قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.
آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
سڀاش چندر بوس
- 5.0/5.0
- 97
- 19
- هڪ ڏينهن اڳ
- 1

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ قومپرست سياستدان قمر ڀٽيءَ جو لکيل ڪتاب ”سڀاش چندر بوس“اوھان اڳيان پيش آهي.قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1988ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سفلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail. com
sindhsalamat. com
books. sindhsalamat. com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف قمر ڀٽي
- ڇپيو ويو 2023
- ڇپائيندڙ سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
- ڇاپو ٻيون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-627-7627-15-7
- آن لائين ٿيو 21/Aug/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 19 ڀيرا