آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سڀاش چندر بوس

قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 98
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر ڀٽي
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Subhash Chandar Boss

1

جڏهن بہ ڌارين ڦورن پرمار لٽيرن ڪنھن پاڪ ۽ پويتر ڌرتيءَ تي رهندڙ معصوم ۽ محبوب ماڻھن جي نڙيءَ تي نھن، پيٽ تي لت ۽ ڳچيءَ ۾ غلامي جو ڳٽ وجهي، انھن جي ملڪي ڪلچر ۽ قومي وجود تي وار ڪيو آهي. تڏهن ان ماتر ڀوميءَ جا ڀاڳيا جاڳيا آهن ۽ ويري ويڙهاند ڪري، پنھنجي سر زمين جو دليري سان دفاعُ ۽ بچا۽ ڪندا رهيا آهن. ڌرتي ڄاوا حلالي ٻچڙن وانگر پنھنجي وجود ۽ جيجل ڀونءَ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر محاذ تي ڌاريي دشمن سان وڙهندي پنھنجي عوام کي عزت ۽ آزاديءَ جي واٽ ڏسيندا رهيا آهن.
اهي سورهيہ، سپوٽ، دلير، داناءُ، ۽ عظيم اڳواڻ هميشہ پنھنجي قوم ۽ ملڪ کي مانائتو مقام ڏيارائڻ لاءِ سموري حياتي وقف ڪري عوام ۾ اجتماعي ايثار جو شعور سجاڳي ۽ ساڃاھہ اڀاري ان کي سدائين لاءِ پڪو پختو ۽ پائيدار بنائي ويندا آهن. جن کي پوءِ دنيا جي ڪا بہ طاقت ختم ڪري نہ سگهندي آهي ۽ نہ ئي کين ڪو ايٽم بم فتح ڪري سگهندو، انھن انسانن مان سڀاش چندر بوس (صحيح نالو سڀاش آهي پر عام طور تي سباش سڏبو رهيو آهي) بہ لافاني ۽ لازوال قومي ڪردار رکندڙ مھان ماڻھو هو. جنھن جي ڇاپ نہ صرف برصغير پر يورپ جي سياست تي بہ ڇانيل هئي.
آئون بہ ان ماڻھو جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جنھن کي پنھنجي، ثقافت تاريخ ۽ وطن عزيز جي پيرن مان غلامي جو زنجيرون ۽ سنگهرون ڇنڻ جي صلاحيت، قوت ۽ طاقت هئي.
مون کي اهي ليڊر نظريي دان ۽ مفڪر پسند آهن. جن جي سوچ ساڃاھہ فڪر ۽ فرمان کي راھہ مشعل سمجهي اڳتي وڌڻ کي ڪنھن حد تائين صحيح ڄاڻي سندن پوئواري ڪندو رهيو آهيان.
جن مدبرن قومي شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪري عوام جي گردن مان غلامي جو گهانگو ڪڍڻ کان کين جرئت، جانفشاني همت، ۽ حوصلي جو ڏس ڏئي عزت ۽ آزاديءَ جي واٽ پئي وٺرائي آهي.
اهي بہ ماڻھو مون کي متاثر ڪندا آهن، جيڪي پرھہ جا پيغمبر، امن ۽ محبت جا پيڪر، جن انسانيت جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آهي. انھن پيغمبرن مھاتمائن ۽ اڳواڻن جو محبوب، معصوم مقدس، مھان شخصيتون ۽ هستيون منھنجي ذهن ۽ ضمير تي ڇانيل/چٽيل آهن. جيئن ڪنھن مشتاق جي من تي سانوري محبوب جي مٺي مرڪ.
اهي عظيم انسان غلامي جا زنجير ڇني پرزا پرزا ڪري، پنھنجي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي ڏکئي وقت ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪري انھن کي آزاديءَ جي نعمت کان مانوس ڪيو آهي.
مون کي عام طرح اهي اڳواڻ وڻندا آهن. جيڪي پنھنجي وطن جي وقار، ننگ ۽ ناموس آزادي لاءِ پاڻ کي باقي رکڻ خاطر قابض قوتن، جابر طاقتن خلاف بندوق کڻي ويڙهاند ڪري، آزاديءَ جون آذانون ڏئي، وحشي، خونخوار ۽ درنده صفت انسانيت جي ويرين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجي عوام کي منظم ۽ متحرڪ ڪري وطن جي تحفظ ۽ دفاع خاطر عوام سان گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي، ڪلھو ڪلھو ۾ ملائي، مسلح ٿي ميدان جنگ ۾ وڙهيا آهن. وطن جي ويرين سان وڙهندي ڪنھن هيئن بہ چيو آهي تہ: “تيتر توهان (غيرن) کي پنھنجي مقدس ملڪ جي سرزمين ٽپڻ نہ ڏيندس جيتر منھنجي سسيءَ ۾ ساھہ ۽ جسم ۾ جان آهي. منھنجي لاش کي لتاڙي پوءِ منھنجي پاڪ ۽ پويتر ڏرتيءَ تي وير رکجو. “ اهي اڳواڻ عوام جي استحصال ۽ غلامي خلاف پنھنجي قوم جي هر اول دستي تي ٿي وڙهيا ۽ هيئن چيائون تہ: جيڪڏهن مقابلو ڪندي مٽيءَ تان مئاسون تہ پوءِ ديش دشمن اسان جي لاش تان لنگهي، عوام تي الر ڪري سگهي ٿو. ”
سڀاش چندر بوس بہ انھن عظيم/مھان ماڻھن مان هڪ هو. جنھن عظمت ۽ شخصيت جي آڏو منھنجي دل عزت ۽ احترام سان سدائين جهڪيل رهندي.
سڀاش صدين کان غلام ٿيل ڏيھہ کي ڏاهپ هوشياري ۽ حڪمت عمليءَ سان ڌارين جي چنبي منجهان آزاد ڪرڻ لاءِ مسلح جدوجھد ذريعي عوام جي انبوهن ۽ هجومن جي ساڻس گڏجي آزادي لاءِ جدوجھد ۽ جنگ ڪئي، ڏکين مرحلن ۽ اڙانگن راهن ۾ عوام جي رهبري ڪندي رستي ۾ رلجي کين جرئتمندي ۽ قرباني جو ڏسُ ڏنو.
ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هن بيباڪ ليڊر انگريز سامراج جا پير اکوڙي کين لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو.
بابو سڀاش (بابو سباش چندر بوس کي ماڻھو پيار ۽ احترام مان بابو ۽ نيتا جي جي چوندا هئا) جي سياسي بصيرت، بھادري، سامراج دشمني پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ۽ ڪانگريسي ليڊرن سان اصولي اختلاف، فن تي واضح ۽ صحتمند ڪتاب ڪنھن بہ نہ لکيو آهي. ٿورو گهڻو سندس زندگيءَ جي حالتن تي سرڳواسي شري خانچند آئيداس رام رکياڻي ۽ آزاد هند فوج جي ڪرنلن، ڪپتانن ۽ ڪرنلن جي ڊائرين مان مختصر مٿاڇرو، وچوواڙي احوال ملي ٿو. جيڪو اڻپورو آهي، هڪ هنڌ چوئٿرام ورتابرا ۽ گدواڻي سڀاش ۽ ڪانگريسي ليڊرن جي اختلافن ڏي اشارو ڪندي لکي ٿو تہ: ”جيڪو وهيو واپريو تنھن تي چپ ڪرڻ ئي مناسب آهي. “ اسان نوجوانن کي برصغير جي انھن عظيم ليڊرن جي انيڪ قربانين تان تحرڪ، بيباڪ ڪارنامن ۽ غير معمولي عوامي خدمتن کي ڏسي، سندن زندگي راھہ مشعل سمجهي. انھن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي.
مون انھيءَ مھان ماڻھو جي جدوجھد تي لکڻ سان گڏ پارٽي ۾ سندس اختلافن تي بہ لکيو آهي. جيئن پڙهندڙ کي پتو پوي تہ تنظيمن، تحريڪن پارٽين ۾ ڪي ماڻھو قومي مفادن ۽ اجتماعي غرضن کي ڪڏهن ڪڏهن پاسيرو رکي پنھنجي ماڻھن (جي حضور) کي اڳتي آڻڻ ۽ عوام مٿان ٿڦڻ ۽ مڙهڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن. جڏهن تہ پارٽي ۾ اصولي اختلاف رکندڙ وڏي صلاحيت جا مالڪ، غير معمولي حيثيت ۽ شخصيت رکندڙ اڳواڻ ۽ قيادت سنڀاليندڙ ماڻھو موجود هوندا آهن. انھن جي رهنمائي ۽ رهبري قبولڻ تہ ٺھيو، ويتر سندن ترا ڪڍڻ، ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهرائڻ، سندن راھہ ۾ دشواريون، دڪتون، ديواريون کڙيون ڪرڻ، هوندو آهي. انھن پيچيده، منجهيل معاملن ۽ اختلافن تي وس آهر لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
سڀاش چندر بوس سامراجي سوئرن سان ويڙهاند بہ ڪندو رهيو ۽ پنھنجي پارٽي ۾ ڪيترن ئي نہ سھندڙن کي منھن بہ ڏيندو رهيو.

سڀاش جي طوفاني زندگي متعلق جيڪو ڪجهہہ مون پڙهيو ۽ ٻڌو ۽ پنھنجي طرفان راءِ قائم ڪئي. انھيءَ تي مشتمل هي ڪتاب لکي رهيو آهيان. جيل ۾ اهي ڪتاب جن ۾ ڪجهہہ سندس بابت لکيو ويو آهي. اهي نہ ملي سگهيا ۽ وري ملن بہ ها تہ سياسي ڪتابن جو جيل ۾ پاڻ وٽ رکڻ ۽ پڙهڻ جيل انتطاميه جي چوڻ مطابق قانون جي خلاف آهي، سو تہ نٿو رکي سگهجي، ايتري قدر جو جيل ۾ لکڻ بہ گناھہ هوندو آهي. جڏهن ڪو لکيل مسودو سياسي قيدي ساھہ سان سانڍي لڪائي رکندو تہ جيئن موقعو ملڻ تي ٻاهر کسڪائي ڇڏي، متان انھيءَ جي وچ ۾ جهڙتي جي بھاني، سپاهي، جمعدار، صوبيدار، جيلر ۽ اعليٰ آفيسر ولر جا ولر قيدي جي کوليءَ (ڪمري) يا بئرڪ ۾ ڪاهي پوندا ۽ سڄو سامان کڻي وڃڻ سان ڪتاب ۽ لکيل مواد بہ (اعتراض جوڳو مواد ڄاڻائي) کڻي ويندا. پوءِ اهو مواد ادبي هجي يا غير سياسي ايئن کڻي ويندا آهن. جيئن فاتح حڪمران مفتوح ماڻھن هر شيءِ مال غنيمت سمجهي ڍوئيندا آهن.
انھن لھرن ۽ لوڏن کان مواد کي بچائڻ لاءِ ڦڙتي ۽ چالاڪي جي ضرورت هوندي آهي. آءٌ جيڪو ڪجهہہ لکندو آهيان عام ماڻھن تائين پھچائڻ کان اڳ جيل وارن جي ور چڙهڻ جو انديشو هو ندو آهي. (۽ ڪجهہہ مسودو کڻي بہ ويا آهن. ) پوءِ پڪ نہ هوندي آهي تہ ڪو بہ مواد خير سان ٻاهر نڪري بہ سگهندو يا نہ؟ جي هٿ چڙهي وين تہ اهڙي حالت ڪندا ڪاغذن سان جيئن ڪڻڪ جي ماني سان ڪتو ڪري.
جيلن جو اوچتيون جهڙتيون ۽ بدليون وقتي طور ذهني پيڙا تہ ڪنديون آهن پر انھن جي پنھنجي طبعيت ۽ مزاج تي اثر ٿيڻ نہ ڏيندو آهيان، اسان ماڻھو جي هر وقت زنجير ۽ زندان ڏانھن نہ صرف ڊوڙندا آهيون. بلڪ اهڙي زندگيءَ کي آواز ڏئي سڏيندا آهيون. جيڪڏهن حالتن جي رفتار قيد، بند جو باعث ٿيندي آهي تہ ان حالت جون رڪاوٽون ۽ پابنديون ٻين لاءِ اذيت ثابت ٿينديون آهن. ليڪن منھنجي لاءِ مشغولي جو ذريعو ٿي ويندو آهي، جيل ڪنھن بہ طرح طبعيت کي غمزه نہ ڪري سگهندو آهي. حالتن جي تحريڪ خيالن ۾ جنبش پيدا ڪندي رهي آهي. ان کي بي روڪ ٽوڪ قلم جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهيان.
موڊ جو مريد ناهيان، مرضي جو مالڪ آهيان، جڏهن بہ چاهيندو آهيان، نب جي نوڪ سان پني تي پلٽيندو آهيان. منھنجي لاءِ هي زندان جي نہ سنگين جيل جي جيڏيون ديوارون لوهي ڪڙا، کٿا کولي ۽ ڀالوا جي ڀت جي ساوڪ وانگر ئي دلڪش/وڻندڙ ٿي پوندا آهن. زندگي جي هن اڙانگي ۽ پٿريلي سفر ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام سان عشق جي نشي ۾ پرجوش حالت طاري ٿي وئي آهي، نشي جي حالت ۾، ڪيتريون ئي سخت چوٽون ۽ ڌڪ لڳندا ۽ گهاءُ ٿيندا. انھن جي تڪليف نہ ٿيندي، تڪليف ۽ اثر ان وقت ٿي سگهي ٿو. جڏهن نشو لھي ويندو. پر مون ايترو تہ سنڌي عوام جي اُنس، الفت، ۽ عشق ۾ پرت، پيار ۽ پاٻوھہ جا پيالا پيتا آهن جو جيسيتائين جيئرو آهيان. سنڌ سان عشق واري نشي لھڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سڀاش جي دل، دماغ ذهن ۽ ضمير ۾ انگريز سامراج جي ظلم ۽ زيادتي، زبردستي، ۽ زورآوري خلاف هڪ زبردست شعلو ڀڙڪي رهيو هو.
سندس ڌرتيءَ مٿان ڌارين جو مسلسل تسلط هن جي اندر ۾ هڪ اهڙِي ٻل کي جنم ڏنو هو. جيڪو دُکي دُکي وڏي ڀنڀٽ سان هر ٿيندڙ ظلم، استبداد اهنج، ايذائن، بيهدائين ۽ بدمعاشين کي ساڙي ڀسم ڪرڻ وارو هو.
سڀاش جو ملڪ غلام هو. هن پنھنجي پياري سرزمين تي ڌارين (انگريزن) جو وحشي وجود نٿي ڏسڻ گهريو، پنھنجي مّظلوم، محڪوم قوم جي ڳچيءَ مان محڪوميت جو ڳٽ ڪڍي ۽ ڪپي پرزا پرزا ڪري کين آزاد ۽ آجي ڏسڻ لاءِ آتو هو.
هن پنھنجي معصوم ۽ محبوب عوام کي سئين دڳ ۽ سڌي واٽ وٺائڻ لاءِ راهن ۾ رلجي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي.
سڀاش چندر بوس جرئت، جانفشاني، وطن جي آزاديءَ لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻ ۽ سر تريءَ تي کڻي بک اڃ ۽ تڪليفن کي برسر ڪر دشمنن جو مقابلو ڪيو. هن جي پوري زندگي سياسي جدوجھد جي جنگ آزمائي ۽ معرڪي آرائي جي زندگي آهي. سڀاش جي زندگي اهڙي رهي آهي جنھن جي جدوجھد هميشہ حوصلي، استقلال آدرش ۽ لافاني ڪردار جي ڪافي اثر نوجوانن کي قبولڻ گهرجي.
سڀاش جي تلخ تجربن، عظيم قربانين، بھادريءَ، بيباڪي ۽ غير معمولي قومي خدمتن کي آڏو رکي، سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي راھہ متعين ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اها راھہ قومي آزاديءَ جي مومل ماڻڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. هن مھان مقرر هڪڙي ڀيري تقرير ڪندي برصغير جي ماڻھن کي چيو هو تہ: “اوهان مون کي رت ڏيو تہ آءٌ آزادي وٺي ڏيانوَ. ” اهو هو سڀاش چندر جو چوڻ پر اسان چونداسين تہ سنڌي قوم جي صرف سھڪار، ساٿ ۽ همدردي هجي، رت اسان ڏينداسون. خون جو آخري قطرو وهائي آزادي وٺنداسون.