3
هن پنھنجو عھدو ايمانداري، ذميواري ۽ قابليت سان نڀائي، پر هن جي وڌندڙ مقبوليت، عزت، مشھوري حڪومت کي پسند ڪانہ هئي. انھيءَ ڪري 25 ڊسمبر 1924ع تي هن کي بنگال آرڊينس تحت گرفتار ڪري غيرمعيانہ مدت تائين مانڊلي جيل ۾ نظربند رکيو ويو. مانڊلي جيل جون تہ تڪليفون مشھور آهن. اُتي ڪانيه تلڪ کي بہ قيد ڪري رکيو ويو هو، لي ڪمانيہ ترڪ هندستان جو برک سياسي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. جنھن قوم کي اهو ڏس ڏنو هو تہ ”آزادي اسان جي جنم جو حق آهي. “
مانڊلي جيل کي ڪارو پاڻي ڪري ڪوٺيو ويندو هو. (جيئن سنڌ جي خيرپور جيل کي ڪارو پاڻي سڏيو ويندو آهي. )
هي آسودي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري شھزادن وانگر پليو نپيو هو. جيل ۾ جالڻ هن لاءِ تڪليفده ٿي پيو. هن جا ڦڦڙ خراب ٿيا پيا. وزن ڪافي گهٽجي ويس، سخت بيمار ٿي پيو.
اپريل 1927ع ۾ هو تمام ڳري ۽ بدن ۾ لھي ڏٻرو ٿي ويو. ٿورو بہ بار نہ ٿي کڻي سگهيو. اٿڻ ويھڻ ۾ تڪليف سنڌن ۾ سور ٿيڻ لڳس. ان جي ناچاڪي جي خبر حڪومت کي ملي تہ اها ان شرط تي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي تہ سڀاش علاج لاءِ يورپ هليو وڃي پر هو ان لاءِ تيار نہ هو. آخر مجبور ٿي حڪومت عوام جي آواز ۽ اپيلن تي سڀاش کي بنا ڪنھن شرط شروط جي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ چاڪ چڱو ڀلو ٿيو. قومي ڪمن ڪارن ۾ لڳي ويو، هن عوام ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ جدوجھد ۽ جستجو ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
1928ع ۾ موتي لال نھرو جي صدارت ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس ٿيو. جنھن لاءِ والينٽيئر/رضاڪارن جو جنتل ڪمانڊنگ آفيسر سڀاش کي بنايو ويو. انھي ڪانگريسيءَ اجلاس ۾ سڀاش، نھرو رپورٽ بنياد تي بوٽن سان ٺاھہ ڪرڻ جي باري ۾ مھاتما گانڌيءَ جي ٺھراءَ جي مخالفت ڪئي، پر هن کي ڪانگريس اندر حمايت نہ ملي. انھيءَ ڪانگريسي اجلاس ۾ جيڪي مھاتما گانڌي جي ٺاھہ واري رخ جا مخالف هئا، تن سان گڏ سڀاش (Leage of Independence) بنياد وڌو. اها ليگ ڪانفرنس ۾ رهي ئي ڪم ڪندي رهي.
سڀاش مزدورن، هارين ۽ شاگردن جون جماعتون ٺاهي، انھن کي قومي مفاد ۽ مجموعي ايثار لاءِ منظم ڪرڻ لڳو، ڪانگريس ڪميٽيون ٺاهيائين، جنھن ڪري هن کي بنگال صوبي جي ڪانگريس ڪميٽي جو پريزيدنٽ چونڊيو ويو.
ان زماني ۾ برصغير جي سورهيہ سياسي قيدي جتندر ناٿ جيل ۾ سياسي قيدين کي بھتر ڪلاس ڏيڻ ۽ سٺي سلوڪ اختيار ڪرڻ لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي.
هيءُ ڀڳت سنگهہ وارن سان گڏ جيل ۾ هوندو هو. جتندر ناٿ وڏي بھادري ۽ بيباڪي سان انگريز دؤر ۾ مسلسل ڇويھين ڏينھن جي بک هڙتال ڪري، گهڻي ضعيفي عمر ۾ شھيد ٿي ويو. آئون ايئن چوڻ کان رهي نٿو سگهان تہ ان جي بک هڙتال جي ڪري، انھن ڏينھن کان وٺي هينئر تائين جن سياسي قيدين کي بي ڪلاس ملي ٿو ۽ جن سان بھتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو ان شھادت صدقي ۽ قرباني جو صدقو ۽ اجورو آهي.
جتندر ناٿ طويل بک هڙتال دوران جڏهن شھيد ٿيو تہ هڪ انگريز آفيسر سندس لاش کڻائڻ لاءِ جيل پھتو، ان اعليٰ عملدار پنھنجو ٽوپلو لاهي کيس سرڪاري سلام ڪيو. اهو سلام جتندر ناٿ جي همت ۽ حوصلي، اٽل فيصلي ۽ جرئت کي ڪيو ويو. هن جو جيل ۾ موت ٿيڻ ڪري، ويتر انگريزن جي استبداد ۽ بربريت خلاف ماڻھن ۾ نفرت ۽ ڌڪار ڀڙڪوکاڌو. عوام ايئن ڄڀيون ۽ اُلا اٿارڻ لڳو. جيئن آئرش ريپبلڪن آرمي واري سورهيہ بوبي سئنڊس جي بک هڙٿال ۾ شھيد ٿيڻ کان پوءِ برطانيہ جي اگهاڙر استبداد خلاف اتان جو عوام بيباڪي جو مظاهرو ڪيو.
جتندر ناٿ جي ياد ۾ کيس سرخ سلام ۽خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو. جنھن ۾ گورنمينٽ جي بي حيائي ۽ بدمعاشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو. ان جلسي ۽ جلوس ۾ سڀاش چندر جتندر جي بھادريءَ ۽ مستقل مزاجيءَ جي تعريف ڪري، حڪومت جي وحشي ڪارواين ۽ ڪڌن ڪرتوتن کي ننديو. جنھن تي هن کي فورن گرفتار ڪري، تڙ تڪڙ ۾ ٻہ مھينا سخت پورهئي سان قيد بامشقت جي سزا ڏني وئي.
1929ع ۾ راڃ نيتي قيدي جو ڏينھن بنگال ۾ ملھايو ويو ۽ ڪلڪيتي ۾ سڀاش حڪومت جي دٻاءُ ۽ سختي ننديو، تنھنڪري گورنمينٽ کيس ٻاهر ڇڏي نہ سگهي. هن کي بابو سين گپتا ۽ ٻين ڪن ساٿين سان گڏ بغاوت جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کين سال، سال جيل جي سزا ڏني وئي. جيل اندران اليڪشن ۾ بيٺو، کين اتان ئي ڪارپوريشن جو ميئر چونڊيو ويو. سڀاش ۽ سندس ساٿين کي بيداري پيدا ڪرڻ، انھن کي سندن حقن ۽ مسئلن کان آگاھہ ڪرڻ هن جا مکيہ مشغلا هوندا هئا.