آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سڀاش چندر بوس

قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 98
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر ڀٽي
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Subhash Chandar Boss

8

آزاد هند فوج جو جنگي ترانو جوڙيو ويو. جيڪو ميدان جنگ ۾ وطن پرست جوڌن ۽ جانٺن کي همت ۽ حوصلو ڏئي ويريءَ تي وار ڪرڻ لاءِ همٿائيندو ۽ جذبو ڏيارائيندو هو.

اهو ترانو هي هو :
قدم قدم وڌايون هل،
خوشيءَ جا گيت ڳايون هل.
هي زندگي آ قوم جي،
تون شيرِ هند اڳتي وڌ.
تون مرڻ کان ڪڏهن نہ ڊڄ،
سر تي کڻي فلڪ تلڪ.
جوش وطن وڌايون هل.
هميت تنھنجي وڌندي رهي،
خدا تنھنجي ٻڌندو رهي،
جو سامھون تنھنجي ڀي اچي،
تون خاڪ ۾ ملايون هل.
جي سامھون تنھنجي ڀي اچي،
هلو دهلي کي پڪاري،
قومي نشان سنڀالي،
لال قلعي تي چڙهائي،
جهولائي هل جهولائي هل.

سڀاش چندر بوس جنگ کان پوءِ جڏهن جاپان پھتو ۽ آزاد هند فوج کي منظم ۽ متحد ڪرڻ کان پوءِ اتحادين تي حملا ڪرڻ لڳو. جپان هڪ ئي وقت برما، ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا جي علائقن تي قبضو ڪري ورتو تہ گانڌيءَ کي يقين ٿي ويو تہ وقت جلدي اچڻ وارو آهي جو بوس فاتح جي حيثيت سان هندستان ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي تہ بوس جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ اتحادين جي خلاف ٿي ويو.
جواهر لعل نھرو سڀاش جي مقابلي ۾ اتحادين جي اعلانيہ حمايت شروع ڪري ڏني. انھيءَ وقت چين جپان تي قابض ٿي ويو هو. چين ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جپان خلاف وڙهي رهيو هو. چين جي ڪافي علائقن کي چيانگ ڪائي شيڪ فتح ڪري حڪومت ڪرڻ لڳو هو.
انھيءَ ڪري نھرو چيانگ ڪائي شيڪ کي هندستان اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سان متفق ٿي ويو تہ جپان جرمني جي مقابلي ۾ اتحادين جي مدد ڪر ڻ کپي.
سڀاش، گانڌيجي، عدم تشدد ۽ اهنسا واري پاليسي خلاف راھہ فرار اختيار ڪري محورين ڪئمپ ۾ پھچي ويو، آزاد هند فوج ٺاهيائين ۽ هندستان تي حملي جو ن تياريون شروع ڪري ڏنائين.
سڀاش جي آزاديءَ ۽ لڙائي وارين سرگرمين هندستان جي عوام ۾ هڪ وڏي لھر پيدا ڪري ڇڏي. جنھن کان خود گانڌي بيوس ٿي، سڀاش جي حمايت ڪرڻ لڳو، ڇو جو عوام يا تہ گانڌيءَ جي اهنسا ۽ عدم تشدد واري پاليسيءَ تي عمل ڪري يا سڀاش جي تشدد واري پاليسي تي. تنھنڪري عوام گهڻي تعداد ۾ سڀاش جي وڙهي آزاديءَ وٺڻ واري پاليسي جا حمايتي هئا.
سڀاش چندر بوس جي وطن جھڙي طاقت ۽ قوت سان غلام بڻايو ويو هو. اهڙيءَ ئي طاقت ۽ قوت جي ذريعي محڪوم ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکندو آيو.
اها هڪ حقيقت آهي تہ جتي پر امن سياست، ووٽ ۽ اسيمبليءَ عوام جي آواز کي ڪا اهميت نہ هجي. اتان جي مطالبن ۽ گهرجن کي بہ ڪا اوليت ڏيڻ تہ ڪُجا پر ٻڌڻ بہ گوار نہ ڪيو وڃي تہ اتان جي قابض قوتن ۽ سامراجي سوئرن کي اهنسا بجاءِ طاقت جي هڪل سان گوڏا کوڙائي سگهجن ٿا.
محڪوم ملڪ ۽ اتان جي غلام عوام کي لفظن جي جادوگيري ۽ هيراڦيري ۽ دليل جي زبان سان نہ پر شيھي جي گوليءَ سان آزاد ڪرائبو آهي. دراصل تشدد جي دنيا جي تاريخ ۾ تمام اهم حصو رهيو آهي. اڄ بہ ان جي اهميت ۽ افاديت گهٽ ڪانھي، شايد هڪ عرصي تائين گهٽ نہ ٿيندي. ماضيءَ جون اڪثر تبديليون پوءِ اهي قومي هجن يا سماجي، انقلابي هجن يا معاشرتي تشدد ۽ طاقت جي ڪري ئي ٿيون آهن ڊبليو.
گليڊا سٽون هڪ ڀيري چيو هو تہ: ”مون کي نھايت افسوس سان ٿو چوڻو پوي تہ جيڪڏهن هن ملڪ جي ماڻھن جي سياسي بي چيني جي زماني ۾ صرف اهو ئي واعظ ٻڌايو وڃي تہ تشدد کان نفرت ڪريو. نظم ۽ امن سان محبت ڪيو ۽ صبر کان ڪم وٺو تہ ملڪ کي آزادي ڪڏهن بہ نصيب نٿي ٿي سگهي. ”
ڇا محڪوم ماڻھو اهنسا جو طريقو اختيار ڪري تشدد کان بہ بدترين شين کي برداشت ڪري؟ قابض قوتن جي تشدد جو نشانو ٿي ختم ٿي وڃي ۽ ٻين جي تشدد آڏو سر جهڪائڻ ڪنھن غِيرمنصفانہ نظام کي قبول ڪرڻ، جنھن جو بنياد تشدد تي قائم هجي. اهو تہ عدم تشدد ۽ اهنسا جي اصول جي قطعن منافي آهي وقت جو جابر ۽ قابض حڪمران فقط ان قوم آڏو جهڪندو. جنھن جي آڱر رائيفل ٽريگر تي هوندي آهي. پنھنجي محبوب ۽ مقدس ڌرتيءِ کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ فاتحانہ جهنڊا جهولائيندا، آزاديءَ جا گيت ڳائيندا. وطن جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ مشغول ۽ مھو ٿي ويندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قومن جي غلامي مان آزادي وٺڻ واري پرامن سياست ۽ دليل بازيءَ واري جدوجھد کي قابض طاقتن ۽ فحاشي ڪتن مجبورن تشدد ۾ تبديل ڪيو آهي تہ اتان جا بھادر عوام لٺين سان وڙهي هاڪاري حاڪمن سان مھاڏا اٽڪائي بندوق جي زور تي کانئن آزاديءَ ڇني ورتي آهي، پوءِ انھن ۾ الجزائي جا عظيم ۽ دلير جوڌا هجن يا ڪانگو جا جانٺا جوان هجن. گني بساوء جا بھادر ۽ ويڙهاشيدي هجن يا غيرتمند ويٽنامي، ڪيوبا جا ارڏا ۽ اڙپنگ انسان هجن يا بنگلاديشن جا بي ڊپا سرويچ ۽سرفروش بنگالي هجن. هر ڪنھن وطن سان وفاداري جا وچن ۽ واعدا ڪندي آزاديءَ جي جنگ هٿيارن ۽ پنھوارن سان مڙس ٿي وڙهيا.
سڀاش چندر بوس بہ پنھنجي جان جوکم ۾ وجهي مسلسل جدوجھد جي ذريعي هندستان جي آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ آزاد هند فوج کي منتظم ۽ متحد ڪرڻ لڳو.
”هندستانين 1853ع ۾ انگريزن کان پھريون ڀيرو شڪست کاڌي، ان کان پوءِ اٽڪل هڪ صديءَ تائين تمام صبر سان آزمايو ۽ خونريز جنگين ۾ انھن سان مقابلو ڪندا رهيا. ان عرصي ۾ هندستانين جنھن بھادري ۽ جانبازيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ان جو مثال دنيا جي تاريخ جي صفحن ۾ بنگال جي سراج الدوله ۽ موهن لال جنھن جي هند جي حيدر علي، ٽيپو سلطان ۽ مھاراشٽر جو آپا صاحب، پنجاب جو سردار شيام سنگهہ اٽاري وارو، جنھن کان پوءِ جهانسيءَ واري راڻي، لڪشمي ٻائي، ٽانٽيا ٽوپي، مھاراج ڪنور سنگهہ آف مروان، نانا صاحب ۽ هندستان جي ٻين سپوتن جا نالا سونھري اکرن ۾ لکيل رهندا، اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جا بزرگ شروعات ۾ ان جو اندازو لڳائي نہ سگهيا.
تہ برطانيا حڪومت سڄِي هندستان لاءِ زبردست خطرناڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو انھن دشمن جي مقابلي لاءِ ڪڏهن بہ محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪا نہ ڪئي آهي. پر هن عرصيءَ کان پوءِ هندستاني حقيقت کان چڱي طرح واقف ٿيا. هينئر انھن دشمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي آهي ۽ سڀ هندستاني 1857ع ۾ بھادر شاھہ جي جهنڊي جي هيٺيان ڪٺا ٿيا. اُها انھن جي آخري لڙائي هئي، جا انھن غيرملڪي دشمنن خلاف آزاد باشندن جي حيثيت ۾ وڙهي هئي، ويڙھہ جي شروعات جي دور ۾ هر جڳھہ نھايت ڪاميابي حاصل ٿي پر ان جو ستارو گردش ۾ اچي چڪو هو. انھن جي رهنمائي غلط ماڻھن جي هٿ ۾ هئي.
انھيءَ ڪري اها جنگ آزديءَ جي سپاهين هارائي ۽ غلامي جي مصيبت ۾ گرفتار ٿي ويا. ان هوندي بہ جهانسيءَ جي راڻي ٽانٽيا پوپي، ڪنور سنگهہ ۽ نانا صاحب جھڙا هيرا اسان جي دلين ۾ پنھنجي عزت ۽ بھادريءَ جي ياد ڇڏي ويا آهن. جنھن ڪري اسان کي اهو ٻڌي همت ٿئي ٿي.

1857ع کان پوءِ انگريزن هندستانين کي بہ گرفتارڪري ڇڏيو ۽ انھن تي ظلم جو پھاڙ ڪيرائڻ لڳا. ناڪاميءَ جي ٻوجهہ هيٺ هندستاني ڪري ئي ڇا پئي سگهيا. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد پيو ۽ انھن جي رهنمائي هيٺ هندستان جي ٿڪل فوج وري بيدار ٿي.
انھن پھرين مھاڀاري لڙائي تائين پنھنجو آزاديءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تمام واجبي تدبيرون اختيار ڪيون، ايجنيسين، احتجاج، پرچار، پروپيگنڊه، برطانيہ مال جو بائيڪاٽ تمام واجبي طرح آزمايو ۽ آخر ۾ انقلاب جي بہ ڪوشش ڪئي. پر اهي سڀ ڪوششون ناڪام رهيون، هندستان جا باشندا شڪست زده ٿي، غلطين جو شڪار ٿيندا رهيا. انھن کي صرف هٿيارن جي ضرروت هئي. جنھن وسيلي انھن جي آزاديءَ جي جنگ ۾ وري جان اچي.
1920ع ۾ مھاتماگانڌي جي اڳتي قدم وڌايو. سول نافرماني (سيتا گرھہ) جھڙا هٿيار ڏنا.
ان کان پوءِ بہ سالن تائين هندستاني وطن جي حب جي هلچل پنھنجي طاقت سان هلائيندا آيا. آزاديءَ جو پيغام هر هندستاني جي گهر پھچايو ويو. اڳواڻ پنھنجي ذاتي عمل جي وسيلي عوام کي آزاديءَ جي راھہ ۾ مصيبت کڻڻ، سختيون ۽ قربانين جا پروانا بنائڻ ۽ آزاديءَ جي سڪ/ڇڪ ۾ مرڻ تائين تعليم ڏني وئي.
وڏن وڏن شھرن کان وٺي ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين هر جڳھہ تي عام راڄ ۽ جوت جي جاڳرتا آندي وئي.
اسان هندستان جي آزاديءَ جي لڙائي جي سپوتن کي آزاد ڪرايون. جي هندستان کي آباد ۽ سائو ڪن، جيڪي دنيا جي قومن ۾ ان جي عزت ۽ مان بلند ڪرائڻ جي لاءِ لڙائيءَ ۾ مشغول آهن.
هن عارضي حڪومت جو هي فرض آهن تہ هو هندستان جي سرزمين کي انگريزن ۽ ان جي اتحادين جي منحوس وجود کان آزادي ڏيڻ جي لاءِ جنگ شروع ڪري ۽ ان جي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ان عارضِي حڪومت جو اهو فرض ٿيندو تہ هو آزاد هندستان ۾ هندستاني عوام جي مرضي مطابق هڪ مستقل حڪومت ٺاهي، جنھن کي هندستان جي سڀني باشندن جو اعتماد حاصل هجي.
جيسيتائين هندستان ۾ اها حڪومت قائم نہ ٿئي، تيسيتائين هي عارضي حڪومت هندستاني عوام جي اها امانت طور ملڪ جي معاملن جو انتطام رکندي اهڙي حالت ۾ عارضي حڪومت کي اهو حق حاصل آهي تہ هو هر هندستاني کان وفاداريءَ ۽ فرمانبداريءَ جي گهري ڪري عارضي حڪومت مذهبي آزاديءَ ۽ سڀني شھرين لاءِ مساوي حق ۽ انھن جي بچاءَ جي ضمانت کڻي ٿي. هو پنھنجي انھيءَ محڪم ارادي جو اعلان ڪري ٿي. پر هندستاني عوام جي حصي جي خوشي ۽ خوشحاليءَ لاءِ آواز بلند ڪندي ۽ قوم جي سڀني سپوتن لاءِ ترقي جي ڪوشش ڪندي.
هي عارضي حڪومت انھن سنسي اختلافن کي ختم ڪري ڇڏيندي جيڪي غير ملڪي پنھنجي عياريءَ سان هندستان جي سرزمين تي پيدا ڪيا آهن.
انھن نسلن جي نالي، جن هندستاني باشندن کي هڪ قوم جون درجو عطا ڪيو آهي ۽ انھن شھيدن جي نالي جي، اسان لاءِ بھادر، جانثاري ۽ قربانيءَ جا لافاني مثال ڇڏي ويا آهن. اسين سڀني هندستانين کي اپيل ٿا ڪريون تہ هو اسان جي جهنڊي جي هيٺيان اچي ڪٺا ٿين ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪن. اسين انھن کي انگريزن ۽ انھن جي سڀني همدردن جي خلاف جي هندستان ۾ موجود آهن. هڪ آخري فيصله ڪن ويڙھہ جي دعوت ٿا ڏيون. انھن کي اهو حڪم ٿا ڪريون تہ هُو پنھنجي لڙائي بھادري ۽ جرئت سان جاري رکندا. يقين ۽ ايمان کي ڪڏهن بہ نہ ڇڏيندا تہ آخري فتح انھن جي آهي. اسان جي هي ويڙھہ اوستائين جاري رهندي، جيسيتائين هندستان جي سرزمين انھن دشمنن کان خالي نہ ٿي ٿئي.
عارضي حڪومت جي ان اعلان تي هيٺين جون صحيحون هيون ۽ هن عارضي حڪومت جي تشڪيل پڻ هن طرح هئي.
 سڀاش چندر بوس (پريزيڊنٽ رياست) وزيراعظم، وزير جنگ ۽ پرڏيھي کاتي جو انچارج.
 ڪيپٽن مس لڪشمي (عورتن جي آرگنائيزيشن شعبي جي انچارج)
 ايس اي آئر (پبلسٽي ۽ پروپيگنڊا)
 ليفٽيننٽ ڪرنل اي سي چيٽ جي _( مالي کاتو)
 ليفٽيننٽ ڪر نل عزيز احمد
 ليفٽيننٽ ڪرنل اين ـ ايس ڀڳت
 ليفٽيننٽ ڪر نل جي ڪي ڀونسلي
 ليفٽيننٽ ڪر نل گلزار سنگهہ (فوجي اڳواڻ)
 ليفٽيننٽ ڪر نل محمد زمان ڪياني
 ليفٽيننٽ ڪر نل احسان فادر
 ليفٽيننٽ ڪر نل شاهنواز
 ايم ـ اي سھاءِ ـ سيڪريٽري (وزير)
 راش بھاري بوس (سپريم سيڪريٽري)
 ڪريم غني
 ديب ناٿ داس
 ڊي ـ ايم خان
 سردار اش سنگهہ
 اين اين سرڪار ( قانوني صلاحڪار)

آزاد هند جي عارضِي حڪومت کي عوام ۽ فوجين کي اندرين ۽ ٻاهرين حالتن کان واقف ڪرڻ پنھنجي پرچار لاءِ دشمنن جي پيدا ڪيل غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ اخبارن جي سخت ضروت محسوس ٿي. ان ڪري حڪومت هندي زبان ۾ ٽي اخبارون جاري ڪيون. ٻہ روزانو ”آزاد هند“ ۽ ”پورن سوراج“۽ هڪ هفتيوار ”جيئي هند“ جي نالي سان ڇاپڻ شروع ڪيون. هندستان جي مکيہ ۽ اهم مسئلن ۽ معاملن تي ديانتداريءَ ۽ ايمانداري سان بحث ڪنديون هيون. فرقي باز مسئلن کي نھايت ڪاميابي سان ختم ڪري سڀني فرقن کي گڏي اصلي دشمن جي خلاف هڪ وڏو محاذ قائم ڪر ڻ ۾ وڏي هٿي ڏني.
هن ايڊيٽرن هڪ ڪانگريسي ليڊر جي چوڻ تي ئي عمل ڪيو تہ ”هن وقت اسان جي ملڪ ۾ غير ملڪي سامراج جي خلاف جيڪو تنور تپي رهيو آهي اسان جو فرض آهي تہ ان تتل تنور ۾ وڌيڪ ڪاٺيون وجهون ۽ نہ ڪو ٻيو فرقيوارنہ طبقاتي تنور تيار ڪريون. “
فوجن ۾ حب الوطنيءَ ۽ قرباني جا جذبا ۽ جولان پيدا ڪرڻ ۾ اخبارن خاص ڪردار ادا ڪيو.
آزاد هند جو جنگي گيت هن طرح هو؛ـ

هاڻي دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسون،
رڪيا نہ ڪنھن کان نہ رڪبو نہ رڪجنداسون.
جهنڊو ٽرنگو لال قلعي تي جهولائبو،
جيئي هند جي نعري سان لال قلعو لوڏائبو،
هندستان ۾ هندي ئي هاڻي راڄ ڪر ي ويندا،
هاڻي هلو دهلي هلو دهلي، هلو دهلي هلنداسين.
اڳتي ئي وڌبو نہ ڪنھن کان ڊڄبو،
اسان موت جو مقابلو کلي ڪنداسين.
هاڻي پاڪ زمين تي نہ دشمن پير ڌريندو.
دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسين،
انگريز هليا وڃن، هي وطن آ اسان جو.
پراڻن کان پيارو، اسان جي جيءُ جيارو.
ان لاءِ سِرُ تري تي رکي وڙهبو،
ايمان عمل سان گڏجي اٿنداسون.
لنڊن تي تيخ هلندي ۽ چمڪندي،
شاھہ ظفر جي قول جو شان رکبو،
هاڻي دهلي هلو، دهلي هلو، دهلي هلنداسين.