڻ وقت تائين انھن جو خيال اڳيان رکندس ۽ مان پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ هميشہ ڪوشش ڪندس. هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ مادر وطن جي خدمت لاءِ هميشہ تيار هوندس.
سڀاش بابو جي فوجي انتظام جو ڪم طور سنڀاليندو هو. پريڊ جو ڏسڻ ۽ جاچڻ بہ پنھنجي ذمي رکيائين هر هڪ پريڊ تي هڪ نئون جاندار پيغام ڏيندو هو. هن هڪ اسپيشل پريڊ وقت سبق ڏنو هو ته”سڄي دنيا جو اکيون آزاد هند فوج ۾ کُتل آهن. آزاد هند فو ج جپاني فوج سان ملي. جوابي حملو ڪندي.
هُو ارڪان جي جبل تي آزاد هند فوج جو جهنڊو جهولائيندي، ان کان پوءِ وائيس اگل لاج ۽ دهلي لال قلعي تي جهنڊا جهولايا ويندا، فتح يقينن اسان جي آهي. ”انقلاب زندہ آباد هندستان زندہ آباد“
آزاد هند فوج ۾ جنگجو بھادر ۽ بيباڪ جٿا ۽ٽولا تيار ڪيا ويندا هئا. جن جو ڪم دشمن کي منجهائڻ دشمن جون ريلوي لائينز اکيڙڻ ۽ تباھہ ڪرڻ، ٽيليفون جي تارن کي ڪپي ڪيرائي ڇڏڻ. مخالف فوجن ۾ گهڙِي انھن جو نقصان ڪرڻ ۽ آزاد هند فوج جي خدمت ڪرڻ هوندو هو.
ان فوج ۾ سي آءِ ڊي جو بہ کاتو هو. جنھن جو نالو ڪسڪاري ايجنسي رکيو ويو هو. برطانيہ فوج جي خلاف جاسوسي ڪرڻ ۽ هندستان جي عوام ۾اشتيال ڏئي بغاوت تي آمادہ ڪرڻ، حڪومت خلاف نفرت پيدا ڪرڻ سندن فرضن ۾ مکيہ ڪم هو.
انھن جي هٿن ۾ اسپيشل سروس ۽ مخفي پوليس جو کاتو هو. ان کاتي ۾ هندستاني، ناگا برمي ۽ ٻيا سڀ شامل هئا. گڏجي ڪم ڪيائون ٿي، ان جو انتظام جنرل دسون ۽ ڪرنل ياماهوتو جي هٿن ۾ هو. اهو کاتو هندستان جو واءُ سواءُ لھڻ لاءِ پنھنجا جاسوس بہ روانا ڪندو هو.
هندستان جي مختلف هنڌن تان ڪي ماڻھو گرفتار ٿيا. جن وٽ وائرليس سيٽ ۽ ٽرانسميٽُ ۽ ٻيو سامان هو.
اهو ٽولو اٺن ماڻھن جي ڊسمبر 1943ع ۾ جپاني فوج جي مدد سان گجرات ڪاٺياواڙ جي ٽڪري تي لٿو. انھن مان ٽي ماڻھو آزاد هند ليگ جا ميمبر ۽ پنج ماڻھو بي او ڊبليو ۽ آزاد هند فوج جا ميمبر هئا. اهي هندستاني سرزمين تي رهندي ئي چوڌاري پکڙجي ويا. پر انھن مان ڪنھن هڪڙي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن تي سڀئي گرفتار ڪيا ويا. پھرين هي وائسراءِ جي آفيس ۾ آندا ويا پر پوءِ کين لال قلعي ۾ بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ لاهور قلعي ۾ ست مھينا رکيو ويو ۽ وري دهلي جيل موڪليا ويا. جتي ٻن اسپيشل ججن جيل اندر ڪيس هلائي، اينيمي ايجنٽ آرڊينس تحت کين موت جي سزا ڏني.
انھن اٺن مان ٽي سرڪاري شاهد ٿيا ۽ پنجن کي موت جي سزا جو حڪم مليو. جيڪو ڪانگريس ليڊرن جي ڪوشش سان جنم ٽيپ ۾ تبديل ٿيو.
سڀاش بوس چندر جو هميشہ اهو خيال رهيو هو تہ جيسيتائين عورتون بہ هندستان جي لڙائيءَ ۾ شامل شريڪ نہ ٿينديون. اوسيتائين هندستان جي آزاديءَ جيڪڏهن ملڻ ناممڪن ناهي تہ مشڪل ۽ اڙانگهي ضرور آهي. ان جي سوچ کي آڏو رکندي هن عورتن جي بہ هڪ شاندار ۽ عاليشان فوج تيار ڪئي.
سڀاش عورتن کي شعور، ساڃاھہ، بيداري ۽ بيباڪي جو درس ڏيندي تقرير ۾ چيو تہ:
”ڀينرو! هندستان جون عورتون ڪنھن بہ معاملي ۾ پوئتي نہ هٽيون آهن. انھن ڏاڍي خوشي سان ۽ ڏاهپ، عقلمندي ۽ همت سان حڪومت جو نظام هلايو آهي. انتظام جو ن واڳون پنھنجي هٿن ۾ رکيو اٿن. جن ۾ اهليا ٻائي (مھاراشٽر) راني ڀومي (بنگال) رضيه بيگم ۽ نورجھان جو نالو تاريخ ۾ سرفھرست آهي. انھن پنھنجي قابليت ۽ حوصلي سان مردن کي بہ شڪست ڏني آهي.
انقلابي زندگيءَ جو مثال اوهان کي راڻي جهانسيءَ جي زندگيءَ مان ملندو. ان ويھن سالن جي عمر ۾ جنھن جرئت ۽ همت جو ثبوت ڏنو آهي ان جو مثال ملي نہ ٿو سگهي. ان ننگي تلوار کڻي پنھنجي ننڍڙي ڄمار ۾ دشمن جا ڏند کٽا ڪيا هئا. ان جي مقابلي ۾ جيڪو انگريز ڪمانڊر هو. تنھن سندس حوصلي، جذبي ۽ بھادريءَ کي ڏسي چيو:
”ڪير ٿو چوي جهانسيءَ جي راڻي کي شڪست آئي آهي؟“ راڻي جهانسيءَ کي شڪست ڪون آئي آهي. ان جو جذبو ۽ ان جون قربانيون اڄ بہ زندہ آهن. “
اسان جي عورتن هندستان جي آزاديءَ جي هلچل ۾ گهڻو حصو ورتو آهي. خصوصن 1921ع ۾ عورتن سيتاگرھہ هلچل ۾ حصو ورتو. نہ صرف اهو پر ملڪ جي هر انقلابيءَ هلچل ۾ مکيہ ڪارناما ڪيا اٿن. جيڪڏهن مان چوان تہ ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪونھي تہ اسان جي ڀينرن هر قسم جي پبلڪ هلچل ۾ حصو روتو آهي. ڪوبہ اهڙو قومي ڪم ناهي، جنھن ۾ زالون اڳتي وڌندي ڏسڻ ۾ نہ آيون.
ڳوٺ ڳوٺ پيادل وڃڻ، برطانيہ ظلمت جي اپٽار ۽ اوگهڙ ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ، گهر گهر آزاديءَ جو پيغام پھچائڻ، پوليس جي ظلمن جو مقابلو ڪرڻ، انھن جون لٺيون ۽ سختيون سھڻ، قيد جون تڪليفون ۽ ذلتون برداشت ڪرڻ ۽ خوشي سان مصيبت کي منھن ڏيڻ ان جو معمولي ڪم هو.
جيڪڏهن مان توهان تي اعتماد ڪريان تہ ان جو رڳو مٿيون سبب ڪونھي پر ان جي پٺيان هڪ وڏو تجربو آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي تہ حڪومتون ٺھن ٿيون ۽ ڊهن ٿيون. اهو وقت پري ڪونھي! جڏهن هندستان جي موجودہ سامراجين جي حڪومت ختم ٿيندي تہ اسين اهو ڏسي چڪا آهيون تہ دنيا جي هر حصي مان هي حڪومت ڪھڙي طرح ختم ٿي ۽ اهو بہ ڏسنداسون تہ دنيا ٻين حصن مان بہ ڪھڙي طرح نيست ۽ نابود ٿي.
جيڪڏهن ڪنھن جو بہ خيال آهي تي بندوق کڻڻ عورت جو ڪم ڪونھي تہ انھن کي مان چوندس تہ هو تاريخ کي پڙهن. راڻي جهانسيءَ 1857ع جي انقلابي دور ۾ اسان جي آزديءَ جي ڪھڙي قدرمکيہ ڪم ڪيا. هوءَ پھرين راڻي هئي. جيڪا گهوڙِ تي سوار ٿي اگهاڙي تلوار کڻي فوج جي اڳواڻي ڪندي هئي.
اسان جو فرض آهي تہ ان جو شروع ڪيل ڪم وري جاري ڪيون ۽ ان مردہ هلچل کي وري زندہ ڪيون. اسان کي هن لڙائيءَ ۾ هڪ راڻي جهانسي ڪونہ گهرجي، پر هزارين جهانسي جو راڻيون گهرجن!
هندستان جي مشھور ۽ معروف باغِي ۽ بيباڪ عورت راڻي جي نالي تي زالن جي ريجمينٽ جو نالو رکيو ويو آهي، ان جي انچارج 22 سالن جي عورت ڊاڪٽر مس لڪشمي کي ڪيو ويو. جنھن عيش ۽ آرام جي زندگي بسر ڪئي هئي. ساموراس ۾ پنھنجو گهر ڇڏي سنگاپور ۾ هلي آئي هئي.
هن بھادر عورت جا ڪارناما آزاد هند فوج جي ڪمن ۾ ترقي ۽ خاص اهميت جا حامل آهن.
جڏهن راڻي جهانسي ريجمينٽ برپا ڪئي وئي تہ جپانين ان ڳالھہ تي اعتراض ڪيو تہ عورتون ڪيئن وڃي مردن وانگر جنگ جي ميدان ۾ لڙنديون. پر سڀاش پنھنجي موقف ۽ ارادي تي قائم ۽ اٽل رهيو ۽ انھن کي بھترين فوج جي تربيت ڏياري مردن وانگر جنگ جي ميدان ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ ۽ وڙهڻ جي طاقت پيدا ڪئي. ‏ پر ڪن حالتن ۾ ڪن هنڌن تي انھن کي وڃڻ جي اجازت نہ ڏني وئي.

ڪمانڊر لڪشمي گهڻيون منٿون ۽ ايلاز ڪيا پر سڀاش جواب ڏنو تہ : ” نہ ڀيڻ! توکي ٻيون وڏيون لڙايون کٽڻيون آهن هن وقت جنگ جي ميدان ۾ وڙهڻ بجاءِ زخمي سپاهين جي شيوا ۽ ملم پٽي ڪرڻ تنھنجو فرض آَهي. ميدان جنگ بدران اسپتال ۾ رهي. “
ڪجهہہ ڏينھن تائين هوءَ خاموشي سان خدمت ڪندي رهي. زخمي سپاهي جنگ جي ميدان جا دلچسپ قصا ٻڌائيندا هئس. مقابلي جو نقشو ٻڌائيندا هئس. آزاديءَ جي تڙپ ۽ قربانيءَ جو جوش هن جي دل ۽ دماغ تي ڏاڍو اثر ڪيو.
هوءَ ميدان تي وڃڻ لاءِ اٻاڻڪائي ۽ بيتابي ڏيکاري رهي هئي. پر ڪيئن وڃي سگهي ٿي. سڀاش جي اجازت ڪا نہ هئس. سڀئي فوجي عورتون ڪمانڊر لڪشميءَ وٽ ويون ۽ کيس درخواست ڪيائون تہ اسان کي جنگ جي ميدان ۾ وڙهڻ جي اجازت وٺي ڏيو. اسان جو روح قرباني جي ديوي تي قربان ٿيڻ لاءِ بيتاب آهي. اسين هتي ڪو نہ روڪبيوسين. جيڪڏهن اسان کي رڳو ملم پٽي ڪرائڻ هئي تہ پوءِ اسان کي هٿيارن هلائڻ جي سکيا ڇو ڏني وئي، انھيءَ جي زندگيءَ انھي ڪم لاءِ آهي.
لڪشمي ٻائي انھيءَ درخواست تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ سڀاش کي خط لکيو تہ: عورتون ۽ مرد هرهڪ ڳالھہ ۾ برابرآهن. توهان اسان کي سيکاريو آهي سبق ڏنو آهي، توهان جپانين کي اعليٰ وڙهڻ جي ٽريننگ ڏني آهي ۽ هٿيار استعمال ڪرڻ سيکاريا آهن. انھيءَ ڪري اسان کي ميدان جنگ ۾ وطن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. اسان کي اڃا تائين اسپتال کان ٻاهر نڪرڻ ڪونہ ڏنو ويو آهي. اسان توهان کي يقين ڏياريون ٿا تہ اسين مردن کان وڌيڪ وڙهڻ ۽ مشڪلاتن کي همت سان منھن ڏيڻ جي طاقت رکون ٿا. اسان کي پورو يقين آهي تہ اسان هڪ دفعو قدم اڳتي کڻي وري پٺتي ڪونہ هٽنداسون. “
اهو خط پنجن عورتن پنھنجي خون سان لکي موڪليو، انھن عورتن ۾ ٻہ بنگالي، ٻہ گجراتي ۽ هڪ دکني هئي.
سڀاش اهو خط پڙهي، انھن جو جوش ڏسي کين لڙائي جي ميدان ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني.
عورتن جي رينجمينٽ جو انتظام ۽ اخلاقي معيار تمام بلند هيو. آزاد هند فوج ۾ لک کن ماڻھو ڀرتي ٿي چڪا هئا. اڃا کين ٽي لک فوج ڀرتي ڪرڻ جو خيال هو. جي ماڻھو آزاد هند جي سول رضاڪارن ۾ داخل ٿيا ٿي، انھن کي عھد نامي تي صحيح ڪرڻ ٿي پئي.
”آءٌ پنھنجي رضا خوشي ۽ مرضيءَ سان آزاد هند سول رضاڪار (والنٽير)ڪور ۾ شامل ٿيان ٿو. “
هندستان لاءِ پنھنجي طاقت سان خدمت پيش ڪريان ٿو. هندستان جي آزاديءَ جي هلچل ۾ مان پنھنجي پوري طاقت سان خدمت ڪندس چاهي جان خطري ۾ ڇو نہ هجي. ملڪي خدمت ڪرڻ وقت ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندس.
مذهب، لحاظ ۽ زبان جي لحاظ کان سواءِ مان سڀني هندستانين کي ڀاءُ ڀيڻ سمجهندس.
مان پوري وفاداري ۽ بنا ڪنھن لالچ جي آزاد هند جي سڀني حڪمن کي تڪميل ڪندس ۽ وڏن آفيسرن جا حڪم جي وقت بہ وقت مون کي ڏنا ويندا، انھن کي مڃيندس.
اسين هندستاني آهيون ۽ هندستان اسان جو آهي، اسان جو فرض آهي تہ هندستان آزاد ڪرايون انگريز هينئر هندستان ڇڏي رهيا آهن. اسان ماڻھن کي جلد موقعو ملندو تہ اسان هندستان جي آزاديءَ لاءِ حصو وٺون. هن وقت جي روپيا اوهان کي ملندا، انھن کي توهين کيسي جي خرچي سمجهو. پگهار توهان کي هندستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ملندا.
سڀاش چندر بوس جي حڪم تي، اي، اي جا فوجي رام رام، نمستي، خدا حافظ، اسلام عليڪم چوڻ بجاءِ سڀ هندو ۽ مسلمان ”جيئي هند“ چئي، هڪ ٻئي جو استقبال ڪندا ۽ پڻ سلوٽ ڪندا هئا. جيئي هند چوڻ وقت ٻڌڻ وارا ۽ چوڻ وارو سڌو ٿي بيھندو هو. ان نعري مان هڪ اهڙو جوش ۽ جذبو انھن جي دل ۾ پيدا ٿي ويندو هو. جنھن مان ان جي اراديءَ جي مضبوطي ظاهر ٿيندي هئي.
اهڙو نعرو فرقي بازيءَ کي مٽائڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو هو.
”جيئي هند“ جي نعري جو ذڪر انڊِين نيشنل آرمي ايڪٽ ۾ بہ موجود هو تہ جو شخص ان نعري جو جواب نہ ڏئي تہ ان لاءِ ڇھہ مھينا قيد بامشقت جي سزا مقرر هو ندي هئي.
”جيئي هند“ بجاءِ جيڪو السلام عليڪم چوندو هو تہ اهو ناقابل معافي جرم هو. اهو نعرو سڄي ايشيا ۾ مشھور ۽ مقبول ٿي ويو. هن نعري کي رڳو هندستاني نہ پر جپاني چيني ۽ ٻيا غيرملڪي بہ پسند ڪري لڳائيندا هئا.

8

آزاد هند فوج جو جنگي ترانو جوڙيو ويو. جيڪو ميدان جنگ ۾ وطن پرست جوڌن ۽ جانٺن کي همت ۽ حوصلو ڏئي ويريءَ تي وار ڪرڻ لاءِ همٿائيندو ۽ جذبو ڏيارائيندو هو.

اهو ترانو هي هو :
قدم قدم وڌايون هل،
خوشيءَ جا گيت ڳايون هل.
هي زندگي آ قوم جي،
تون شيرِ هند اڳتي وڌ.
تون مرڻ کان ڪڏهن نہ ڊڄ،
سر تي کڻي فلڪ تلڪ.
جوش وطن وڌايون هل.
هميت تنھنجي وڌندي رهي،
خدا تنھنجي ٻڌندو رهي،
جو سامھون تنھنجي ڀي اچي،
تون خاڪ ۾ ملايون هل.
جي سامھون تنھنجي ڀي اچي،
هلو دهلي کي پڪاري،
قومي نشان سنڀالي،
لال قلعي تي چڙهائي،
جهولائي هل جهولائي هل.

سڀاش چندر بوس جنگ کان پوءِ جڏهن جاپان پھتو ۽ آزاد هند فوج کي منظم ۽ متحد ڪرڻ کان پوءِ اتحادين تي حملا ڪرڻ لڳو. جپان هڪ ئي وقت برما، ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا جي علائقن تي قبضو ڪري ورتو تہ گانڌيءَ کي يقين ٿي ويو تہ وقت جلدي اچڻ وارو آهي جو بوس فاتح جي حيثيت سان هندستان ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي تہ بوس جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ اتحادين جي خلاف ٿي ويو.
جواهر لعل نھرو سڀاش جي مقابلي ۾ اتحادين جي اعلانيہ حمايت شروع ڪري ڏني. انھيءَ وقت چين جپان تي قابض ٿي ويو هو. چين ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جپان خلاف وڙهي رهيو هو. چين جي ڪافي علائقن کي چيانگ ڪائي شيڪ فتح ڪري حڪومت ڪرڻ لڳو هو.
انھيءَ ڪري نھرو چيانگ ڪائي شيڪ کي هندستان اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سان متفق ٿي ويو تہ جپان جرمني جي مقابلي ۾ اتحادين جي مدد ڪر ڻ کپي.
سڀاش، گانڌيجي، عدم تشدد ۽ اهنسا واري پاليسي خلاف راھہ فرار اختيار ڪري محورين ڪئمپ ۾ پھچي ويو، آزاد هند فوج ٺاهيائين ۽ هندستان تي حملي جو ن تياريون شروع ڪري ڏنائين.
سڀاش جي آزاديءَ ۽ لڙائي وارين سرگرمين هندستان جي عوام ۾ هڪ وڏي لھر پيدا ڪري ڇڏي. جنھن کان خود گانڌي بيوس ٿي، سڀاش جي حمايت ڪرڻ لڳو، ڇو جو عوام يا تہ گانڌيءَ جي اهنسا ۽ عدم تشدد واري پاليسيءَ تي عمل ڪري يا سڀاش جي تشدد واري پاليسي تي. تنھنڪري عوام گهڻي تعداد ۾ سڀاش جي وڙهي آزاديءَ وٺڻ واري پاليسي جا حمايتي هئا.
سڀاش چندر بوس جي وطن جھڙي طاقت ۽ قوت سان غلام بڻايو ويو هو. اهڙيءَ ئي طاقت ۽ قوت جي ذريعي محڪوم ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکندو آيو.
اها هڪ حقيقت آهي تہ جتي پر امن سياست، ووٽ ۽ اسيمبليءَ عوام جي آواز کي ڪا اهميت نہ هجي. اتان جي مطالبن ۽ گهرجن کي بہ ڪا اوليت ڏيڻ تہ ڪُجا پر ٻڌڻ بہ گوار نہ ڪيو وڃي تہ اتان جي قابض قوتن ۽ سامراجي سوئرن کي اهنسا بجاءِ طاقت جي هڪل سان گوڏا کوڙائي سگهجن ٿا.
محڪوم ملڪ ۽ اتان جي غلام عوام کي لفظن جي جادوگيري ۽ هيراڦيري ۽ دليل جي زبان سان نہ پر شيھي جي گوليءَ سان آزاد ڪرائبو آهي. دراصل تشدد جي دنيا جي تاريخ ۾ تمام اهم حصو رهيو آهي. اڄ بہ ان جي اهميت ۽ افاديت گهٽ ڪانھي، شايد هڪ عرصي تائين گهٽ نہ ٿيندي. ماضيءَ جون اڪثر تبديليون پوءِ اهي قومي هجن يا سماجي، انقلابي هجن يا معاشرتي تشدد ۽ طاقت جي ڪري ئي ٿيون آهن ڊبليو.
گليڊا سٽون هڪ ڀيري چيو هو تہ: ”مون کي نھايت افسوس سان ٿو چوڻو پوي تہ جيڪڏهن هن ملڪ جي ماڻھن جي سياسي بي چيني جي زماني ۾ صرف اهو ئي واعظ ٻڌايو وڃي تہ تشدد کان نفرت ڪريو. نظم ۽ امن سان محبت ڪيو ۽ صبر کان ڪم وٺو تہ ملڪ کي آزادي ڪڏهن بہ نصيب نٿي ٿي سگهي. ”
ڇا محڪوم ماڻھو اهنسا جو طريقو اختيار ڪري تشدد کان بہ بدترين شين کي برداشت ڪري؟ قابض قوتن جي تشدد جو نشانو ٿي ختم ٿي وڃي ۽ ٻين جي تشدد آڏو سر جهڪائڻ ڪنھن غِيرمنصفانہ نظام کي قبول ڪرڻ، جنھن جو بنياد تشدد تي قائم هجي. اهو تہ عدم تشدد ۽ اهنسا جي اصول جي قطعن منافي آهي وقت جو جابر ۽ قابض حڪمران فقط ان قوم آڏو جهڪندو. جنھن جي آڱر رائيفل ٽريگر تي هوندي آهي. پنھنجي محبوب ۽ مقدس ڌرتيءِ کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ فاتحانہ جهنڊا جهولائيندا، آزاديءَ جا گيت ڳائيندا. وطن جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ مشغول ۽ مھو ٿي ويندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قومن جي غلامي مان آزادي وٺڻ واري پرامن سياست ۽ دليل بازيءَ واري جدوجھد کي قابض طاقتن ۽ فحاشي ڪتن مجبورن تشدد ۾ تبديل ڪيو آهي تہ اتان جا بھادر عوام لٺين سان وڙهي هاڪاري حاڪمن سان مھاڏا اٽڪائي بندوق جي زور تي کانئن آزاديءَ ڇني ورتي آهي، پوءِ انھن ۾ الجزائي جا عظيم ۽ دلير جوڌا هجن يا ڪانگو جا جانٺا جوان هجن. گني بساوء جا بھادر ۽ ويڙهاشيدي هجن يا غيرتمند ويٽنامي، ڪيوبا جا ارڏا ۽ اڙپنگ انسان هجن يا بنگلاديشن جا بي ڊپا سرويچ ۽سرفروش بنگالي هجن. هر ڪنھن وطن سان وفاداري جا وچن ۽ واعدا ڪندي آزاديءَ جي جنگ هٿيارن ۽ پنھوارن سان مڙس ٿي وڙهيا.
سڀاش چندر بوس بہ پنھنجي جان جوکم ۾ وجهي مسلسل جدوجھد جي ذريعي هندستان جي آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ آزاد هند فوج کي منتظم ۽ متحد ڪرڻ لڳو.
”هندستانين 1853ع ۾ انگريزن کان پھريون ڀيرو شڪست کاڌي، ان کان پوءِ اٽڪل هڪ صديءَ تائين تمام صبر سان آزمايو ۽ خونريز جنگين ۾ انھن سان مقابلو ڪندا رهيا. ان عرصي ۾ هندستانين جنھن بھادري ۽ جانبازيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ان جو مثال دنيا جي تاريخ جي صفحن ۾ بنگال جي سراج الدوله ۽ موهن لال جنھن جي هند جي حيدر علي، ٽيپو سلطان ۽ مھاراشٽر جو آپا صاحب، پنجاب جو سردار شيام سنگهہ اٽاري وارو، جنھن کان پوءِ جهانسيءَ واري راڻي، لڪشمي ٻائي، ٽانٽيا ٽوپي، مھاراج ڪنور سنگهہ آف مروان، نانا صاحب ۽ هندستان جي ٻين سپوتن جا نالا سونھري اکرن ۾ لکيل رهندا، اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جا بزرگ شروعات ۾ ان جو اندازو لڳائي نہ سگهيا.
تہ برطانيا حڪومت سڄِي هندستان لاءِ زبردست خطرناڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو انھن دشمن جي مقابلي لاءِ ڪڏهن بہ محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪا نہ ڪئي آهي. پر هن عرصيءَ کان پوءِ هندستاني حقيقت کان چڱي طرح واقف ٿيا. هينئر انھن دشمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي آهي ۽ سڀ هندستاني 1857ع ۾ بھادر شاھہ جي جهنڊي جي هيٺيان ڪٺا ٿيا. اُها انھن جي آخري لڙائي هئي، جا انھن غيرملڪي دشمنن خلاف آزاد باشندن جي حيثيت ۾ وڙهي هئي، ويڙھہ جي شروعات جي دور ۾ هر جڳھہ نھايت ڪاميابي حاصل ٿي پر ان جو ستارو گردش ۾ اچي چڪو هو. انھن جي رهنمائي غلط ماڻھن جي هٿ ۾ هئي.
انھيءَ ڪري اها جنگ آزديءَ جي سپاهين هارائي ۽ غلامي جي مصيبت ۾ گرفتار ٿي ويا. ان هوندي بہ جهانسيءَ جي راڻي ٽانٽيا پوپي، ڪنور سنگهہ ۽ نانا صاحب جھڙا هيرا اسان جي دلين ۾ پنھنجي عزت ۽ بھادريءَ جي ياد ڇڏي ويا آهن. جنھن ڪري اسان کي اهو ٻڌي همت ٿئي ٿي.

1857ع کان پوءِ انگريزن هندستانين کي بہ گرفتارڪري ڇڏيو ۽ انھن تي ظلم جو پھاڙ ڪيرائڻ لڳا. ناڪاميءَ جي ٻوجهہ هيٺ هندستاني ڪري ئي ڇا پئي سگهيا. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد پيو ۽ انھن جي رهنمائي هيٺ هندستان جي ٿڪل فوج وري بيدار ٿي.
انھن پھرين مھاڀاري لڙائي تائين پنھنجو آزاديءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تمام واجبي تدبيرون اختيار ڪيون، ايجنيسين، احتجاج، پرچار، پروپيگنڊه، برطانيہ مال جو بائيڪاٽ تمام واجبي طرح آزمايو ۽ آخر ۾ انقلاب جي بہ ڪوشش ڪئي. پر اهي سڀ ڪوششون ناڪام رهيون، هندستان جا باشندا شڪست زده ٿي، غلطين جو شڪار ٿيندا رهيا. انھن کي صرف هٿيارن جي ضرروت هئي. جنھن وسيلي انھن جي آزاديءَ جي جنگ ۾ وري جان اچي.
1920ع ۾ مھاتماگانڌي جي اڳتي قدم وڌايو. سول نافرماني (سيتا گرھہ) جھڙا هٿيار ڏنا.
ان کان پوءِ بہ سالن تائين هندستاني وطن جي حب جي هلچل پنھنجي طاقت سان هلائيندا آيا. آزاديءَ جو پيغام هر هندستاني جي گهر پھچايو ويو. اڳواڻ پنھنجي ذاتي عمل جي وسيلي عوام کي آزاديءَ جي راھہ ۾ مصيبت کڻڻ، سختيون ۽ قربانين جا پروانا بنائڻ ۽ آزاديءَ جي سڪ/ڇڪ ۾ مرڻ تائين تعليم ڏني وئي.
وڏن وڏن شھرن کان وٺي ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين هر جڳھہ تي عام راڄ ۽ جوت جي جاڳرتا آندي وئي.
اسان هندستان جي آزاديءَ جي لڙائي جي سپوتن کي آزاد ڪرايون. جي هندستان کي آباد ۽ سائو ڪن، جيڪي دنيا جي قومن ۾ ان جي عزت ۽ مان بلند ڪرائڻ جي لاءِ لڙائيءَ ۾ مشغول آهن.
هن عارضي حڪومت جو هي فرض آهن تہ هو هندستان جي سرزمين کي انگريزن ۽ ان جي اتحادين جي منحوس وجود کان آزادي ڏيڻ جي لاءِ جنگ شروع ڪري ۽ ان جي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ان عارضِي حڪومت جو اهو فرض ٿيندو تہ هو آزاد هندستان ۾ هندستاني عوام جي مرضي مطابق هڪ مستقل حڪومت ٺاهي، جنھن کي هندستان جي سڀني باشندن جو اعتماد حاصل هجي.
جيسيتائين هندستان ۾ اها حڪومت قائم نہ ٿئي، تيسيتائين هي عارضي حڪومت هندستاني عوام جي اها امانت طور ملڪ جي معاملن جو انتطام رکندي اهڙي حالت ۾ عارضي حڪومت کي اهو حق حاصل آهي تہ هو هر هندستاني کان وفاداريءَ ۽ فرمانبداريءَ جي گهري ڪري عارضي حڪومت مذهبي آزاديءَ ۽ سڀني شھرين لاءِ مساوي حق ۽ انھن جي بچاءَ جي ضمانت کڻي ٿي. هو پنھنجي انھيءَ محڪم ارادي جو اعلان ڪري ٿي. پر هندستاني عوام جي حصي جي خوشي ۽ خوشحاليءَ لاءِ آواز بلند ڪندي ۽ قوم جي سڀني سپوتن لاءِ ترقي جي ڪوشش ڪندي.
هي عارضي حڪومت انھن سنسي اختلافن کي ختم ڪري ڇڏيندي جيڪي غير ملڪي پنھنجي عياريءَ سان هندستان جي سرزمين تي پيدا ڪيا آهن.
انھن نسلن جي نالي، جن هندستاني باشندن کي هڪ قوم جون درجو عطا ڪيو آهي ۽ انھن شھيدن جي نالي جي، اسان لاءِ بھادر، جانثاري ۽ قربانيءَ جا لافاني مثال ڇڏي ويا آهن. اسين سڀني هندستانين کي اپيل ٿا ڪريون تہ هو اسان جي جهنڊي جي هيٺيان اچي ڪٺا ٿين ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪن. اسين انھن کي انگريزن ۽ انھن جي سڀني همدردن جي خلاف جي هندستان ۾ موجود آهن. هڪ آخري فيصله ڪن ويڙھہ جي دعوت ٿا ڏيون. انھن کي اهو حڪم ٿا ڪريون تہ هُو پنھنجي لڙائي بھادري ۽ جرئت سان جاري رکندا. يقين ۽ ايمان کي ڪڏهن بہ نہ ڇڏيندا تہ آخري فتح انھن جي آهي. اسان جي هي ويڙھہ اوستائين جاري رهندي، جيسيتائين هندستان جي سرزمين انھن دشمنن کان خالي نہ ٿي ٿئي.
عارضي حڪومت جي ان اعلان تي هيٺين جون صحيحون هيون ۽ هن عارضي حڪومت جي تشڪيل پڻ هن طرح هئي.
 سڀاش چندر بوس (پريزيڊنٽ رياست) وزيراعظم، وزير جنگ ۽ پرڏيھي کاتي جو انچارج.
 ڪيپٽن مس لڪشمي (عورتن جي آرگنائيزيشن شعبي جي انچارج)
 ايس اي آئر (پبلسٽي ۽ پروپيگنڊا)
 ليفٽيننٽ ڪرنل اي سي چيٽ جي _( مالي کاتو)
 ليفٽيننٽ ڪر نل عزيز احمد
 ليفٽيننٽ ڪرنل اين ـ ايس ڀڳت
 ليفٽيننٽ ڪر نل جي ڪي ڀونسلي
 ليفٽيننٽ ڪر نل گلزار سنگهہ (فوجي اڳواڻ)
 ليفٽيننٽ ڪر نل محمد زمان ڪياني
 ليفٽيننٽ ڪر نل احسان فادر
 ليفٽيننٽ ڪر نل شاهنواز
 ايم ـ اي سھاءِ ـ سيڪريٽري (وزير)
 راش بھاري بوس (سپريم سيڪريٽري)
 ڪريم غني
 ديب ناٿ داس
 ڊي ـ ايم خان
 سردار اش سنگهہ
 اين اين سرڪار ( قانوني صلاحڪار)

آزاد هند جي عارضِي حڪومت کي عوام ۽ فوجين کي اندرين ۽ ٻاهرين حالتن کان واقف ڪرڻ پنھنجي پرچار لاءِ دشمنن جي پيدا ڪيل غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ اخبارن جي سخت ضروت محسوس ٿي. ان ڪري حڪومت هندي زبان ۾ ٽي اخبارون جاري ڪيون. ٻہ روزانو ”آزاد هند“ ۽ ”پورن سوراج“۽ هڪ هفتيوار ”جيئي هند“ جي نالي سان ڇاپڻ شروع ڪيون. هندستان جي مکيہ ۽ اهم مسئلن ۽ معاملن تي ديانتداريءَ ۽ ايمانداري سان بحث ڪنديون هيون. فرقي باز مسئلن کي نھايت ڪاميابي سان ختم ڪري سڀني فرقن کي گڏي اصلي دشمن جي خلاف هڪ وڏو محاذ قائم ڪر ڻ ۾ وڏي هٿي ڏني.
هن ايڊيٽرن هڪ ڪانگريسي ليڊر جي چوڻ تي ئي عمل ڪيو تہ ”هن وقت اسان جي ملڪ ۾ غير ملڪي سامراج جي خلاف جيڪو تنور تپي رهيو آهي اسان جو فرض آهي تہ ان تتل تنور ۾ وڌيڪ ڪاٺيون وجهون ۽ نہ ڪو ٻيو فرقيوارنہ طبقاتي تنور تيار ڪريون. “
فوجن ۾ حب الوطنيءَ ۽ قرباني جا جذبا ۽ جولان پيدا ڪرڻ ۾ اخبارن خاص ڪردار ادا ڪيو.
آزاد هند جو جنگي گيت هن طرح هو؛ـ

هاڻي دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسون،
رڪيا نہ ڪنھن کان نہ رڪبو نہ رڪجنداسون.
جهنڊو ٽرنگو لال قلعي تي جهولائبو،
جيئي هند جي نعري سان لال قلعو لوڏائبو،
هندستان ۾ هندي ئي هاڻي راڄ ڪر ي ويندا،
هاڻي هلو دهلي هلو دهلي، هلو دهلي هلنداسين.
اڳتي ئي وڌبو نہ ڪنھن کان ڊڄبو،
اسان موت جو مقابلو کلي ڪنداسين.
هاڻي پاڪ زمين تي نہ دشمن پير ڌريندو.
دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسين،
انگريز هليا وڃن، هي وطن آ اسان جو.
پراڻن کان پيارو، اسان جي جيءُ جيارو.
ان لاءِ سِرُ تري تي رکي وڙهبو،
ايمان عمل سان گڏجي اٿنداسون.
لنڊن تي تيخ هلندي ۽ چمڪندي،
شاھہ ظفر جي قول جو شان رکبو،
هاڻي دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسين.

9

26 سيپٽمبر 1943ع جو آچر جو ڏينھن هندستان جي آخري شھنشاھہ بھادرشاھہ جي قبر تي سڀاش آيو. هن وڏي عزت ۽ احترام سان جهڪي سلام ڪندي چيو تہ: “تاريخ جو عجيب واقعو آهي، هندستان جو آخري شھنشاھہ برما ۾ دفن ٿيل آهي ۽ برما جو آخري شھنشاھہ هندستان جي سرزمين ۾ سڪون جي ننڊ سمھيو پيو آهي. هن قومي يادگار جي آڏو آءٌ بيھي عزت سان سِرُ جهڪايان ٿو. وچن پرتگيا ٿو ڪريان تہ هيءَ جنگ جا هندستان جي آخري ويڙھہ آهي ان کي وڏي بھادريءَ سان آخري دم تائين وڙهندو رهندس. خواھہ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ مصيبتون پيش اچن ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پون ۽ ڀلي ڪيتري ئي عرصي تائين وڙهڻو پوي، پر جيسيتائين هندستان ۽ برما جو هڪ بہ نئون دشمن باقي آهي جيستائين اسان هندستاني آزاد نہ ٿيا آهيون ۽ اسان جو گهر آزاد نہ ٿيو آهي اسين ان وقت تائين لڙائي جاري رکنداسون.
آزاد هند جي عارضِي حڪومت برطانيا ۽ آمريڪا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. جيڪو سڀاش چندر بوس پڙهي ٻڌايو تہ:ـ
”انھن گذريل نسلن جي نالي تي جن هندستان جي مختلف ننڍين قومن ۽ قوميت جي وحدت پيدا ڪئي ۽ انھن شھيدن جي نالي جن بھادري ۽ قربانيءُ جون قابل ڪردار ادا ڪيو. اسين هندستانين کي اپيل ٿا ڪريون تہ: هُو اسان جي قومي جهنڊِي جي هيٺيان اچي گڏ ٿين ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ حملو ڪنداسين ۽ انھن کي حڪم ٿا ڏيون تہ هندستان جي آزاديءَ جي لاءِ انگريزن ۽ انھن جي اتحادين جي خلاف آهن. آخرين محاذ شروع ڪن. ثابت قدم ٿي انھن کي انھيءَ وقت تائين جاري رکن جيسيتائين اسان کي فتح نصيب ٿئي. پيارو ملڪ دشمن جي اثر کان پاڪ نہ ٿئي. ”
ڪجهہ وقت کان پوءِ سڀاش جي حڪم تي حملو ڪيو ويو پھريان تہ ڪافي ڪاميابيون ٿيون ڏيھين پرڏيھن جمايتن مخالفت، نيڪي ڪرڻ شروع ڪئي. پر پوءِ حالتون بدلجي ويون، حڪمت علمي کان ڪم وٺي. پٺتي موٽڻ مناسب سمجهي مجبورن هٽيا. ان تي سڀاش چندر بوس هيٺيون حڪم ڏنو:
“هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ آزاد هند جي فائدي کي آڏو رکي اڄ کان مان فوج جي ڪمان پنھنجي هٿ ۾ کڻان ٿو. اهو منھنجي لاءِ خوشي ۽ فخر جو موقعو آهي. انھي لاءِ تہ هڪ هندستان جي لاءِ ڪو ان کان مٿي ٻي ڪھڙي عزت ٿي سگهي ٿي. جو هو پنھنجي پياري وطن جي آزاديءَ جي فوج نو ڪمانڊر هجي. پر ان قابل عھدي جي ذميداري قبول ڪرڻ وقت ان جي اهميت ۽ مشڪلات بہ منھنجي آڏو پوري طرح آهي.
آءٌ چاهيان ٿو تہ هن ۾ ايتري طاقت هئڻ گهرجي جو هرحالت ۾ پنھنجي سڀني ذميوراين کي سٺي طريقي سان پورو ڪريان.
مان پاڻ پنھنجي ملڪ جي 38 ڪروڙ باشندن جو جنھن ۾ مختلف عقيدن ۽ جدا مذهبن جا ماڻھو رهن ٿا. مان پاڻ کي هڪ ناچيز خادم سمجهان ٿو انھن 38 ڪروڙن جي فائدي جو ذمو مون کنيو آهي. مون کي يقين آهي تہ بہ هر هندستاني مون تي يقين ۽ ڀروسو ڪندو. جُبالوطني انصاف ۽ غيرجانبداري جي ذريعي مقصد حاصل ڪيو ويندو جنھن کي هندستان جي آزادي حاصل ڪرڻ واري هڪ فوج آزادي هٿ ڪرڻ جو قسم کڻي چڪي آهي.
وطن لاءِ اچڻ واري جنگ، ڪاميابي آزاد هندستان ۾ اهڙي حڪومت جي موجودگي، جنھن کي 38 ڪروڙ آبادي جو اعتماد حاصل هجي ۽ هڪ اهي فوج جا هرحالت ۾ هندستان جي سنڀال ۽ آزاديءَ جي ضمانت کڻي. آزاد هند فوج جي مکيہ مقصدن ۾ آهي ۽ ان شامل آهن انھن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪ اهڙي فوج ۾ شامل ٿيا آهيون. جنھن جي سامھون رڳو هڪ مقصد آهي اهو اِهو آهي تہ هندستان آزاد ٿئي ۽ انھن جي صرف هڪ خواهش آهي تہ وقت تي آزاد ڪرايون. اسان کي پنھنجي پيدائشي حق حاصل ڪرڻ کان دنيا جي ڪا بہ طاقت روڪي نہ ٿي سگهي.
ساٿيو، آفيسرو ۽ ڀائرو! توهان جي ناقابل شڪست مدد ۽ وفاداريءَ کان آزاد هند فوج، هندستان جي آزاديءَ جو ذريعو ٿيندي. مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان تہ آخري فتح اسان جي آهي اسان جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. اچو ”دهلي هلون” جي نعري سان جنگ جوٽيون ۽ ان وقت تائين دم نہ کڻون. جيستائين نئين دهلي وائسراءِ هائوس تي اسان جو قومي جهندو نہ جهولي ۽ لعل قلعي ۾ آزاد هندستان جي فوج پرپٺ نہ ٿئي.
جنرل هيڊ ڪوارٽر انڊين نشينل آرمي
(صحيح) سڀاش چندر بوس
25 آگسٽ سپريم ڪمانڊر( سپھہ سالار)
هر قومي فوج کي جهندو، نعرو ٿيندو آهي هن آزاد هند فوج جو بہ ٽرنگو جهندو هو. جنھن تي هڪ گيت هو، جيڪو هن طرح هو؛
ٽرنگي جهنڊِي کي سلام،
ٽرنگي جهنڊِي کس سلام.
جنھن جي هيٺيان وڙهندي،
وڙهندي مئا ڪي گمنام.
ٽرنگي جهنڊي کي سلام،
ڏني سڀاش جنھن کي سلامي،
جنھن جي خاطر ديس جا حامي.
موت جا پين ٿا کلندي جام،
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.
آزاديءَ تان قربان جانيون،
گونجي اٿيون جيئي هند جون،
رهي نہ سگهندو هاڻي،
هن جي هئي ديش غلامي.
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.
وري شھيدن رت پڪاريو،
ڳولين ڇو ٿو ڪو سھارو،
هي سڀ محڪوم مٽايو.
سامـــراج جـو نـــــام،
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.


سڀاش چندر بوس دهلي هلو واري نعري واري اعلان کان علاوہ پنھنجي آزاد هند فوج جي جوانن ۾ جذبو ۽ جوش پيدا ڪرڻ خاطر ”خون خون خون“ جو نعرو منتخب ڪيو.
هن ريجمينٽ کي سلامي دوران تقرير ڪندي چيو ته؛
“گذريل سال جا اسان فوج مورچي تي موڪلي ويئي هئي. ان اميد کان وڌيڪ شاندار ڪارناما ڪيا آهن. دوست ۽ دشمن انھن جي عاليشان ڪمن تي تعريف ڪن ٿا. هر هڪ قدم تي اسان جي ماڻھن دشمن کي شڪست ڏني آهي.
پر مورچي تي موسم خراب هئڻ سبب اسان کي پٺتي هٽڻو پيو.
جيتوڻيڪ اسان جي فوج مقابلي ۾ ڪڏهن بہ مايوس نہ ٿي. پر وقت ۽ ضرورت اسان کي مجبور ڪيو تہ ان مھل فوج کي پٺتي هٽايون. ان جو اهو مطلب هو تہ بغير شڪست کاڌي، اسان کي موٽڻو پيو. هينئر اسان ڪمزورين کي دور ڪيو آهي. اسان جي فوج انقلابي فوج آهي، اسان وٽ ايترو سامان ۽ فوج ڪانھي، جيترو دشمن وٽ آهي. دشمن پڪ ڪري ڇڏي آهي تہ هو هندستان جي پھرين لڙائي آسام ۾ لڙي، دشمن هندستان جي لڙائي جو مرڪز آسام کي ڪيو آهي. هي سال جنگ جي فيصلي جو سال هوندو. گذريل سال اسان جا ڪجهہ ماڻھو دشمن سان ملي ويا هئا، انھيءَ جي ڪري تڪليف کي برداشت نہ ڪري سگهن سي جدا ٿي وڃن ڇو تہ دشمن نھايت مضبوط آهي. انڪري اسان کي بہ همت کان ڪم وٺڻو پوندو. اسان پنھنجو خون چاليھہ ڪروڙ هندستانين لاءِ ڏينداسون. اسان دشمن سان انھيءَ مقصد جي ڪري وڙهنداسون هندستاني شھيدن جو ٽوليون مشرقي ايشيا ۾ رهن ٿيو ن انھن لاءِ اهو نعرو ٿيندو.
”ڪيو سڀ نڇاور ٿيو سڀ فقير. . . “
ڪپتان شاهنواز هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو تہ: “بوس چندر برگيڊ سڀ کان اڳ جنگ جي مورچي تي ويندا. ان جا جوان جانثار۽ بھترين آهن. سندن خواهش آهي تہ جان هٿن تي رکي ويندا، ڇو تہ ويڙھہ ۾ جان وڃي سگهي ٿي. جي موت ۽ تڪليف کان ڏڪن ٿا، اُهي پٺتي رهن ٿا. ڇو تہ اسان کي آزاديءَ جي لڙائي کٽڻي آهي انھيءَ لاءِ اسان کي بزدلن جي ضرورت ناهي، رڳو بھادر ۽ بلند حوصلي وارا، ماڻھو اڳتي وڌڻ گهرجن.
جپان اسان جي مدد ڪري رهيو آهي تہ ايئن نہ ٿئي تہ اسان جو ڪو ماڻھو بزدليءَ جو ثبوت ڏئي ۽ اسان جپانين ۾ بدنام ٿيون. جنھن سان اسان جي قوم جي بدنامي ٿئي. جڏهن اسين هندستان وينداسون تہ اتي وڏن سان ماءُ پيءُ جھڙو سلوڪ ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن ڪير بہ ان جي برخلاف عمل ڪندو تہ ان کي گوليءَ سان اڏايو ويندو. انگريزن جي نِڪري وڃڻ کان پوءِ جيڪڏهن جپاني هندستان تي قبضو ڪندا تہ اسان انھن خلاف بہ وڙهنداسين. ڪوبہ جپاني توهان کي چماٽ هڻي تہ اوهان ان کي ٽي چماٽون هڻي ڪڍو. ڇو تہ اسان جي حڪومت ڪا معمولي حڪومت ڪانھي. اسين بہ انھن جي برابر آهيون. جيڪڏهن جپاني سپاهي اسان جي سامھون هندستان ۾ ڪنھن بہ زال يا مرد جي بي عزتي ڪري تہ پھرين کين زبان سان منع ڪيو ۽ جيڪڏهن نہ سمجهي تي ان کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو. اسان جي لڙائيءَ هندستان جي آزاديءَ ۽ هندستان جي عزت جي حفاظت لاءِ آهي، نہ جپانين جي فائدي لاءِ. “
محاذ تان پٺتي هٽڻ کان پوءِ برما ۾ وري انگريزن سان مھاڏو اٽڪايائون. شڪست کان بچڻ لاءِ فوج مان.
بزدلن، ڪائنرن ۽ غدارن کي جدا ڪرڻ جي مسئلي تي پوري سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري حڪومت طرفان حڪم ڪڍيو ويو تہ :
”آزاد هند جي هر ميمبر، آفيسر، نان ڪميشن آفيسر ۽ اها اختياري حاصل آهي جيڪڏهن ڪو آزاد هند جو ميمبر چاهي هو ڪنھن بہ حيثيت ۾ هجي، جيڪڏهن بزدليءَ کان ڪم وٺي تہ ان کي گرفتار ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو غدار ٿي تہ ان کي قتل ڪري سگهجي ٿو. ”
جدا ٿيڻ جو پورو موقعو ڏيڻ کان پوءِ بہ جيڪڏهن ڪنھن بزدل يا غدار جو پتو مليو تہ ان کي موت جي سزا ڏني ويندي.
بزدلي ۽ غداريءَ کان بچڻ لاءِ فوج جي اخلاقي حالت ۾ سٺو بڻائڻ لاءِ ايئن ڪرڻ ضروري هو. انھيءَ ڪري بزدليءَ ۽ غداريءَ خلاف نفرت جي عام فضا پيدا ڪرڻ جي ضروت آهي ۽ عام ماڻھن ۾ انھيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ کپي تہ هڪ انقلابي فوج جي لاءِ ان کان مٿي ٻيو ڪو بہ ڏوھہ ناهي تہ هو بزدلي ۽ غداري جھڙي ذليل ڪم کان پيو ڪن. انھيءَ احساس ۽ فضا کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ جدا هدايتون ڪڍيون ويون.
ان شخص کي چڱو انعام ڏنو ويندو. جيڪو بزدل غدار جي باري ۾ صحيح اطلاع پھچائيندو يا جيڪو جنگ جي ميدان ۾ بزدل يا غدارکي گرفتار يا قتل ڪندو.
بزدليءَ ۽ غداريءَ جي خلاف نفرت جو جذبو پيدا ڪرڻ واسطي وقت بہ وقت تقريرن، شعرن، ڊارمن ۽ ناٽڪن جي ذريعي بزدلي ۽ غداريءَ جون خرابيون بيان ڪيون وينديون هيون. هندستان جي تاريخ مان بھادري آزاديءَ عزت تي مرڻ وارن جو بيان ڪيو ويندو هو. انھن جلسن ۾ قومي گيت ڳايا ويندا هئا ۽ آزاد هند فوج جا نعرا بلند ڪيا ويندا هئا. هن فوج ۾ سڀ کان وڏي ڪمي هٿيارن ۽ راشن جي هوندي هئي. هن کي جيڪا شڪست ملي هئي، انھن جي مکيہ ڪارڻ، انھن ٻنھي ڳالھين تي هُو ايتري قدر جو هنن وٽ راشن ختم ٿي وڃڻ ڪري ڪڏهن فوج جا سپاهي وڻن جي پنن ۽ گاھہ تي گذران ڪندا هئا. پر پنھنجي وطن جي آزاديءَ واري جنگ ۾ بي جگري سان وڙهندا رهيا. هماليہ جبل وانگر مضبوط پنھنجي صفن ۾ اتحاد ڪري، اٽل ۽ اڏول بڻجي پنھنجي جاءِ تي بيھي دشمن سان وک وک تي مقابلا ڪندا رهيا.
برطانيہ فوج پاران کين چيو ويو تہ:
”توهان جا عزيز ۽ مائٽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهن. اوهان وڙهڻ بند ڪريو تہ اسان توهان کي اوڏانھن موڪلينداسون. ان کان سواءِ اوهان وٽ کاڌي لاءِ پورو راشن ڪونھي اسان پٽ هر قسم جو آرام، آسائش جو شيون موجود آهن، اوهين هٿيار ڇڏيو تہ اهي سڀ شيون اوهان کي حاصل ٿينديون پر انھن سرفروش چيو تہ:
“آزاديءَ جي جنگ جي رستي ۾ هر قسم جون تڪليفون منظور آهن. عزيزن ۽ مائٽن کان دور رهڻ چڱو آهي ۽ آزاديءَ جو گاھہ کائڻ بھتر آهي پر غلامي جي ڊبل روٽي ۽ مکڻ ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪنداسون.
ڪپتان ڊلن پنھنجي ڊائري ۾ لکي ٿو تہ:
“اسان جا دوست هڪ اهڙي هنڌ هئا. جتي نگاھہ يا گوليءَ کان بچڻ جي ڪا بہ گنجائش ڪونہ هئي هڪ سڪو تلاءُ جيڪو ٿورو اونھو هو.
تنھن جي ويجهو ٽي رستا گڏيا ٿي ان جڳھہ کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٽڪري هئي. جنھن جي پٺيان دشمنن جو توب خانو هو. جو روڊ جنڪشن ۽ ان جي آس پاس جي علائقي جي حفاظت ڪندو هو. ان مکيہ جڳھہ تي آزاد هند فوج جو دستو سيڪنڊ ليفٽننٽ گيان سنگهہ بھشت جي هٿ هيٺ هو. ان دستي ۾ رڳو 98 جوان هئا. انھن وٽ ڪا بہ مشين گن ڪانہ هئي. هلڪي مشين بہ هنن وٽ ڪانہ هئين. انھن وٽ رڳو پراڻيون رائيفلون هيون. جن کي بچاءُ ۽ حملي وقت استمعال ٿي ڪيو ويو. انھن کي حڪم هو تہ ڪنھن بہ وقت دشمن کي وڌڻ نہ ڏنو وڃي. اهي ماڻھو پنھنجي مورچن تي ٻہ ڏينھن ويٺا رهيا پر دشمن کي اڳتي وڌڻ جي جرئت نہ ٿي. 12 مارچ 1945ع جو ڏينھن ٿيڻ کان اڳ دشمن جي هوائي جھازن ان مورچي تي بمباري ۽ مشين گنن سان فائرنگ شروع ڪئي.
يارهن بجي تائين بمباري ۽ مشين گنن سان فائرنگ ڪندا رهيا.
پنھنجي بارود ختم ٿيڻ کان پوءِ هوائي جھاز واپس هليا ويا. ان کان پوءِ دشمن جي توب ٽڪرين پٺيان گولي بازي شروع ڪئي ۽ گولي بازي جي آڙ ۾ موٽر سوارن جي فوج جو هڪ دستو اڳيان وڌيو. جنھن وٽ 13 ٽينڪون 11 بڪتربند گاڏيون ۽ 10 ٽرڪون هيون. دشمن جون بڪتربند گاڏيون ڌڙا ڌرا گوليون وسائينديون رهيون ٿي. پر آزاديءَ جي انھن ۾ ذرو بہ مايوسي يا حراس پيدا نہ ٿيو. هُو دشمن جو ڏاڍ مڙسي سان مقابلو ڪندا رهيا. ٽينڪ ۽ بڪتر بند گاڏيون فولادي ديوَار وانگر باھہ جا شعلا وسائيندا ايترو تہ اچي پھتا جو اسان جي بچڻ جي ڪا بہ اميد ڪا نہ هئي. ان جي رستي ۾ اسان جي جوانن ٻہ بارودي سرنگون لڳايون پر بدقسمتي سان اهي ڪونہ ڦاٽيون، تڏهن بہ انھن دشمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. پر دشمن هڪ قسم جي اڳيان ڀت ٺاهي، جتان اسان کي نشانو ڪري قتل ڪرڻ جي لاءِ انڌا ڌنڌ بارود وسايو ويو. اهڙي حالت ۾ هيڊ ڪواٽر تي نياپو موڪلڻ جو ڪوبہ وسيلو ڪونہ هو، جڏهن سيڪنڊ ليفٽننٽ سنگهہ ڏٺو تہ ان جي رائيفل جي فائر دشمن جي ٽينڪ، توب مشين گنس جي مقابلي ۾ بي معنا آهن. ان هنڌ رهڻ خودڪشي ڪرڻ مترادف ٿيندو. تڏهن هن پنھنجي جوانن کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان ۾ سڀاش جي جئه ”انقلاب زندہ آباد“، هندستان زندہ آباد جي نعرن ۾ حملو شروع ڪيو ويو. سڀني ساٿين وري وري نعرن کي ورايو. آسمان گونجي رهيو هو، دشمن جي خوفناڪ هٿيارن جي مقابلي ۾ انھن سپاهين وٽ هڪ ئي هٿيار هو. هندستان جو احساس ۽ ان جي آزاديءَ جو جذبو يڪدم جواب ۾ اٿيو دوبدو لڙائي شروع ٿي وئي. پورن ٻن ڪلاڪن تائين لڙائي جاري رهي. بھادر سورما، سورهيہ ويرين سان وڙهندا رهيا. ان مان چاليھہ جوان شھيد ٿيا پر دشمن جا ان کان اڳ وڌيڪ ماڻھو هئا. انھن جوانن جي همت ۽ بھادري دشمنن جي دلين کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ اهي پٺتي هٽڻ لاءِ مجبور ٿيا. “
ان وقت سيڪنڊ ليفٽننٽ گيان سنگهہ جي ٽيئن پلٽڻ جي ڪمانڊر سيڪنڊ ليفٽيننٽ امر سنگهہ کي اڳتي وڌڻ جو حڪم مليو، ان کي مٿي ۾ گولي لڳي هُوشھيدٿي ويو. ان کان پوءِ امر سنگهہ سڀني جوانن کي ڪٺو ڪيو. ان کان پوءِ حالت تبديل ٿي لڳي، برسات تيز پئجي رهي هئي ۽ حالت نازڪ ٿي وئي.
جپانين جيڪي واعدا ڪيا هئا پورا نہ ڪيائون.
راشن نہ هجڻ ڪري ڪيترائي ئي بک ۾ پاھہ ٿي پئجي رهيا.
هڪ دفعي اهي فوجي وڙهڻ لاءِ آسام جي سرحد تائين بہ اچي پھتيون هيون. جپان جي شڪست کان پوءِ آزاد هند جي فوج جي تڪليفن ۾ ويتر واڌ اچي وئي. آزاد هند حڪومت طرفان برما ۾ جا بينڪ کولي وئي هئي انگريز حڪومت ان تي قبضو ڪري ورتو.
آزاد هند فوج جي جوانن کي پڪڙڻ ۽ گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو ويو. انگريزن تي انتقام جو ڀوت سوار هو. ان ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون.
انگريزن طرفان آزاد هند فوج جي جوانن تي ظلم ڪرڻ جي ڪارواين کي ”جنم پوهيءَ“ اخبار جي ايڊيٽر امرت لعل وڏي دليريءَ سان برما ۽ آسام جا دورا ڪري پنھنجي اخبار ۾ وڏين سرخين سان ڇاپڻ شروع ڪيو. هر ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي، اهنجن ۽ عقوبتن، جي اپٽار ڪيائين ۽ حڪومت جا پول پڌرا ڪيائين.
هن ايڊيٽر سموري صورتحال هندستانين جي آڏو آندي، پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو تہ : برما ۾ آزاد هند جي آفيسرن جي حالت ايتري خراب آهي جو رنگون جي هندستانين جي مزاج ۾ ڏاڍي بي چيني ڦھليل آهي انھن سان اخلاقي ۽ رواجي ڏوهارين جھڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. انھن کان ڀنگين جو ڪم ورتو وڃي ٿو. انھن کي پنھنجي مٽن مائٽن سان ملڻ يا انھن کي خط لکڻ جي اجازت نہ نٿي ڏني وڃي، انھن کي اهو بہ نہ ٿو ٻڌايو وڃي تہ کين ڪٿي رکيو ويو آهي.
برطانيہ فوج جا جيڪي هندستاني سپاهي سنگاپور، ملايا ۽ برما ۾ جپانين جي هٿان گرفتار ٿيا هئا. انھن سڀاش چندر بوس جي آزاد هند فوج ۾ شرڪت ڪئي هئي پر جڏهن برطانيہ جپان جي قابض علائقن تي قبضو ڪري ورتو تہ انڊين نيشنل آرمي جي آفيسرن کي گرفتار ڪري مٿن غداري جي الزام هيٺ ڪيس هلايو ويو.
ڪانگريس انھيءَ غداري ڪيس ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ انڊين نيشنل آرمي جي آفيسرن تي کلي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي تہ جيئن ڪانگريس انھيءَ ڪيس مان قانوني بچاءُ ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ڪانگريسن لارڊ ديول کي هڪ خط لکيو ۽ انھي ڳالھہ تي زور ڀريو تہ ڪانگريس جو نقطئہ نظر تسليم ڪيو وڃي، لارڊ ڊيول انھيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو. غداريءَ جو اهو ڪيس لال قلعي ۾ کلي عدالت ۾ هلايو ويو عوام انھيءَ ڪيس ۾ وڏو جوش ۽ خروش ڏيکاريو.
دنيا ۾ ڪوبہ حق پرست ماڻھو ۽ انقلابي جماعت ناهي. جنھن کي مجرمن وانگر عدالت جي ڪٽهري ۾ نہ بيھاريو ويو هجي. اها حڪمران ٽولي جي چال هوندي آهي تہ قومي انقلاب آڻيندڙ سياسي ۽ سماجي تبديلي چاهيندڙ ۽ محب وطن سچارن ۽ انقلاب جي خلاف ڪيس قائم ڪري، انھن جي محبوبيت، مقبوليت ۽ مشھوري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اهو حڪمران طبقو عام طور تي اهو بہ خيال ڪندو آهي تہ اهو ان سڀني عملن سان ۽ انھن جي هٿ ٺوڪيل ڪوڙن ڪيسن سان، انھن انقلابين ۽ سياسي تبديلي چاهيندڙن جون همتون پست ڪري ڇڏيندو پر ايئن نہ ٿيو آهي. انھن قومپرستن ۽ سماجي تبديلي چاهيندڙن قائم ڪيل ڪورٽن کي حڪمرانن جي مڪروھہ ”منھن ۾ موسيٰ اندر ۾ ابليس“ وارو پردو چاڪ ڪري. ان جي رڍ جي کل ۾ بگهڙ واري کل ٻھروپي جو چوغو لاهي عوام آڏو کيس اگهاڙو ڪري پي بيھاريو آهي. هر آزاديءَ چاهيندڙ انقلابي کي ڪورٽ ۽ جيل مان گذرڻو پوندو آهي اهو هڪڙي قسم جو دستور ۽ رواج ٿي چڪو آهي. بقول ڪنھن ليڊر جي تہ: جڏهن حڪمران طاقتن آزاديءَ ۽ حق جي مقابلي ۾ هٿيار کنيا آهن تہ عدالت گاھہ سڀ کان وڌيڪ آسان هٿيار ٿي ڪم آيا.
انھن ٽنھي محب وطن مجاهدن کي جڏهن عدالت جي آڏو آندو ويو تہ هنن وڏي بيباڪي ۽ دليري سان پنھنجي وطن ڪو ڪيس پيش ڪيو بيان ڏيندي چيائون تہ:”اسان بادشاھہ جي خلاف لڙائي ۾ شامل ٿيا هئاسين اسان ملڪي محبت جي خاطر آزاد هند فوج ۾ ڀرتي ٿيا هئاسون. برطانيہ حڪومت اسان کي جنگي قيدي جي حيثيت سان گرفتار ڪيو هو. ان ڪري اسان تي ڪيس هلايو ٿو وڃي سو ناجائز آهي. “
شاهنواز فوجي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو تہ: هن اهڙو ڪو بہ ڏوھہ ڪو نہ ڪيو آهي، جنھن ڪري مون تي فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو وڃي. مان ان کان انڪار نٿو ڪري سگهان تہ مان برطانيہ جي بادشاھہ جي خلاف جنگ حصو ورتو آهي. پر ايئن مان آزاد هندستان جي عارضي حڪومت جي حيثيت ۾ ڪيو آهي ان حڪومت مادر وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ برطانيہ جي بادشاھہ سان جنگ جو اعلان ڪيو هو ۽ لڙائي دنيا جي قانون موجب لڙي وئي هئي. برطانيہ فوج ان قانون موجب اسان جي حيثيت کي تسليم ڪري گرفتار ڪيو هو.
منھنجو خيال هو تہ جنگ هر حالت ۾ هندستان ۾ ٿيندي، مون نہ ٿي سمجهيو تہ برطانيہ فوجون جپان جي اڳتي قدم کي روڪي سگهنديون، سڀاش چندر بوس جون تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ مان آزاد هند فوج جي هلچل کان چڱي طرح واقف ٿيس. منھنجي هن سان هندستان ۾ ڪڏهن بہ ملاقات ڪا نہ ٿي هئي ۽ نہ وري مون کي هن جي گذريل ڪارواين بابت خبر هئي ملايا ۾ مون ان جو تقريرون ٻڌيون انھن جو مون تي تمام گهڻو اثر ٿيو.
اهو چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ مون تي ان شخصيت ۽ تقريرن جادوءَ جھڙو اثر ڪيو آهي. سڀاش چندر بوس پنھنجي تقريرن جي ذريعي منھنجي سامھون هندستان جي تصوير رکي ۽ مون پنھنجي زندگي ۾ پھريون دفعو ان جي مدد سان هندستان کي هڪ هندستاني جي نظر سان ڏٺو. مون تي ان جي بي غرضيءَ ملڪ سان محبت ۽ جپاني دٻاءُ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪرڻ جو بي حد اثر پيو.
مون ملايا تي حملو ڏٺو هو، مون نہ ٿي چاهيو تہ اهڙو حملو هندستان تي ٿئي ۽ مان هڪ قيدي پيو هجان. مون پڪو پھہ ڪيو هو تہ هٿ ۾ رائيفل کڻي پنھنجي ملڪ جي عزت آبرو جان ۽ مال جي حفاظت بھترين طريقي سان ڪندس.
مون آزاد هند فوج ۾ گهڙڻ مھل پڪو فيصلو ڪيو هو تہ پنھنجي زندگي، گهر ٻار، خاندان ۽ بادشاھہ سان وفاداريون سڀ ڪجهہ قربان ڪندس. مون اها بہ پڪ ڪئي هئي تہ جيڪڏهن منھنجو ڀاءُ بہ منھنجي رستي جي رڪاوٽ بڻيو تہ ان سان بہ وڙهي پوندس. 1944ع جي لڙائي ۾ اسان سچ پچ هڪ ٻئي جي خلاف لڙياسين. منھنجو ڀاءُ زخمي ٿي پيو، منھنجو سوٽ ۽ مان چن جي پھاڙ تي روازنو ٻن، مھينن تائين هڪٻئي جي مقابلي ۾ روزانو وڙهندا رهياسين. اسان جي اڳيان بادشاھہ جي وفاداريءَ يا ملڪ جي وفاداريءَ جو سوال هو.
هنن جي بچاءَ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ۾ پنج مون اها پڪ ڪئي هئي تہ مان پنھنجي ملڪ سان وفادار رهندس. مون سڀاش چندر بوس جيڪو اسان جو اڳواڻ هو. جي اڳيان قسم کنيو هو تہ مان ملڪ جي آزاديءَ خاطر پنھنجي جان بہ قربان ڪندس.
اسان کي سڀاش چندر بوس جي هستيءَ ۾ هڪ حقيقي اڳواڻ/رهبر مليو تہ ان جڏهن هندستان جي ڪروڙين مظلوم ۽ مفلس ماڻھن جو ٻڌايو ۽ مجبور، بيڪس ۽ فاڪن ۾ پيل انسانن جي پاران اپيل ڪئي تہ اسين اڳتي وڌياسين ۽ پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿياسون. مون کي سڀاش جھڙو رهنما مليو. مون ان پٺيان هلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو منھنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو فيصلو هو. مون کي يقين هو تہ ان سلسلي ۾ مون کي پنھنجي ويجهن عزيزن سان جي برطانيہ هندستاني فوج سان تعلق رکن ٿا، وڙهڻو پوندو پر مون اهو بہ قبول ڪيو.
هنن جي بچاءَ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ۾ پنج ڇھہ وڪيل سندن قانوني مدد لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.
هندستان جي مشھور قانوندان ڀائي ڊيسائي ملزمن جي بچاءُ ۾ عدالت آڏو صفائي پيش ڪندي، پنھنجي زبردست تقرير ۾ چيو: ”ڪنھن بہ ملڪ جي باشندن کي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌاري حڪومت جي مقابلي ۾ هٿيار کڻڻ جو پورو حق حاصل آهي. غلام باشندن کي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ غيرن سان وڙهڻ جو هر طرح جو حق حاصل آهي. سڀ انسان هڪ جھڙا آهن، انھن کي ان ڳالھہ جو حق آهي تہ مڪمل آزاديءَ حاصل ڪن ۽ پنھنجي ملڪ ۾ آزاد حڪومت حاصل ڪن. آمريڪا جا باشندا بادشاھہ جا وفادار هوندا هئا پر تنھن هوندي بہ انھن بادشاھہ جي وفاداريءَ کان ملڪ جي وفاداريءَ کي بھتر سمجهي اهو بھادري ۽ دورانديشي جو نتيجو آهي تہ اڄ نہ رڳو آمريڪا جي فوج آزاد آهي پر هن آمريڪا (جنھن انگلينڊ جي بادشاھہ خلاف بغاوت ڪئي هئي. ) اڄ انگلينڊ ۽ سڄي يورپ جو محور طاقت جي غلاميءَ کان بي بچايو آهي. آمريڪا جي خودار باشندن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو هو.
ان ۾ ۽ آزاد هند حڪومت جي آزاديءَ جي اعلان ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ جڏهن ٻنھي ۾ ڪو فرق بہ ڪونھي تہ پوءِ آزاد هند فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين تي ملڪ جي غداريءَ جو الزام ڇو ٿو لڳايو وڃي.
آزاد هند فوج جي آفيسرن جي غداري جي افساني کي ثابت ڪرڻ لاءِ اها ڳالھہ ڪئي ٿي وڃي تہ هو جپاني حڪومت جا هٿيار بڻيا هئا. انھن کي پنھنجي مستقل حيثيت ڪا نہ هئي. آزاد هند فوج قائم ڪرڻ ۽ ان جي ڪم هلائڻ وارن نہ نيت تي ٿي سگهي ٿو. آزاد هند فوج جو اهو فيصلو هو تہ جپاني هندستان جي آزاديءَ جي راھہ جي رڪاوٽ ثابت ٿيا تہ هو انھن سان بہ وڙهندا ان ڳالھہ جي سرڪاري شاهدن بہ تصديق ڪئي آهي. “ ان سلسلي ۾ هن ڪپتان شاهنوا ز جي تقرير جو حوالو ڏنو جنھن ۾ شاهنواز سپاهين کي چيو هو تہ: ”جيڪڏهن جپاني اوهان کي ٿپڙ هڻن تہ اوهان انھن کي ٽي ٽپڙ هڻو. جيڪڏهن جپاني هندستان جي سرزمين تي ڪنھن عورت جي بي حرمتي ڪري تہ پھرين ان کي سمجهايو پر جيڪڏهن نہ مڃي تہ پوءِ اُن کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو. ”
اهڙي اعلان کان پوءِ ڪير چئي سگهندو تہ آزاد هند فوج جپانين جي هٿ وس هئي ۽ انھن جي ڪاٺ جي پتلي وانگر هئي. آزاد هند فوج سپاهين کان وٺي آفيسرن تائين سڄي هندستان جي هئي. فوج هندستان جي پئسي سان هلندي هئي انھن جو جهنڊو هندستان جو قومي جهنڊو هو.
انھن بک، اڃ، بيماري ۽ موت هن ڪنھن مصيبت کي خوشيءَ سان منھن ڏنو. هفتن جا هفتا بنا بستري جي جهنگن ۾ رهيا.
لوڻ ۽ کنڊ بہ انھن لاءِ عشرت جون شيون هيون. جن ماڻھن ايتريون تڪليفون کڻي جنگ ۾ حصو ورتو. انھن تي اهو ڏوھہ نٿو هڻي سگهجي.
آزاد هند جي بھادرن پنھنجي هندستان ۾ رهڻ وارن مائٽن جي آرام، عزت ۽ بچاءَ جي پرواھہ نہ ڪري دليريءَ جو قدم کنيو هو، اهڙن بھادرن تي ڪنھن بہ قسم جو الزام لڳائڻ پنھنجي تنگدليءَ جو ثبوت آهي.
سرڪاري شاهد چئي ويا آهن تہ آزاد هند فوج جي ڀرتي جنگي قيدين مان زوري ڪئي وئي هئي. ان ڳالھہ تي زور ڏئي آزاد هند فوج جي سپاهين جي وطن پرستيءَ کي بدنام ڪيو ٿو وڃي.
سرڪاري شاهدن پنھنجي شاهدي خود قبول ڪيو ۽ چيو آهي تہ سڀاش چندر بوس پنھنجي تقرير ۾ چيو هو تہ: جو ماڻھو پاڻ کي قربان ڪرڻ جي قابل نہ ٿو سمجهي، اهو آزاد هند فوج کان ٻاهر رهي سگهي ٿو. آزاد هند فوج جي ڀرتي ايتر ي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان ڪئي وئي جو هزارين هزار رضاڪار ن لاءِ هٿيار بہ پورا نہ پي پئي سگهيا.
جنگي قيدين کي انھيءَ لاءِ ڪو نہ ماريو ويو تہ اهي فوج ۾ ڀرتي ٿين پر اها سزا انھيءَ لاءِ ڏني وئي هئي جو هو ڏوهاري هئا يا نہ، سزا جي لائق هئا. ان ڪري سرڪاري شاهدن جي ان باري ۾ شاهدي مڃڻ جوڳو ناهي. هن ماڻھن اهڙي قسم جي شاهدي ڏني آهي، انھن کي لاچار سندن ڪرتوتن ڪري سزا ڏني وئي هئي پر انھن انگريزن جي آڏو شھيد جو درجو حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڪوڙي ڪھاڻي ٺاهي ٻڌائي آهي تہ انھن کي آزاد هند فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي سزا ڏني وئي آهي. آئون عدالت کي چوندس تہ انھن شاهدن کي نظرانداز ڪيو وڃي.
سڄي هندستان ۾ هنن ملزمن جي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ٿيڻ ۽اپيلون ٿيڻ لڳيون. وڏا جلسا ۽ جلوس ٿيڻ لڳا.
حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويو تہ آزاد هند فوج جي گرفتار ڪيل سپاهيءَ کان ويندي آفيسر تائين کي غيرمشروط ڇڏيو وڃي. سياسي صورتحال ۽ جي ملڪن ۾ سياسي طاقتون اڀري رهيون هونديون آهن. انھن جو عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ قدرتي امرهوندو آهي. آخرڪار عوام جي دٻاءَ ۾ اچي. حڪومت انھن سڀني آفيسرن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
هندستان ۾ هڪ ڏينھن اها خبر اخبارن ۾ ڇپي تہ سڀاش چندر بوس هڪ هوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. اها خبر هن ريت هئي تہ: 16 آگسٽ تائيڪو، جي هوائي اڏي تي ان جو جھاز ڀڃي پيو. جنھن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هُو اُتي اڌ رات جو شھيد ويو.
ان خبر ملڪ ۾ اهڙِي لھر پيدا ڪئي جو گانڌيجي، سڀاش جي هوائي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي تعزيت لکي، سڀاش جي والدہ کي لکي موڪلي. جنھن ۾ سند س پٽ (سڀاش) کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيائين. سندس ناقابل فراموش خدمتن جي ساراھہ ڪيائين. ايتري قدر جو ڪرسپس مولانا آزاد سان شڪايت ڪئي تہ هو گانڌيءَ جھڙي شخص کان اهڙي توقع نہ ٿي رکي سگهيو. جو سڀاش لاءِ ايترا شاندار جذبا ظاهر ڪيا اٿس. گانڌي عدم تشدد جو حامي هو ۽ ان جي برعڪس سڀاش کُلي عام گانڌيءَ جي عدم تشدد واري نظريہ کان انحراف ٿي، معورين جو ساٿ ڏنو ۽ ميدان جنگ ۾ اتحادين جي شڪست لاءِ ڪا ڪسر نہ ڇڏي.
سيپٽمر 1946ع ۾ بمبئي ۾ ٿيل آل انڊيا ڪانگريس ڪيميٽي جي اجلاس ۾ جڏهن موت تي ڏک ظاهر ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ ان ۾ سڀاش جو نالو نہ ورتو ويو. ماڻھن ان ٺھراءَ ۾ نالو وجهڻ جي گهر ڪئي.
تڏهن مولانا ابوڪلام آزاد ڪانگريس جي صدر چيو تہ: منھنجي خواهش آهي تہ سڀاش جي موت جي خبر غلط ثابت ٿئي ۽ هو صحيح سلامت هندستان ۾ واپس اچي ۽ گهڻي عمر تائين زندہ رهي، پنھنجي ملڪ هندستان جي خدمت ڪري.
سڀاش جڏهن هندستان مان ڏاڙهي رکرائي، مولانا جي روپ ۾ افغانستان جي رستي نڪرڻ ٿي چاهيو. ان دوران ڪيتريون ئي مصيبتون سامھون آيس پر وطن جي آزاديءَ جي جذبي انھن تي حاوي ڪر ڇڏيس.
سڀاش لکي ٿو تہ:
”مون کي ٻڌايو ويو تہ هڪ دفعي جيڪڏهن اسان ڪابل ندي پار ڪئي تہ پوءِ اسين موٽر روڊ تي پڄنداسون، جتان بس رستي ڪابل پڄي وينداسون. لالپوا ڇڏڻ کان اڳ ميزبان اسان کي خط ڏنو، جيڪڏهن اسان کي رستي ۾ سوال ڪري تہ اسين اهو خط ڏيکاري اڳتي وڌون. هن چيو تہ جيڪڏهن اسان ان خط کان ڪم ورتو تہ خود افغانستان ۾ بہ اسان کي ڪير هٿ لائي نہ سگهندو.
مون پاڻ اهو خط پڙهيو خط فارسي ۾ لکيل هو. ان اهو ڄاڻايل هو تہ رحمت خان ۽ ضياءُ الدين قبائلي ايراضيءَ جا رهواسي آهن. جو سکيءَ صاحب جي زيارت تي وڃي رهيا آهن. هنن جي سٺي چال چلت جو مان پاڻ ذميوارآهيان ۽ مون هي سرٽيفڪيٽ هنن کي ان لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن ڪو کين رستي ۾ تنگ نہ ڪري رستي “سي آءِ ڊِي وارن سڀاش کي تنگ ڪيو. پر انھن اهو خط ڏيکاري جان ڇڏائي ۽ ڪجهہ خرچي ڏئي سي آءِ ڊي وارن جو وات بند ڪيو. ڇو تہ سي آءِ ڊي وارن کي پئسو کپندو هو. هنن کي چال چلت واري راهداري سان ڪو واسطو نہ هو.
سڀاش وڌيڪ لکيو تہ: ”جڏهن اسان لائلپور ڇڏي تہ تڏهن ٻہ هٿياربند ماڻھو اسان سان گڏ هلي رهيا هئا. ٿورا ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪابل نديءَ وٽ پھتاسون. اتي ڪا بہ ٻيڙِي ڪانہ هئي، جنھن ۾ چڙهي ندي پار ڪيون. ماڻھو چمڙي جون سيڙهيون (سانداريون جس، سان ٻڌي ٻيڙي ٺاهي ان تي ندي پار ڪري رهيا هئا مان پھريون البت ڪجهہ ڊنس پر جڏهن ڏٺم تہ ماڻھو ايئن ندي پار ڪري رهيا هئا تڏهن مون بہ ايئن ڪيو. اسين انھن ساندارين سميت ميربحرن جي وڇايل ڄار تي ويھي وياسين. ان طرح وڃي پار پھتاسين هينئر اسين افغان ايراضيءَ ۾ گهڙياسين جتي هٿياربندن سان گهمڻ ڦرڻ جي منع هئي. ان ڪري اسان پنھنجا باڊي گارڊ هٿياربند ساٿي ندي جي هن پار ڇڏيا.
ان نموني ئي اسين ڍاڪا کان بچي نڪتاسين (ڍاڪا پشاورکان پنجويھہ ميل پري هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. پشاور کان ڪابل ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پنھنجا پاسپورٽ ڏيکارڻا پوندا آهن ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي خيال کان پنھنجي سامان جي تلاشي پڻ ڏيڻي پوندي آهي.
رستي جي ڀرسان هڪ اهڙو هنڌ هو. جتي کي اتان جا ماڻھو ٺنڊي ڪري سڏيندا هئا. ان هنڌ ڪجهہ وڻن جا جهڳٽا ۽ هڪ کوھہ آهي. اتي اچي مان تہ هڪ وڻ هيٺيان ليٽي پيس ۽ رحمت کان ڪابل ڏانھن ويندڙ بسن کي هٿن سان اشارا ڪري بيھارڻ لڳو. بسون هٿن جي اشارن جي ڪا پرواھہ نہ ڪري ايئن هليون ويون. مان ٿڪ جي ڪري ساڻو ٿي پيو هيس. شام ڌاري رحمت خان مون کي اٿاريو. منھنجي ڀرسان هڪ لاري بيٺي هئي. جنھن ۾ مون کي ويھڻ لاءِ چيو ويو. مون لاءِ ان لاري ۾ ويھڻ مشڪل هو. ڇو تہ اها اڳ ئي پيتين سان ڀريل هئي. ان ۾ ڪا بہ جاءِ ڪونہ هئي ڪلينڊر مون کي رڙ ڪري چيو تہ ”تون بس جي مٿان ڇو نہ ٿو ويھين؟”
برفاني سياري جو موسم هئي. اسان جي چوڌاري کليل ميدان هئا. اسان کي ٿڌ کان بچاءَ لاءِ ڪي گرم ڪپڙا بہ ڪونہ هئا. ٿڌ ايتري هئي جو اکيون کولڻ بہ مشڪل هيون. اسين جيئن تہ مٿي ويٺا هئاسين. تنھن ڪري هر وقت خوف هو تہ متان وڻن جا ڏار اسان جو منڍيون نہ اڏائي وڃن يا اونڌو ڪري ڪيرائن. اسان کي انھن ٽارين کان بچڻ لاءِ هر هر پاڻ هيٺ جهڪائڻو ٿي پيو.
مون لاءِ اهو ڄڻ هڪ خوفناڪ خواب هو. مون رحمت کان پڇيو تہ ڇا اسان کي ڪا بہ بھتر لاري ڪانہ ٿي ملي؟ هن وراڻيو تہ ”مون اٽڪل ڇھہ لارين کي هٿ کڻي بيھڻ لاءِ چيو پر انھن مان ڪا بہ نہ بيٺي. فقط هيءَ بس بيٺي. جنھن تي اسين چڙهياسون. ان تي بہ نہ چڙهون ها ته، اسان کي سڄي رات ان ٺنڊي ۾ ڪاٽڻي پئي ها! اسان کي سڄي رات ان بس ۾ ڪاٽڻي پئي، جيڪڏهن واٽ تي اسان کي چانھہ نہ ملي هان تہ شايد ٿڌ ۾ اسان مري وڃون ها. ”
سڀاش چندر بوس ڪلڪتي جي قومي ڪاليج جو ڪجهہ وقت لاءِ پرنسپل هو. پرنسپال سڀاش جي نگراني ۽ رهنمائي ۾ قومي ڪاليج ڪتابي ڪيڙا ۽ غلاميءَ جي ڊگري وارا شاگرد پيدا نہ ڪيا، پر وطن عزيز تي سر ساھہ صدقي ڪندڙ انقلابي شاگرد تيار ڪيا.
سڀاش سڄي دنيا ۾ مڃيل ليڊر هو. هن جي مشھوري جو ڪارڻ اصولن جو پڪو هجڻ، نڊر انقلابي اڏولت هئي. قابليت ۽ ذهانت تہ ڪافي ماڻھن ۾ هڪ جيتري هوندي آهي، پر بقول چارلس ڊارون جي تہ ”ماڻھن جي صلاحيتن ۾ گهڻو فرق ڪونہ ٿو ٿئي، اصل فرق عمل جي جوش، عزم ۽ استقلال ۾ هوندو آهي. جن جي ذريعي صلاحيتون استعمال ڪونہ وڃن ٿيون. ”
هن جو اهنسا ۾ نہ پر هٿياربند انقلاب ۾ اٽل ايمان هو.
تازو هندستان جي دوري تي ويس ڪافي تاريخدانن، دانشورن اهو پئي ٻڌايو تہ مھاتما گانڌي بنا لڙائي جي انگريزن کي ڀڄائي، اسان کي آزادي وٺي ڏني، پرحقيقت هيئن آهي تہ اڄ برصغير جي آڪاش شھيدن جا روح وڏي واڪي پڪاري رهيا آهن تہ هي خطو خرچي ڇوڙڻ ۽ اهنسا جي ٻول ٻولڻ سان آزاد نہ ٿيو. پر جڏهن سوين سورما سوريءَ سزا وار ٿيا ۽ سر سھايا، لکين لاڏلن لھوءَ جا درياءَ وهايا، هزارين ڪونڌرن ڪنڌ ڪپايا ۽ ڪڏي سِرَ ڏنا تڏهن وڃي هن ڌرتيءَ جي جان ڇٽي. تاريخ شاهد آهي تہ سندن ورق شھيدن جي خون جي بوند سان لکيل آهن.
مھاتما گانڌي ۽ سڀاش جي سوچ ۾ وڏو فرق هو. هو اهنسا جو علمبردار تہ هو مسلح جدوجھد جو امام جيتوڻيڪ ٻنھي جو مقصد ساڳيو هو، ڌارين انگريزن کي ڪڍي هند کي آزد ڪرڻ ٻنھي جو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار هو.
سڀاش چندر بوس، مھاتما گانڌي جي ملاقات جو ذڪر ڪندي خود پنھنجي خط ۾ لکي ٿو تہ :
منھنجي عقل مون کي ٻڌايو تہ مھاتما جي رٿن ۾ ڪا بہ صفائي ڪانھي. مھاتما جيڪي رٿون رٿيون آهن سي ڪيتري قدر ڪھڙي طرح هلي ڪامياب ٿينديون ۽ هند کي پنھنجي آزاديءَ جي مقصد تي پھچائينديون تنھن جي، خود کيس بہ خبر ڪانھي.
29 جون 1943ع تي اوڀر ايشيا جي هندستانين اڳيان تقرير ڪندي چيو: هٿياربند دشمن انگريز کي اهنسا ۽ بک هڙتال ذريعي هندستان مان هڪالي نہ سگهيو.
دشمن اڳيئي تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي آهي. تنھنڪري هن مقابلو بہ تلوار سان ئي ڪرڻو پوندو. اها گهڙي اچي چڪي آهي جڏهن هر ڀارتي کي جنگ جي ميدان ڏانھن وڌڻو پوندو. جڏهن آزادي پسندن جو خون وهي اٿندو. تڏهن هندستان آزادي حاصل ڪندو.
سڀاش چندر بوس کي هندستان ۾ پبلڪ وڏي عزت جي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ هن کي پيار منجهان ”نيتاجي“ ڪري سڏيندا آهن. ڪافي چوراهن، رستن ۽ تعليمي ادارا بہ ”نيتا جي“ جي نالي سان رکيل آهن.
26 جنوري 1944ع تي رنگون ۾ آزاديءَ جو سال ملھايو ويو. ان جي موقعي تي نيتا جي تقرير ٻڌڻ لاءِ لکين ماڻھو گڏ ٿيا، جون 1944ع ۾ سڀاش برما ۾ پنجاھہ لکن جي موڙي سان بينڪ کولي. 4 جولاءِ تي نيتاجي سڀاش کي جواهرات ۾ توريو ويو. جواهرات جو ملھہ هڪ ڪروڙ ٽيٽيھہ لک روپيا ٿيو. سموري رقم آزاد هند فوج جي قومي بينڪ ۾ جمع ڪرائي ويئي.
لنڊن جي پارليامينٽ ۾ جڏهن وزيراعظم مسٽر ائٽلي کان ڀارت تڪڙو ڇڏي اچڻ جو سبب پڇيو ويو. تڏهن جواب ڏنو هو تہ: اسان جو فوج (هندستاني سپاهي) تي مڪمل ڪنٽرول نہ رهيو. فوج ۾ بغاوت ڦھلجي ويئي. تنھنڪري فوج کان سواءِ هندستاني حڪومت ڪرڻ ناممڪن هئي. هن مان ثابت آهي تہ مھاتما گانڌيءَ جي اهنسا جي طاقت انگريزن کي هند مان ڪونہ ڀڄايو پر سخت مزاج انقلابين جي ڪاروائين هندستاني فوج ۾انگريزن خلاف بغاوت ڦھلائي ۽انگريز ڪمانڊرن ۾ اعليٰ عملدارن مٿان خوني حملا ڪري. سندن هندستان ۾ رهڻ رت ڪري ڇڏيو. اهي شھيدن جا ڪارناما تاريخ ۾ روشن آهن. نيتاجي بوس ڪانگريس پارٽي ۾ رهي جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو. سو سونھري اکرن ۾ لکڻ جھڙو آهي، عام طور تي راڄنيتي پارٽين ۾ ڪي بہ ٺھراءَ (غلط ۽ برابر) پاس ڪرائڻ ۾ چند ماڻھن جو هٿ هوندو آهي. باقي ٻيا حمايت ۾ هٿ مٿي کڻندا آهن. يعني هو بنا سوچ سمجهہ جي پنھنجي ليڊر جي رٿ ۽ حڪم موجب ووٽ ڪندا آهن.
اهڙي طرح راڄنيتي پارٽين ۾ ڍونگ جهموريت جو رچيو ويندو آهي پر حقيقت ۾ لوڪ شاهي جو قتلام ٿيندو ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي هميشہ بالادستي رهندي آهي. سڀاش بنا سوچي هٿ مٿي کڻندڙ ميمبرن مان نہ هو. هُو آزاد اٽل، دلير ۽ اڏول ارادي وارو اڳواڻ هو.
ڪانگريس جي ڪيترن اجلاسن ۾ هُو مھاتما گانڌي ۽ پنڊت جواهر لعل نھرو جي نہ رڳو مخالفت ڪندو هو. پر وقتي طور ان ڪاميٽي تان استعيفيٰ ڏيندو هو.
1923ع ۾ گيا جي ڪانگريس اجلاس ۾ جڏهن ڪانگريس پارٽي ڪائونسلن ۾ داخلا جو فيصلو ڪيو. تڏهن نيتاجي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ هو ڪائونسل کان ٻاهر رهي فارورڊ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ انگريزن جي خلاف پنھنجو آواز اٿارڻ لڳو.

1929ع ۾ لارڊ ارون وائسراءِ هڪ پڌرنامو ڪڍي. هندستانين کي ڪن ڳالھين تي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ لنڊن ۾ هندستانين سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ گول ميز سڏائن جو اعلان ڪيو. مھاتما گانڌي ۽ ٻين ليڊرن وائسراءِ جي ان پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون. پر سڀاش ان پڌرنامي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ صحيح کان انڪار ڪيو ۽ گول ميز
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي خيال کي بہ سخت لفظن ۾ ننديو.
سڀاش چندر بوس کي فقط هندستانين جي آزادي کپندي هئي ۽ نہ ڪي خالي پڌرناما ۽ ٺھراءَ. اڳتي هلي مھاتما گانڌي ڪانگريس پارٽي جي مينگا ۾ هندستان جي مڪمل آزاديءَ جو ٺھراءُ پيش ڪيو. پر ان ٺھراءَ ۾ وائسراءِ لارڊ اِورن کي سندس ريل تي اڇلايل بم مان بچي وڃڻ جون مبارڪون ڏنل هيون.

سڀاش جي اڳواڻيءَ ۾ ڪانگريس جي جوان طبقي ان جملي جي سخت مخالفت ڪئي پر جيئن مون مٿي لکيو آهي تہ راڄنيتي پارٽين ۾ بنا سوچ جي هٿ مٿي کڻندڙ ميمبرن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي.
تنھنڪري اهو ٺھراءَ نيتاجي مخالفت باوجود اڪثريت سان پاس ٿي ويو.
ڪاش! سڀاش چندر بوس زندہ هجي ها تہ هو جيڪر مسلم ليگين جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏئي ها. هُو ٻہ قومي نظريي کي قبول نہ ڪري ها ۽ مذهب جي بنياد تي اکنڊ ڀارت جو ورهاڱو ٿيڻ نہ ڏئي ها.
13 سيپٽمبر 1944ع نيتاجي برما ۾ گجندي چيو تہ: اسان اکنڊ ۽ آزاد هندستان قائم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. هندستان کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي جيڪا سازش هلي رهي آهي، تنھن جي اسين زوردار مخالفت ڪنداسين.
تازو هندستان جي دوري دوران مون کي باخبر ذريعن ٻڌايو تہ انگريزن آزاديءَ ڏيڻ وقت ڀارت جي ليڊرس سان اهو معاهدو ڪيو هو تہ ڪھڙي بہ صورت ۾ سڀاش چندر بوس کين گرفتار ڪري ڏياريو وڃي. ڇاڪاڻ تہ سڀاش باغي هو ۽ سندن قانون جو ڏوهاري هو.

شڪارپور سنڌ ۾ 1938ع ڌاري سڀاش آيو تہ ڪا سندس شاندار
آجيان ۽ استقبال ڪيو ويو. جماڻي هال ۾ تاريخي ۽ انقلابي تقرير ڪيائين سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جو دورو بہ ڪيائين.
سڀاش چندر بوس جي فوج جو بنياد سنگاپور ۾ پيو هو. سنڌين جو ان ۾ وڏو هٿ هو. جنھن تي سنڌين کي فخر آهي، ميئر روڊ تي سنڌين کيس هڪڙو بنگلو ڏنو. جنھن ۾ سڀاش رهندو بہ هو ۽ ان کي آفيس طور بہ ڪتب آڻيندو هو.
ان جي ڀرسان آزاد هند فوج جي ڇانوڻي، ميدان ۽ آفيسون هيون. ان جڳھہ تي سڀاش ۽ جلاوطن حڪومت جي وزيرن ڀارت کي آزاد ڪرائڻ جو قسم کنيو هو. اتي هينئر آزاد هند فوج جو يادگار آهي.
سڀاش کي جڏهن بھادر سنڌي سورمي هيمو ڪالاڻي جي ڦاسي جي خبر ٻڌائي ويئي تہ تڏهن هن سنڌين کي خاص طور هيمون جي بھادريءَ، قرباني ۽ شھادت جي ساراھہ ڪئي.
هڪ دفعي رنگون ۾جلسي دوران سڀاش کي پارايل هار نيلام لاءِ آڇيا ويا تہ پھريون واڪ هڪ لک جو آيو پوءِ وڌي وڃي ستن لکن تي پھتو.

10

هڪ سنڌي جنھن پھريون واڪ ڏنو هو سو پنجن لک تائين پھتو. جڏهن سڀاش ستن لکن واري کي هار ڏيڻ وارو هو تہ اهو سنڌي ٽپ ڏئي سڀاش وٽ پھتو ۽ کيس چيو تہ مان پنھنجي ساري جائداد ۽ پاڻ کي نيتا جي آڏو ارپڻ چاهيان ٿو. اهو سنڌي جذبات ۾ ڏڪي رهيو هو. سڀاش کيس ٻنھي هٿن سان جهليو ۽ چيو جڏهن اهڙا قومپرست ۽ جذبات رکندڙ نوجوان موجود آهن تہ پوءِ پڪ ڄاڻو ڪاميابي اسان جي آهي.
سڀاش چندر بوس هڪ ڀيري مغلن جي آخري بادشاھہ بھادرشاھہ ظفر جي مزار ڀرسان هڪ پرجوش تقرير ڪئي هئي هُو عظيم انسان اچاريندو رهيو هو ۽ ماڻھو روئندا رهيا هئا. هن مقبري ڏانھن هٿ کڻي چيو تہ: ”اي هندستان جا شھنشاھہ! منھنجو نالو سڀاش چندر بوس آهي هڪڙو زمانو هو تہ تون اسان جو شھنشاھہ هئين پر اڄ اسين توکي بيڪسي ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ آرامي ڏسي رهيا آهيون. مان توسان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تنھنجي تلوار کي لنڊن تائين هلائيندس ڇو تہ اسان ۾ ايمان جي بوءِ اڃا باقي آهي ۽ تو خود چيو هو تہ:
”غازين ۾ بوءِ رهندي جيسيتائين ايمان جي تيسيتائين لنڊن تنھنجي تابع هلندي هندستان جي. “
اي شھنشاھہ! هندستان مان اهو پھريون شخص هوندس جو توکي هندستان وٺي هلندس. “
سڀاش جو اهو ارادو پورو نہ ٿيو هن جي موت تي ڪنھن کي بہ يقين ڪونھي تہ ڪو حادثي جو شڪار ٿيو هوندو. ڪي چون ٿا سڀاش زندہ آهي! هينئر ٻاهر رهي ٿو، ڪڏهن هندستان ۾ ڏٺو ويو اٿس پر اهي عقيدت هئڻ ڪري پنھنجي واتان اها وائي نٿا ڪڍي سگهن تہ ڪو سڀاش فوت
ٿي ويو آهي. هندستان جو هر ماڻھو سڀاش جو ٿورائتو ۽ شڪرگذار آهي جو هندستانين کي آزاديءَ لاءِ وڙهڻ سيکاري ويو. انھن جي زبان تي ” جيئي هند“ جا نعرا بلند ڪرائي ويو.













هلو هلو قدم قدم وڌايون هلو، جھڙا پرعزم درس ڏئي ويو.
نوجوانن ۾ وطن جي وقار ۽ وجود لاءِ سامراجي سوئرن سان وڙهڻ لاءِ نئين لھر اڀاري ويو. پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي جاڳرتا ۽ جوش جوت جاڳائيندو رهيو نہ زندان جو خوف هئس نہ نہ زنجيرن ۾ جڪڙڻ جو ڊپ نہ ٽياس تي ٽنگجڻ جو خطرو نہ اهنجن، ايذائن ۽ عقوبتن جي پرواھہ.
سڀاش جو خاندان بہ جواهر لعل نھرو جي خاندان وانگر وطن جي خدمت ڪندو رهيو آهي.
بھرحال ڪنھن بہ پارٽي ۾ هجن ڪھڙي بہ تحريڪ ۾ شامل ٿين پر سندن تربيت اهڙي ڪئي جو پنھنجي ڌرتي جي ناموس قومي خدمت ۾ سدائين اڳڀرا رهندا. جيڪي وطن تي پنھنجي جان نڇاور ڪري ويندا آهن. جيڪي پنھنجو سڀ ڪجهہ آزاديءَ جي راھہ ۾ لٽائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي ڌرتيءَ جي نجات لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏيندا آهن تہ انھن جا ڪارناما ۽ معرڪا آرايون هميشہ جي لاءِ عوام جي ذهن ۽ زبان تي ايئن ياد هوندا آهن جيئن اولاد جي زبان تي پيءُ جو نالو.
سندس ئي چوڻ وانگر: “اهو ماڻھو جنھن کي پنھنجا خيال ٻين تائين پھچائڻ جي قدرت آهي تہ اهو ماڻھو مري نہ ٿو سگهي ڇو تہ هن جو جسم جيتوڻيڪ ختم ٿي وڃي ٿو پر هن جا خيال لکن ماڻھن جي دماغ ۾ صدين تائين زندہ رهن ٿا ۽ هو پنھنجي زندگي خيالن جي زندگي وسيلي هزارھا سالن تائين برقرار رکي سگهي ٿو. ”
هن مھان ليڊر جو هي فرمان ۽ پيغام پنھنجي عوام جي دلين تي هيشه لاءِ چٽيل رهندو.

اٿو ستل ڀارت جي نصيبن کي جاڳايو،
آزادي هوئن ئي وٺنداسون، جوان ٿي ڏيکاريو.
خونخوار ٿيو شير، مرد هندي سپاهي،
دشمن جو صفون ٽوڙي ڇڏيو هڪ تهلڪو مچائي،
ڪر ياد شھيد جو لھو ديش جي خاطر،
هڪ ٽولي ڀي دشمن جي هزارن سان ويڙهائي.
تون قومي سپاهي آ عدد ڪا شي ناهي،
هجي بک ۽ تڪليف هجي رڪاوٽ ۽ ٿڪاوٽ،
خواھہ زخم هجي ڪيڏو، ڏيکاري کلي موت کي،
ڇو لعل قلعو ايئن رهي دشمن جي حوالي،
وري هندي لشڪر جي اتي ڌوم مچائي.
مينار قطب ڏسي ٿو راھہ توهان جي،
هلي ان جي بلنديءَ کي ٽرنگي سان سجائي.
ڪا ٻي نہ تمنا آهن خواهش منھنجي دل ۾،
آزاد وطن هند ۾”جيئي هند“ جهولائي.

ڪاش سڀاش 1947ع تائين موجود هجي ها تہ برصغير جو نقشو چِھاڙيون چھاڙيو ۽ ٽڪرا ٽڪرا نہ هجي ها.
ڪنھن جي اڀرڻ سان سج اڀرڻ ڇڏي ڪو نہ ڏيندو آهي.
ڪنھن جي ڪوچ ڪرڻ سان چنڊ آسمان تي چمڪڻ ڪو نہ ڇڏي ڏيندو آهي، ڪنھن جي هلي وڃڻ سان تارا ٽمڪڻ ۾ ڪا گهتٽائي ڪونہ آڻيندو.
پوءِ جيڪو سورج آسمان تي اُفق تي ڀري لھي ويو هو. اهو وري اڀري نڪري نہ ٿو سگهي.
جيڪو وهائو ٽھڪندو اونداهي کي ٽاريندو رهيو هو. اهو پنھنجو فرض پورو ڪري هليو ويو وري نہ ايندو.
جيڪو چنڊ جو ڏس چمڪيو هو. اهو وري چمڪڻ نہ ايندو. ان جي ٿڌي ۽ صاف روشني هميشہ ماڻھن جي ڇت تي چٽيل هوندي.