9
آزاد هند جي عارضِي حڪومت برطانيا ۽ آمريڪا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. جيڪو سڀاش چندر بوس پڙهي ٻڌايو تہ:ـ
”انھن گذريل نسلن جي نالي تي جن هندستان جي مختلف ننڍين قومن ۽ قوميت جي وحدت پيدا ڪئي ۽ انھن شھيدن جي نالي جن بھادري ۽ قربانيءُ جون قابل ڪردار ادا ڪيو. اسين هندستانين کي اپيل ٿا ڪريون تہ: هُو اسان جي قومي جهنڊِي جي هيٺيان اچي گڏ ٿين ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ حملو ڪنداسين ۽ انھن کي حڪم ٿا ڏيون تہ هندستان جي آزاديءَ جي لاءِ انگريزن ۽ انھن جي اتحادين جي خلاف آهن. آخرين محاذ شروع ڪن. ثابت قدم ٿي انھن کي انھيءَ وقت تائين جاري رکن جيسيتائين اسان کي فتح نصيب ٿئي. پيارو ملڪ دشمن جي اثر کان پاڪ نہ ٿئي. ”
ڪجهہ وقت کان پوءِ سڀاش جي حڪم تي حملو ڪيو ويو پھريان تہ ڪافي ڪاميابيون ٿيون ڏيھين پرڏيھن جمايتن مخالفت، نيڪي ڪرڻ شروع ڪئي. پر پوءِ حالتون بدلجي ويون، حڪمت علمي کان ڪم وٺي. پٺتي موٽڻ مناسب سمجهي مجبورن هٽيا. ان تي سڀاش چندر بوس هيٺيون حڪم ڏنو:
“هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ آزاد هند جي فائدي کي آڏو رکي اڄ کان مان فوج جي ڪمان پنھنجي هٿ ۾ کڻان ٿو. اهو منھنجي لاءِ خوشي ۽ فخر جو موقعو آهي. انھي لاءِ تہ هڪ هندستان جي لاءِ ڪو ان کان مٿي ٻي ڪھڙي عزت ٿي سگهي ٿي. جو هو پنھنجي پياري وطن جي آزاديءَ جي فوج نو ڪمانڊر هجي. پر ان قابل عھدي جي ذميداري قبول ڪرڻ وقت ان جي اهميت ۽ مشڪلات بہ منھنجي آڏو پوري طرح آهي.
آءٌ چاهيان ٿو تہ هن ۾ ايتري طاقت هئڻ گهرجي جو هرحالت ۾ پنھنجي سڀني ذميوراين کي سٺي طريقي سان پورو ڪريان.
مان پاڻ پنھنجي ملڪ جي 38 ڪروڙ باشندن جو جنھن ۾ مختلف عقيدن ۽ جدا مذهبن جا ماڻھو رهن ٿا. مان پاڻ کي هڪ ناچيز خادم سمجهان ٿو انھن 38 ڪروڙن جي فائدي جو ذمو مون کنيو آهي. مون کي يقين آهي تہ بہ هر هندستاني مون تي يقين ۽ ڀروسو ڪندو. جُبالوطني انصاف ۽ غيرجانبداري جي ذريعي مقصد حاصل ڪيو ويندو جنھن کي هندستان جي آزادي حاصل ڪرڻ واري هڪ فوج آزادي هٿ ڪرڻ جو قسم کڻي چڪي آهي.
وطن لاءِ اچڻ واري جنگ، ڪاميابي آزاد هندستان ۾ اهڙي حڪومت جي موجودگي، جنھن کي 38 ڪروڙ آبادي جو اعتماد حاصل هجي ۽ هڪ اهي فوج جا هرحالت ۾ هندستان جي سنڀال ۽ آزاديءَ جي ضمانت کڻي. آزاد هند فوج جي مکيہ مقصدن ۾ آهي ۽ ان شامل آهن انھن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪ اهڙي فوج ۾ شامل ٿيا آهيون. جنھن جي سامھون رڳو هڪ مقصد آهي اهو اِهو آهي تہ هندستان آزاد ٿئي ۽ انھن جي صرف هڪ خواهش آهي تہ وقت تي آزاد ڪرايون. اسان کي پنھنجي پيدائشي حق حاصل ڪرڻ کان دنيا جي ڪا بہ طاقت روڪي نہ ٿي سگهي.
ساٿيو، آفيسرو ۽ ڀائرو! توهان جي ناقابل شڪست مدد ۽ وفاداريءَ کان آزاد هند فوج، هندستان جي آزاديءَ جو ذريعو ٿيندي. مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان تہ آخري فتح اسان جي آهي اسان جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. اچو ”دهلي هلون” جي نعري سان جنگ جوٽيون ۽ ان وقت تائين دم نہ کڻون. جيستائين نئين دهلي وائسراءِ هائوس تي اسان جو قومي جهندو نہ جهولي ۽ لعل قلعي ۾ آزاد هندستان جي فوج پرپٺ نہ ٿئي.
جنرل هيڊ ڪوارٽر انڊين نشينل آرمي
(صحيح) سڀاش چندر بوس
25 آگسٽ سپريم ڪمانڊر( سپھہ سالار)
هر قومي فوج کي جهندو، نعرو ٿيندو آهي هن آزاد هند فوج جو بہ ٽرنگو جهندو هو. جنھن تي هڪ گيت هو، جيڪو هن طرح هو؛
ٽرنگي جهنڊِي کي سلام،
ٽرنگي جهنڊِي کس سلام.
جنھن جي هيٺيان وڙهندي،
وڙهندي مئا ڪي گمنام.
ٽرنگي جهنڊي کي سلام،
ڏني سڀاش جنھن کي سلامي،
جنھن جي خاطر ديس جا حامي.
موت جا پين ٿا کلندي جام،
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.
آزاديءَ تان قربان جانيون،
گونجي اٿيون جيئي هند جون،
رهي نہ سگهندو هاڻي،
هن جي هئي ديش غلامي.
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.
وري شھيدن رت پڪاريو،
ڳولين ڇو ٿو ڪو سھارو،
هي سڀ محڪوم مٽايو.
سامـــراج جـو نـــــام،
ٽرنگي جهنڊي کي سلام.
•
سڀاش چندر بوس دهلي هلو واري نعري واري اعلان کان علاوہ پنھنجي آزاد هند فوج جي جوانن ۾ جذبو ۽ جوش پيدا ڪرڻ خاطر ”خون خون خون“ جو نعرو منتخب ڪيو.
هن ريجمينٽ کي سلامي دوران تقرير ڪندي چيو ته؛
“گذريل سال جا اسان فوج مورچي تي موڪلي ويئي هئي. ان اميد کان وڌيڪ شاندار ڪارناما ڪيا آهن. دوست ۽ دشمن انھن جي عاليشان ڪمن تي تعريف ڪن ٿا. هر هڪ قدم تي اسان جي ماڻھن دشمن کي شڪست ڏني آهي.
پر مورچي تي موسم خراب هئڻ سبب اسان کي پٺتي هٽڻو پيو.
جيتوڻيڪ اسان جي فوج مقابلي ۾ ڪڏهن بہ مايوس نہ ٿي. پر وقت ۽ ضرورت اسان کي مجبور ڪيو تہ ان مھل فوج کي پٺتي هٽايون. ان جو اهو مطلب هو تہ بغير شڪست کاڌي، اسان کي موٽڻو پيو. هينئر اسان ڪمزورين کي دور ڪيو آهي. اسان جي فوج انقلابي فوج آهي، اسان وٽ ايترو سامان ۽ فوج ڪانھي، جيترو دشمن وٽ آهي. دشمن پڪ ڪري ڇڏي آهي تہ هو هندستان جي پھرين لڙائي آسام ۾ لڙي، دشمن هندستان جي لڙائي جو مرڪز آسام کي ڪيو آهي. هي سال جنگ جي فيصلي جو سال هوندو. گذريل سال اسان جا ڪجهہ ماڻھو دشمن سان ملي ويا هئا، انھيءَ جي ڪري تڪليف کي برداشت نہ ڪري سگهن سي جدا ٿي وڃن ڇو تہ دشمن نھايت مضبوط آهي. انڪري اسان کي بہ همت کان ڪم وٺڻو پوندو. اسان پنھنجو خون چاليھہ ڪروڙ هندستانين لاءِ ڏينداسون. اسان دشمن سان انھيءَ مقصد جي ڪري وڙهنداسون هندستاني شھيدن جو ٽوليون مشرقي ايشيا ۾ رهن ٿيو ن انھن لاءِ اهو نعرو ٿيندو.
”ڪيو سڀ نڇاور ٿيو سڀ فقير. . . “
ڪپتان شاهنواز هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو تہ: “بوس چندر برگيڊ سڀ کان اڳ جنگ جي مورچي تي ويندا. ان جا جوان جانثار۽ بھترين آهن. سندن خواهش آهي تہ جان هٿن تي رکي ويندا، ڇو تہ ويڙھہ ۾ جان وڃي سگهي ٿي. جي موت ۽ تڪليف کان ڏڪن ٿا، اُهي پٺتي رهن ٿا. ڇو تہ اسان کي آزاديءَ جي لڙائي کٽڻي آهي انھيءَ لاءِ اسان کي بزدلن جي ضرورت ناهي، رڳو بھادر ۽ بلند حوصلي وارا، ماڻھو اڳتي وڌڻ گهرجن.
جپان اسان جي مدد ڪري رهيو آهي تہ ايئن نہ ٿئي تہ اسان جو ڪو ماڻھو بزدليءَ جو ثبوت ڏئي ۽ اسان جپانين ۾ بدنام ٿيون. جنھن سان اسان جي قوم جي بدنامي ٿئي. جڏهن اسين هندستان وينداسون تہ اتي وڏن سان ماءُ پيءُ جھڙو سلوڪ ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن ڪير بہ ان جي برخلاف عمل ڪندو تہ ان کي گوليءَ سان اڏايو ويندو. انگريزن جي نِڪري وڃڻ کان پوءِ جيڪڏهن جپاني هندستان تي قبضو ڪندا تہ اسان انھن خلاف بہ وڙهنداسين. ڪوبہ جپاني توهان کي چماٽ هڻي تہ اوهان ان کي ٽي چماٽون هڻي ڪڍو. ڇو تہ اسان جي حڪومت ڪا معمولي حڪومت ڪانھي. اسين بہ انھن جي برابر آهيون. جيڪڏهن جپاني سپاهي اسان جي سامھون هندستان ۾ ڪنھن بہ زال يا مرد جي بي عزتي ڪري تہ پھرين کين زبان سان منع ڪيو ۽ جيڪڏهن نہ سمجهي تي ان کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو. اسان جي لڙائيءَ هندستان جي آزاديءَ ۽ هندستان جي عزت جي حفاظت لاءِ آهي، نہ جپانين جي فائدي لاءِ. “
محاذ تان پٺتي هٽڻ کان پوءِ برما ۾ وري انگريزن سان مھاڏو اٽڪايائون. شڪست کان بچڻ لاءِ فوج مان.
بزدلن، ڪائنرن ۽ غدارن کي جدا ڪرڻ جي مسئلي تي پوري سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري حڪومت طرفان حڪم ڪڍيو ويو تہ :
”آزاد هند جي هر ميمبر، آفيسر، نان ڪميشن آفيسر ۽ اها اختياري حاصل آهي جيڪڏهن ڪو آزاد هند جو ميمبر چاهي هو ڪنھن بہ حيثيت ۾ هجي، جيڪڏهن بزدليءَ کان ڪم وٺي تہ ان کي گرفتار ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو غدار ٿي تہ ان کي قتل ڪري سگهجي ٿو. ”
جدا ٿيڻ جو پورو موقعو ڏيڻ کان پوءِ بہ جيڪڏهن ڪنھن بزدل يا غدار جو پتو مليو تہ ان کي موت جي سزا ڏني ويندي.
بزدلي ۽ غداريءَ کان بچڻ لاءِ فوج جي اخلاقي حالت ۾ سٺو بڻائڻ لاءِ ايئن ڪرڻ ضروري هو. انھيءَ ڪري بزدليءَ ۽ غداريءَ خلاف نفرت جي عام فضا پيدا ڪرڻ جي ضروت آهي ۽ عام ماڻھن ۾ انھيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ کپي تہ هڪ انقلابي فوج جي لاءِ ان کان مٿي ٻيو ڪو بہ ڏوھہ ناهي تہ هو بزدلي ۽ غداري جھڙي ذليل ڪم کان پيو ڪن. انھيءَ احساس ۽ فضا کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ جدا هدايتون ڪڍيون ويون.
ان شخص کي چڱو انعام ڏنو ويندو. جيڪو بزدل غدار جي باري ۾ صحيح اطلاع پھچائيندو يا جيڪو جنگ جي ميدان ۾ بزدل يا غدارکي گرفتار يا قتل ڪندو.
بزدليءَ ۽ غداريءَ جي خلاف نفرت جو جذبو پيدا ڪرڻ واسطي وقت بہ وقت تقريرن، شعرن، ڊارمن ۽ ناٽڪن جي ذريعي بزدلي ۽ غداريءَ جون خرابيون بيان ڪيون وينديون هيون. هندستان جي تاريخ مان بھادري آزاديءَ عزت تي مرڻ وارن جو بيان ڪيو ويندو هو. انھن جلسن ۾ قومي گيت ڳايا ويندا هئا ۽ آزاد هند فوج جا نعرا بلند ڪيا ويندا هئا. هن فوج ۾ سڀ کان وڏي ڪمي هٿيارن ۽ راشن جي هوندي هئي. هن کي جيڪا شڪست ملي هئي، انھن جي مکيہ ڪارڻ، انھن ٻنھي ڳالھين تي هُو ايتري قدر جو هنن وٽ راشن ختم ٿي وڃڻ ڪري ڪڏهن فوج جا سپاهي وڻن جي پنن ۽ گاھہ تي گذران ڪندا هئا. پر پنھنجي وطن جي آزاديءَ واري جنگ ۾ بي جگري سان وڙهندا رهيا. هماليہ جبل وانگر مضبوط پنھنجي صفن ۾ اتحاد ڪري، اٽل ۽ اڏول بڻجي پنھنجي جاءِ تي بيھي دشمن سان وک وک تي مقابلا ڪندا رهيا.
برطانيہ فوج پاران کين چيو ويو تہ:
”توهان جا عزيز ۽ مائٽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهن. اوهان وڙهڻ بند ڪريو تہ اسان توهان کي اوڏانھن موڪلينداسون. ان کان سواءِ اوهان وٽ کاڌي لاءِ پورو راشن ڪونھي اسان پٽ هر قسم جو آرام، آسائش جو شيون موجود آهن، اوهين هٿيار ڇڏيو تہ اهي سڀ شيون اوهان کي حاصل ٿينديون پر انھن سرفروش چيو تہ:
“آزاديءَ جي جنگ جي رستي ۾ هر قسم جون تڪليفون منظور آهن. عزيزن ۽ مائٽن کان دور رهڻ چڱو آهي ۽ آزاديءَ جو گاھہ کائڻ بھتر آهي پر غلامي جي ڊبل روٽي ۽ مکڻ ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪنداسون.
ڪپتان ڊلن پنھنجي ڊائري ۾ لکي ٿو تہ:
“اسان جا دوست هڪ اهڙي هنڌ هئا. جتي نگاھہ يا گوليءَ کان بچڻ جي ڪا بہ گنجائش ڪونہ هئي هڪ سڪو تلاءُ جيڪو ٿورو اونھو هو.
تنھن جي ويجهو ٽي رستا گڏيا ٿي ان جڳھہ کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٽڪري هئي. جنھن جي پٺيان دشمنن جو توب خانو هو. جو روڊ جنڪشن ۽ ان جي آس پاس جي علائقي جي حفاظت ڪندو هو. ان مکيہ جڳھہ تي آزاد هند فوج جو دستو سيڪنڊ ليفٽننٽ گيان سنگهہ بھشت جي هٿ هيٺ هو. ان دستي ۾ رڳو 98 جوان هئا. انھن وٽ ڪا بہ مشين گن ڪانہ هئي. هلڪي مشين بہ هنن وٽ ڪانہ هئين. انھن وٽ رڳو پراڻيون رائيفلون هيون. جن کي بچاءُ ۽ حملي وقت استمعال ٿي ڪيو ويو. انھن کي حڪم هو تہ ڪنھن بہ وقت دشمن کي وڌڻ نہ ڏنو وڃي. اهي ماڻھو پنھنجي مورچن تي ٻہ ڏينھن ويٺا رهيا پر دشمن کي اڳتي وڌڻ جي جرئت نہ ٿي. 12 مارچ 1945ع جو ڏينھن ٿيڻ کان اڳ دشمن جي هوائي جھازن ان مورچي تي بمباري ۽ مشين گنن سان فائرنگ شروع ڪئي.
يارهن بجي تائين بمباري ۽ مشين گنن سان فائرنگ ڪندا رهيا.
پنھنجي بارود ختم ٿيڻ کان پوءِ هوائي جھاز واپس هليا ويا. ان کان پوءِ دشمن جي توب ٽڪرين پٺيان گولي بازي شروع ڪئي ۽ گولي بازي جي آڙ ۾ موٽر سوارن جي فوج جو هڪ دستو اڳيان وڌيو. جنھن وٽ 13 ٽينڪون 11 بڪتربند گاڏيون ۽ 10 ٽرڪون هيون. دشمن جون بڪتربند گاڏيون ڌڙا ڌرا گوليون وسائينديون رهيون ٿي. پر آزاديءَ جي انھن ۾ ذرو بہ مايوسي يا حراس پيدا نہ ٿيو. هُو دشمن جو ڏاڍ مڙسي سان مقابلو ڪندا رهيا. ٽينڪ ۽ بڪتر بند گاڏيون فولادي ديوَار وانگر باھہ جا شعلا وسائيندا ايترو تہ اچي پھتا جو اسان جي بچڻ جي ڪا بہ اميد ڪا نہ هئي. ان جي رستي ۾ اسان جي جوانن ٻہ بارودي سرنگون لڳايون پر بدقسمتي سان اهي ڪونہ ڦاٽيون، تڏهن بہ انھن دشمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. پر دشمن هڪ قسم جي اڳيان ڀت ٺاهي، جتان اسان کي نشانو ڪري قتل ڪرڻ جي لاءِ انڌا ڌنڌ بارود وسايو ويو. اهڙي حالت ۾ هيڊ ڪواٽر تي نياپو موڪلڻ جو ڪوبہ وسيلو ڪونہ هو، جڏهن سيڪنڊ ليفٽننٽ سنگهہ ڏٺو تہ ان جي رائيفل جي فائر دشمن جي ٽينڪ، توب مشين گنس جي مقابلي ۾ بي معنا آهن. ان هنڌ رهڻ خودڪشي ڪرڻ مترادف ٿيندو. تڏهن هن پنھنجي جوانن کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان ۾ سڀاش جي جئه ”انقلاب زندہ آباد“، هندستان زندہ آباد جي نعرن ۾ حملو شروع ڪيو ويو. سڀني ساٿين وري وري نعرن کي ورايو. آسمان گونجي رهيو هو، دشمن جي خوفناڪ هٿيارن جي مقابلي ۾ انھن سپاهين وٽ هڪ ئي هٿيار هو. هندستان جو احساس ۽ ان جي آزاديءَ جو جذبو يڪدم جواب ۾ اٿيو دوبدو لڙائي شروع ٿي وئي. پورن ٻن ڪلاڪن تائين لڙائي جاري رهي. بھادر سورما، سورهيہ ويرين سان وڙهندا رهيا. ان مان چاليھہ جوان شھيد ٿيا پر دشمن جا ان کان اڳ وڌيڪ ماڻھو هئا. انھن جوانن جي همت ۽ بھادري دشمنن جي دلين کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ اهي پٺتي هٽڻ لاءِ مجبور ٿيا. “
ان وقت سيڪنڊ ليفٽننٽ گيان سنگهہ جي ٽيئن پلٽڻ جي ڪمانڊر سيڪنڊ ليفٽيننٽ امر سنگهہ کي اڳتي وڌڻ جو حڪم مليو، ان کي مٿي ۾ گولي لڳي هُوشھيدٿي ويو. ان کان پوءِ امر سنگهہ سڀني جوانن کي ڪٺو ڪيو. ان کان پوءِ حالت تبديل ٿي لڳي، برسات تيز پئجي رهي هئي ۽ حالت نازڪ ٿي وئي.
جپانين جيڪي واعدا ڪيا هئا پورا نہ ڪيائون.
راشن نہ هجڻ ڪري ڪيترائي ئي بک ۾ پاھہ ٿي پئجي رهيا.
هڪ دفعي اهي فوجي وڙهڻ لاءِ آسام جي سرحد تائين بہ اچي پھتيون هيون. جپان جي شڪست کان پوءِ آزاد هند جي فوج جي تڪليفن ۾ ويتر واڌ اچي وئي. آزاد هند حڪومت طرفان برما ۾ جا بينڪ کولي وئي هئي انگريز حڪومت ان تي قبضو ڪري ورتو.
آزاد هند فوج جي جوانن کي پڪڙڻ ۽ گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو ويو. انگريزن تي انتقام جو ڀوت سوار هو. ان ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون.
انگريزن طرفان آزاد هند فوج جي جوانن تي ظلم ڪرڻ جي ڪارواين کي ”جنم پوهيءَ“ اخبار جي ايڊيٽر امرت لعل وڏي دليريءَ سان برما ۽ آسام جا دورا ڪري پنھنجي اخبار ۾ وڏين سرخين سان ڇاپڻ شروع ڪيو. هر ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي، اهنجن ۽ عقوبتن، جي اپٽار ڪيائين ۽ حڪومت جا پول پڌرا ڪيائين.
هن ايڊيٽر سموري صورتحال هندستانين جي آڏو آندي، پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو تہ : برما ۾ آزاد هند جي آفيسرن جي حالت ايتري خراب آهي جو رنگون جي هندستانين جي مزاج ۾ ڏاڍي بي چيني ڦھليل آهي انھن سان اخلاقي ۽ رواجي ڏوهارين جھڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. انھن کان ڀنگين جو ڪم ورتو وڃي ٿو. انھن کي پنھنجي مٽن مائٽن سان ملڻ يا انھن کي خط لکڻ جي اجازت نہ نٿي ڏني وڃي، انھن کي اهو بہ نہ ٿو ٻڌايو وڃي تہ کين ڪٿي رکيو ويو آهي.
برطانيہ فوج جا جيڪي هندستاني سپاهي سنگاپور، ملايا ۽ برما ۾ جپانين جي هٿان گرفتار ٿيا هئا. انھن سڀاش چندر بوس جي آزاد هند فوج ۾ شرڪت ڪئي هئي پر جڏهن برطانيہ جپان جي قابض علائقن تي قبضو ڪري ورتو تہ انڊين نيشنل آرمي جي آفيسرن کي گرفتار ڪري مٿن غداري جي الزام هيٺ ڪيس هلايو ويو.
ڪانگريس انھيءَ غداري ڪيس ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ انڊين نيشنل آرمي جي آفيسرن تي کلي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي تہ جيئن ڪانگريس انھيءَ ڪيس مان قانوني بچاءُ ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ڪانگريسن لارڊ ديول کي هڪ خط لکيو ۽ انھي ڳالھہ تي زور ڀريو تہ ڪانگريس جو نقطئہ نظر تسليم ڪيو وڃي، لارڊ ڊيول انھيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو. غداريءَ جو اهو ڪيس لال قلعي ۾ کلي عدالت ۾ هلايو ويو عوام انھيءَ ڪيس ۾ وڏو جوش ۽ خروش ڏيکاريو.
دنيا ۾ ڪوبہ حق پرست ماڻھو ۽ انقلابي جماعت ناهي. جنھن کي مجرمن وانگر عدالت جي ڪٽهري ۾ نہ بيھاريو ويو هجي. اها حڪمران ٽولي جي چال هوندي آهي تہ قومي انقلاب آڻيندڙ سياسي ۽ سماجي تبديلي چاهيندڙ ۽ محب وطن سچارن ۽ انقلاب جي خلاف ڪيس قائم ڪري، انھن جي محبوبيت، مقبوليت ۽ مشھوري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
اهو حڪمران طبقو عام طور تي اهو بہ خيال ڪندو آهي تہ اهو ان سڀني عملن سان ۽ انھن جي هٿ ٺوڪيل ڪوڙن ڪيسن سان، انھن انقلابين ۽ سياسي تبديلي چاهيندڙن جون همتون پست ڪري ڇڏيندو پر ايئن نہ ٿيو آهي. انھن قومپرستن ۽ سماجي تبديلي چاهيندڙن قائم ڪيل ڪورٽن کي حڪمرانن جي مڪروھہ ”منھن ۾ موسيٰ اندر ۾ ابليس“ وارو پردو چاڪ ڪري. ان جي رڍ جي کل ۾ بگهڙ واري کل ٻھروپي جو چوغو لاهي عوام آڏو کيس اگهاڙو ڪري پي بيھاريو آهي. هر آزاديءَ چاهيندڙ انقلابي کي ڪورٽ ۽ جيل مان گذرڻو پوندو آهي اهو هڪڙي قسم جو دستور ۽ رواج ٿي چڪو آهي. بقول ڪنھن ليڊر جي تہ: جڏهن حڪمران طاقتن آزاديءَ ۽ حق جي مقابلي ۾ هٿيار کنيا آهن تہ عدالت گاھہ سڀ کان وڌيڪ آسان هٿيار ٿي ڪم آيا.
انھن ٽنھي محب وطن مجاهدن کي جڏهن عدالت جي آڏو آندو ويو تہ هنن وڏي بيباڪي ۽ دليري سان پنھنجي وطن ڪو ڪيس پيش ڪيو بيان ڏيندي چيائون تہ:”اسان بادشاھہ جي خلاف لڙائي ۾ شامل ٿيا هئاسين اسان ملڪي محبت جي خاطر آزاد هند فوج ۾ ڀرتي ٿيا هئاسون. برطانيہ حڪومت اسان کي جنگي قيدي جي حيثيت سان گرفتار ڪيو هو. ان ڪري اسان تي ڪيس هلايو ٿو وڃي سو ناجائز آهي. “
شاهنواز فوجي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو تہ: هن اهڙو ڪو بہ ڏوھہ ڪو نہ ڪيو آهي، جنھن ڪري مون تي فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو وڃي. مان ان کان انڪار نٿو ڪري سگهان تہ مان برطانيہ جي بادشاھہ جي خلاف جنگ حصو ورتو آهي. پر ايئن مان آزاد هندستان جي عارضي حڪومت جي حيثيت ۾ ڪيو آهي ان حڪومت مادر وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ برطانيہ جي بادشاھہ سان جنگ جو اعلان ڪيو هو ۽ لڙائي دنيا جي قانون موجب لڙي وئي هئي. برطانيہ فوج ان قانون موجب اسان جي حيثيت کي تسليم ڪري گرفتار ڪيو هو.
منھنجو خيال هو تہ جنگ هر حالت ۾ هندستان ۾ ٿيندي، مون نہ ٿي سمجهيو تہ برطانيہ فوجون جپان جي اڳتي قدم کي روڪي سگهنديون، سڀاش چندر بوس جون تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ مان آزاد هند فوج جي هلچل کان چڱي طرح واقف ٿيس. منھنجي هن سان هندستان ۾ ڪڏهن بہ ملاقات ڪا نہ ٿي هئي ۽ نہ وري مون کي هن جي گذريل ڪارواين بابت خبر هئي ملايا ۾ مون ان جو تقريرون ٻڌيون انھن جو مون تي تمام گهڻو اثر ٿيو.
اهو چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ مون تي ان شخصيت ۽ تقريرن جادوءَ جھڙو اثر ڪيو آهي. سڀاش چندر بوس پنھنجي تقريرن جي ذريعي منھنجي سامھون هندستان جي تصوير رکي ۽ مون پنھنجي زندگي ۾ پھريون دفعو ان جي مدد سان هندستان کي هڪ هندستاني جي نظر سان ڏٺو. مون تي ان جي بي غرضيءَ ملڪ سان محبت ۽ جپاني دٻاءُ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪرڻ جو بي حد اثر پيو.
مون ملايا تي حملو ڏٺو هو، مون نہ ٿي چاهيو تہ اهڙو حملو هندستان تي ٿئي ۽ مان هڪ قيدي پيو هجان. مون پڪو پھہ ڪيو هو تہ هٿ ۾ رائيفل کڻي پنھنجي ملڪ جي عزت آبرو جان ۽ مال جي حفاظت بھترين طريقي سان ڪندس.
مون آزاد هند فوج ۾ گهڙڻ مھل پڪو فيصلو ڪيو هو تہ پنھنجي زندگي، گهر ٻار، خاندان ۽ بادشاھہ سان وفاداريون سڀ ڪجهہ قربان ڪندس. مون اها بہ پڪ ڪئي هئي تہ جيڪڏهن منھنجو ڀاءُ بہ منھنجي رستي جي رڪاوٽ بڻيو تہ ان سان بہ وڙهي پوندس. 1944ع جي لڙائي ۾ اسان سچ پچ هڪ ٻئي جي خلاف لڙياسين. منھنجو ڀاءُ زخمي ٿي پيو، منھنجو سوٽ ۽ مان چن جي پھاڙ تي روازنو ٻن، مھينن تائين هڪٻئي جي مقابلي ۾ روزانو وڙهندا رهياسين. اسان جي اڳيان بادشاھہ جي وفاداريءَ يا ملڪ جي وفاداريءَ جو سوال هو.
هنن جي بچاءَ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ۾ پنج مون اها پڪ ڪئي هئي تہ مان پنھنجي ملڪ سان وفادار رهندس. مون سڀاش چندر بوس جيڪو اسان جو اڳواڻ هو. جي اڳيان قسم کنيو هو تہ مان ملڪ جي آزاديءَ خاطر پنھنجي جان بہ قربان ڪندس.
اسان کي سڀاش چندر بوس جي هستيءَ ۾ هڪ حقيقي اڳواڻ/رهبر مليو تہ ان جڏهن هندستان جي ڪروڙين مظلوم ۽ مفلس ماڻھن جو ٻڌايو ۽ مجبور، بيڪس ۽ فاڪن ۾ پيل انسانن جي پاران اپيل ڪئي تہ اسين اڳتي وڌياسين ۽ پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿياسون. مون کي سڀاش جھڙو رهنما مليو. مون ان پٺيان هلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو منھنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو فيصلو هو. مون کي يقين هو تہ ان سلسلي ۾ مون کي پنھنجي ويجهن عزيزن سان جي برطانيہ هندستاني فوج سان تعلق رکن ٿا، وڙهڻو پوندو پر مون اهو بہ قبول ڪيو.
هنن جي بچاءَ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ۾ پنج ڇھہ وڪيل سندن قانوني مدد لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.
هندستان جي مشھور قانوندان ڀائي ڊيسائي ملزمن جي بچاءُ ۾ عدالت آڏو صفائي پيش ڪندي، پنھنجي زبردست تقرير ۾ چيو: ”ڪنھن بہ ملڪ جي باشندن کي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌاري حڪومت جي مقابلي ۾ هٿيار کڻڻ جو پورو حق حاصل آهي. غلام باشندن کي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ غيرن سان وڙهڻ جو هر طرح جو حق حاصل آهي. سڀ انسان هڪ جھڙا آهن، انھن کي ان ڳالھہ جو حق آهي تہ مڪمل آزاديءَ حاصل ڪن ۽ پنھنجي ملڪ ۾ آزاد حڪومت حاصل ڪن. آمريڪا جا باشندا بادشاھہ جا وفادار هوندا هئا پر تنھن هوندي بہ انھن بادشاھہ جي وفاداريءَ کان ملڪ جي وفاداريءَ کي بھتر سمجهي اهو بھادري ۽ دورانديشي جو نتيجو آهي تہ اڄ نہ رڳو آمريڪا جي فوج آزاد آهي پر هن آمريڪا (جنھن انگلينڊ جي بادشاھہ خلاف بغاوت ڪئي هئي. ) اڄ انگلينڊ ۽ سڄي يورپ جو محور طاقت جي غلاميءَ کان بي بچايو آهي. آمريڪا جي خودار باشندن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو هو.
ان ۾ ۽ آزاد هند حڪومت جي آزاديءَ جي اعلان ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ جڏهن ٻنھي ۾ ڪو فرق بہ ڪونھي تہ پوءِ آزاد هند فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين تي ملڪ جي غداريءَ جو الزام ڇو ٿو لڳايو وڃي.
آزاد هند فوج جي آفيسرن جي غداري جي افساني کي ثابت ڪرڻ لاءِ اها ڳالھہ ڪئي ٿي وڃي تہ هو جپاني حڪومت جا هٿيار بڻيا هئا. انھن کي پنھنجي مستقل حيثيت ڪا نہ هئي. آزاد هند فوج قائم ڪرڻ ۽ ان جي ڪم هلائڻ وارن نہ نيت تي ٿي سگهي ٿو. آزاد هند فوج جو اهو فيصلو هو تہ جپاني هندستان جي آزاديءَ جي راھہ جي رڪاوٽ ثابت ٿيا تہ هو انھن سان بہ وڙهندا ان ڳالھہ جي سرڪاري شاهدن بہ تصديق ڪئي آهي. “ ان سلسلي ۾ هن ڪپتان شاهنوا ز جي تقرير جو حوالو ڏنو جنھن ۾ شاهنواز سپاهين کي چيو هو تہ: ”جيڪڏهن جپاني اوهان کي ٿپڙ هڻن تہ اوهان انھن کي ٽي ٽپڙ هڻو. جيڪڏهن جپاني هندستان جي سرزمين تي ڪنھن عورت جي بي حرمتي ڪري تہ پھرين ان کي سمجهايو پر جيڪڏهن نہ مڃي تہ پوءِ اُن کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو. ”
اهڙي اعلان کان پوءِ ڪير چئي سگهندو تہ آزاد هند فوج جپانين جي هٿ وس هئي ۽ انھن جي ڪاٺ جي پتلي وانگر هئي. آزاد هند فوج سپاهين کان وٺي آفيسرن تائين سڄي هندستان جي هئي. فوج هندستان جي پئسي سان هلندي هئي انھن جو جهنڊو هندستان جو قومي جهنڊو هو.
انھن بک، اڃ، بيماري ۽ موت هن ڪنھن مصيبت کي خوشيءَ سان منھن ڏنو. هفتن جا هفتا بنا بستري جي جهنگن ۾ رهيا.
لوڻ ۽ کنڊ بہ انھن لاءِ عشرت جون شيون هيون. جن ماڻھن ايتريون تڪليفون کڻي جنگ ۾ حصو ورتو. انھن تي اهو ڏوھہ نٿو هڻي سگهجي.
آزاد هند جي بھادرن پنھنجي هندستان ۾ رهڻ وارن مائٽن جي آرام، عزت ۽ بچاءَ جي پرواھہ نہ ڪري دليريءَ جو قدم کنيو هو، اهڙن بھادرن تي ڪنھن بہ قسم جو الزام لڳائڻ پنھنجي تنگدليءَ جو ثبوت آهي.
سرڪاري شاهد چئي ويا آهن تہ آزاد هند فوج جي ڀرتي جنگي قيدين مان زوري ڪئي وئي هئي. ان ڳالھہ تي زور ڏئي آزاد هند فوج جي سپاهين جي وطن پرستيءَ کي بدنام ڪيو ٿو وڃي.
سرڪاري شاهدن پنھنجي شاهدي خود قبول ڪيو ۽ چيو آهي تہ سڀاش چندر بوس پنھنجي تقرير ۾ چيو هو تہ: جو ماڻھو پاڻ کي قربان ڪرڻ جي قابل نہ ٿو سمجهي، اهو آزاد هند فوج کان ٻاهر رهي سگهي ٿو. آزاد هند فوج جي ڀرتي ايتر ي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان ڪئي وئي جو هزارين هزار رضاڪار ن لاءِ هٿيار بہ پورا نہ پي پئي سگهيا.
جنگي قيدين کي انھيءَ لاءِ ڪو نہ ماريو ويو تہ اهي فوج ۾ ڀرتي ٿين پر اها سزا انھيءَ لاءِ ڏني وئي هئي جو هو ڏوهاري هئا يا نہ، سزا جي لائق هئا. ان ڪري سرڪاري شاهدن جي ان باري ۾ شاهدي مڃڻ جوڳو ناهي. هن ماڻھن اهڙي قسم جي شاهدي ڏني آهي، انھن کي لاچار سندن ڪرتوتن ڪري سزا ڏني وئي هئي پر انھن انگريزن جي آڏو شھيد جو درجو حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڪوڙي ڪھاڻي ٺاهي ٻڌائي آهي تہ انھن کي آزاد هند فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي سزا ڏني وئي آهي. آئون عدالت کي چوندس تہ انھن شاهدن کي نظرانداز ڪيو وڃي.
سڄي هندستان ۾ هنن ملزمن جي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ٿيڻ ۽اپيلون ٿيڻ لڳيون. وڏا جلسا ۽ جلوس ٿيڻ لڳا.
حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويو تہ آزاد هند فوج جي گرفتار ڪيل سپاهيءَ کان ويندي آفيسر تائين کي غيرمشروط ڇڏيو وڃي. سياسي صورتحال ۽ جي ملڪن ۾ سياسي طاقتون اڀري رهيون هونديون آهن. انھن جو عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ قدرتي امرهوندو آهي. آخرڪار عوام جي دٻاءَ ۾ اچي. حڪومت انھن سڀني آفيسرن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
هندستان ۾ هڪ ڏينھن اها خبر اخبارن ۾ ڇپي تہ سڀاش چندر بوس هڪ هوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. اها خبر هن ريت هئي تہ: 16 آگسٽ تائيڪو، جي هوائي اڏي تي ان جو جھاز ڀڃي پيو. جنھن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هُو اُتي اڌ رات جو شھيد ويو.
ان خبر ملڪ ۾ اهڙِي لھر پيدا ڪئي جو گانڌيجي، سڀاش جي هوائي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي تعزيت لکي، سڀاش جي والدہ کي لکي موڪلي. جنھن ۾ سند س پٽ (سڀاش) کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيائين. سندس ناقابل فراموش خدمتن جي ساراھہ ڪيائين. ايتري قدر جو ڪرسپس مولانا آزاد سان شڪايت ڪئي تہ هو گانڌيءَ جھڙي شخص کان اهڙي توقع نہ ٿي رکي سگهيو. جو سڀاش لاءِ ايترا شاندار جذبا ظاهر ڪيا اٿس. گانڌي عدم تشدد جو حامي هو ۽ ان جي برعڪس سڀاش کُلي عام گانڌيءَ جي عدم تشدد واري نظريہ کان انحراف ٿي، معورين جو ساٿ ڏنو ۽ ميدان جنگ ۾ اتحادين جي شڪست لاءِ ڪا ڪسر نہ ڇڏي.
سيپٽمر 1946ع ۾ بمبئي ۾ ٿيل آل انڊيا ڪانگريس ڪيميٽي جي اجلاس ۾ جڏهن موت تي ڏک ظاهر ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ ان ۾ سڀاش جو نالو نہ ورتو ويو. ماڻھن ان ٺھراءَ ۾ نالو وجهڻ جي گهر ڪئي.
تڏهن مولانا ابوڪلام آزاد ڪانگريس جي صدر چيو تہ: منھنجي خواهش آهي تہ سڀاش جي موت جي خبر غلط ثابت ٿئي ۽ هو صحيح سلامت هندستان ۾ واپس اچي ۽ گهڻي عمر تائين زندہ رهي، پنھنجي ملڪ هندستان جي خدمت ڪري.
سڀاش جڏهن هندستان مان ڏاڙهي رکرائي، مولانا جي روپ ۾ افغانستان جي رستي نڪرڻ ٿي چاهيو. ان دوران ڪيتريون ئي مصيبتون سامھون آيس پر وطن جي آزاديءَ جي جذبي انھن تي حاوي ڪر ڇڏيس.
سڀاش لکي ٿو تہ:
”مون کي ٻڌايو ويو تہ هڪ دفعي جيڪڏهن اسان ڪابل ندي پار ڪئي تہ پوءِ اسين موٽر روڊ تي پڄنداسون، جتان بس رستي ڪابل پڄي وينداسون. لالپوا ڇڏڻ کان اڳ ميزبان اسان کي خط ڏنو، جيڪڏهن اسان کي رستي ۾ سوال ڪري تہ اسين اهو خط ڏيکاري اڳتي وڌون. هن چيو تہ جيڪڏهن اسان ان خط کان ڪم ورتو تہ خود افغانستان ۾ بہ اسان کي ڪير هٿ لائي نہ سگهندو.
مون پاڻ اهو خط پڙهيو خط فارسي ۾ لکيل هو. ان اهو ڄاڻايل هو تہ رحمت خان ۽ ضياءُ الدين قبائلي ايراضيءَ جا رهواسي آهن. جو سکيءَ صاحب جي زيارت تي وڃي رهيا آهن. هنن جي سٺي چال چلت جو مان پاڻ ذميوارآهيان ۽ مون هي سرٽيفڪيٽ هنن کي ان لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن ڪو کين رستي ۾ تنگ نہ ڪري رستي “سي آءِ ڊِي وارن سڀاش کي تنگ ڪيو. پر انھن اهو خط ڏيکاري جان ڇڏائي ۽ ڪجهہ خرچي ڏئي سي آءِ ڊي وارن جو وات بند ڪيو. ڇو تہ سي آءِ ڊي وارن کي پئسو کپندو هو. هنن کي چال چلت واري راهداري سان ڪو واسطو نہ هو.
سڀاش وڌيڪ لکيو تہ: ”جڏهن اسان لائلپور ڇڏي تہ تڏهن ٻہ هٿياربند ماڻھو اسان سان گڏ هلي رهيا هئا. ٿورا ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪابل نديءَ وٽ پھتاسون. اتي ڪا بہ ٻيڙِي ڪانہ هئي، جنھن ۾ چڙهي ندي پار ڪيون. ماڻھو چمڙي جون سيڙهيون (سانداريون جس، سان ٻڌي ٻيڙي ٺاهي ان تي ندي پار ڪري رهيا هئا مان پھريون البت ڪجهہ ڊنس پر جڏهن ڏٺم تہ ماڻھو ايئن ندي پار ڪري رهيا هئا تڏهن مون بہ ايئن ڪيو. اسين انھن ساندارين سميت ميربحرن جي وڇايل ڄار تي ويھي وياسين. ان طرح وڃي پار پھتاسين هينئر اسين افغان ايراضيءَ ۾ گهڙياسين جتي هٿياربندن سان گهمڻ ڦرڻ جي منع هئي. ان ڪري اسان پنھنجا باڊي گارڊ هٿياربند ساٿي ندي جي هن پار ڇڏيا.
ان نموني ئي اسين ڍاڪا کان بچي نڪتاسين (ڍاڪا پشاورکان پنجويھہ ميل پري هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. پشاور کان ڪابل ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پنھنجا پاسپورٽ ڏيکارڻا پوندا آهن ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي خيال کان پنھنجي سامان جي تلاشي پڻ ڏيڻي پوندي آهي.
رستي جي ڀرسان هڪ اهڙو هنڌ هو. جتي کي اتان جا ماڻھو ٺنڊي ڪري سڏيندا هئا. ان هنڌ ڪجهہ وڻن جا جهڳٽا ۽ هڪ کوھہ آهي. اتي اچي مان تہ هڪ وڻ هيٺيان ليٽي پيس ۽ رحمت کان ڪابل ڏانھن ويندڙ بسن کي هٿن سان اشارا ڪري بيھارڻ لڳو. بسون هٿن جي اشارن جي ڪا پرواھہ نہ ڪري ايئن هليون ويون. مان ٿڪ جي ڪري ساڻو ٿي پيو هيس. شام ڌاري رحمت خان مون کي اٿاريو. منھنجي ڀرسان هڪ لاري بيٺي هئي. جنھن ۾ مون کي ويھڻ لاءِ چيو ويو. مون لاءِ ان لاري ۾ ويھڻ مشڪل هو. ڇو تہ اها اڳ ئي پيتين سان ڀريل هئي. ان ۾ ڪا بہ جاءِ ڪونہ هئي ڪلينڊر مون کي رڙ ڪري چيو تہ ”تون بس جي مٿان ڇو نہ ٿو ويھين؟”
برفاني سياري جو موسم هئي. اسان جي چوڌاري کليل ميدان هئا. اسان کي ٿڌ کان بچاءَ لاءِ ڪي گرم ڪپڙا بہ ڪونہ هئا. ٿڌ ايتري هئي جو اکيون کولڻ بہ مشڪل هيون. اسين جيئن تہ مٿي ويٺا هئاسين. تنھن ڪري هر وقت خوف هو تہ متان وڻن جا ڏار اسان جو منڍيون نہ اڏائي وڃن يا اونڌو ڪري ڪيرائن. اسان کي انھن ٽارين کان بچڻ لاءِ هر هر پاڻ هيٺ جهڪائڻو ٿي پيو.
مون لاءِ اهو ڄڻ هڪ خوفناڪ خواب هو. مون رحمت کان پڇيو تہ ڇا اسان کي ڪا بہ بھتر لاري ڪانہ ٿي ملي؟ هن وراڻيو تہ ”مون اٽڪل ڇھہ لارين کي هٿ کڻي بيھڻ لاءِ چيو پر انھن مان ڪا بہ نہ بيٺي. فقط هيءَ بس بيٺي. جنھن تي اسين چڙهياسون. ان تي بہ نہ چڙهون ها ته، اسان کي سڄي رات ان ٺنڊي ۾ ڪاٽڻي پئي ها! اسان کي سڄي رات ان بس ۾ ڪاٽڻي پئي، جيڪڏهن واٽ تي اسان کي چانھہ نہ ملي هان تہ شايد ٿڌ ۾ اسان مري وڃون ها. ”
سڀاش چندر بوس ڪلڪتي جي قومي ڪاليج جو ڪجهہ وقت لاءِ پرنسپل هو. پرنسپال سڀاش جي نگراني ۽ رهنمائي ۾ قومي ڪاليج ڪتابي ڪيڙا ۽ غلاميءَ جي ڊگري وارا شاگرد پيدا نہ ڪيا، پر وطن عزيز تي سر ساھہ صدقي ڪندڙ انقلابي شاگرد تيار ڪيا.
سڀاش سڄي دنيا ۾ مڃيل ليڊر هو. هن جي مشھوري جو ڪارڻ اصولن جو پڪو هجڻ، نڊر انقلابي اڏولت هئي. قابليت ۽ ذهانت تہ ڪافي ماڻھن ۾ هڪ جيتري هوندي آهي، پر بقول چارلس ڊارون جي تہ ”ماڻھن جي صلاحيتن ۾ گهڻو فرق ڪونہ ٿو ٿئي، اصل فرق عمل جي جوش، عزم ۽ استقلال ۾ هوندو آهي. جن جي ذريعي صلاحيتون استعمال ڪونہ وڃن ٿيون. ”
هن جو اهنسا ۾ نہ پر هٿياربند انقلاب ۾ اٽل ايمان هو.
تازو هندستان جي دوري تي ويس ڪافي تاريخدانن، دانشورن اهو پئي ٻڌايو تہ مھاتما گانڌي بنا لڙائي جي انگريزن کي ڀڄائي، اسان کي آزادي وٺي ڏني، پرحقيقت هيئن آهي تہ اڄ برصغير جي آڪاش شھيدن جا روح وڏي واڪي پڪاري رهيا آهن تہ هي خطو خرچي ڇوڙڻ ۽ اهنسا جي ٻول ٻولڻ سان آزاد نہ ٿيو. پر جڏهن سوين سورما سوريءَ سزا وار ٿيا ۽ سر سھايا، لکين لاڏلن لھوءَ جا درياءَ وهايا، هزارين ڪونڌرن ڪنڌ ڪپايا ۽ ڪڏي سِرَ ڏنا تڏهن وڃي هن ڌرتيءَ جي جان ڇٽي. تاريخ شاهد آهي تہ سندن ورق شھيدن جي خون جي بوند سان لکيل آهن.
مھاتما گانڌي ۽ سڀاش جي سوچ ۾ وڏو فرق هو. هو اهنسا جو علمبردار تہ هو مسلح جدوجھد جو امام جيتوڻيڪ ٻنھي جو مقصد ساڳيو هو، ڌارين انگريزن کي ڪڍي هند کي آزد ڪرڻ ٻنھي جو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار هو.
سڀاش چندر بوس، مھاتما گانڌي جي ملاقات جو ذڪر ڪندي خود پنھنجي خط ۾ لکي ٿو تہ :
منھنجي عقل مون کي ٻڌايو تہ مھاتما جي رٿن ۾ ڪا بہ صفائي ڪانھي. مھاتما جيڪي رٿون رٿيون آهن سي ڪيتري قدر ڪھڙي طرح هلي ڪامياب ٿينديون ۽ هند کي پنھنجي آزاديءَ جي مقصد تي پھچائينديون تنھن جي، خود کيس بہ خبر ڪانھي.
29 جون 1943ع تي اوڀر ايشيا جي هندستانين اڳيان تقرير ڪندي چيو: هٿياربند دشمن انگريز کي اهنسا ۽ بک هڙتال ذريعي هندستان مان هڪالي نہ سگهيو.
دشمن اڳيئي تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي آهي. تنھنڪري هن مقابلو بہ تلوار سان ئي ڪرڻو پوندو. اها گهڙي اچي چڪي آهي جڏهن هر ڀارتي کي جنگ جي ميدان ڏانھن وڌڻو پوندو. جڏهن آزادي پسندن جو خون وهي اٿندو. تڏهن هندستان آزادي حاصل ڪندو.
سڀاش چندر بوس کي هندستان ۾ پبلڪ وڏي عزت جي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ هن کي پيار منجهان ”نيتاجي“ ڪري سڏيندا آهن. ڪافي چوراهن، رستن ۽ تعليمي ادارا بہ ”نيتا جي“ جي نالي سان رکيل آهن.
26 جنوري 1944ع تي رنگون ۾ آزاديءَ جو سال ملھايو ويو. ان جي موقعي تي نيتا جي تقرير ٻڌڻ لاءِ لکين ماڻھو گڏ ٿيا، جون 1944ع ۾ سڀاش برما ۾ پنجاھہ لکن جي موڙي سان بينڪ کولي. 4 جولاءِ تي نيتاجي سڀاش کي جواهرات ۾ توريو ويو. جواهرات جو ملھہ هڪ ڪروڙ ٽيٽيھہ لک روپيا ٿيو. سموري رقم آزاد هند فوج جي قومي بينڪ ۾ جمع ڪرائي ويئي.
لنڊن جي پارليامينٽ ۾ جڏهن وزيراعظم مسٽر ائٽلي کان ڀارت تڪڙو ڇڏي اچڻ جو سبب پڇيو ويو. تڏهن جواب ڏنو هو تہ: اسان جو فوج (هندستاني سپاهي) تي مڪمل ڪنٽرول نہ رهيو. فوج ۾ بغاوت ڦھلجي ويئي. تنھنڪري فوج کان سواءِ هندستاني حڪومت ڪرڻ ناممڪن هئي. هن مان ثابت آهي تہ مھاتما گانڌيءَ جي اهنسا جي طاقت انگريزن کي هند مان ڪونہ ڀڄايو پر سخت مزاج انقلابين جي ڪاروائين هندستاني فوج ۾انگريزن خلاف بغاوت ڦھلائي ۽انگريز ڪمانڊرن ۾ اعليٰ عملدارن مٿان خوني حملا ڪري. سندن هندستان ۾ رهڻ رت ڪري ڇڏيو. اهي شھيدن جا ڪارناما تاريخ ۾ روشن آهن. نيتاجي بوس ڪانگريس پارٽي ۾ رهي جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو. سو سونھري اکرن ۾ لکڻ جھڙو آهي، عام طور تي راڄنيتي پارٽين ۾ ڪي بہ ٺھراءَ (غلط ۽ برابر) پاس ڪرائڻ ۾ چند ماڻھن جو هٿ هوندو آهي. باقي ٻيا حمايت ۾ هٿ مٿي کڻندا آهن. يعني هو بنا سوچ سمجهہ جي پنھنجي ليڊر جي رٿ ۽ حڪم موجب ووٽ ڪندا آهن.
اهڙي طرح راڄنيتي پارٽين ۾ ڍونگ جهموريت جو رچيو ويندو آهي پر حقيقت ۾ لوڪ شاهي جو قتلام ٿيندو ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي هميشہ بالادستي رهندي آهي. سڀاش بنا سوچي هٿ مٿي کڻندڙ ميمبرن مان نہ هو. هُو آزاد اٽل، دلير ۽ اڏول ارادي وارو اڳواڻ هو.
ڪانگريس جي ڪيترن اجلاسن ۾ هُو مھاتما گانڌي ۽ پنڊت جواهر لعل نھرو جي نہ رڳو مخالفت ڪندو هو. پر وقتي طور ان ڪاميٽي تان استعيفيٰ ڏيندو هو.
1923ع ۾ گيا جي ڪانگريس اجلاس ۾ جڏهن ڪانگريس پارٽي ڪائونسلن ۾ داخلا جو فيصلو ڪيو. تڏهن نيتاجي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ هو ڪائونسل کان ٻاهر رهي فارورڊ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ انگريزن جي خلاف پنھنجو آواز اٿارڻ لڳو.
1929ع ۾ لارڊ ارون وائسراءِ هڪ پڌرنامو ڪڍي. هندستانين کي ڪن ڳالھين تي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ لنڊن ۾ هندستانين سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ گول ميز سڏائن جو اعلان ڪيو. مھاتما گانڌي ۽ ٻين ليڊرن وائسراءِ جي ان پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون. پر سڀاش ان پڌرنامي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ صحيح کان انڪار ڪيو ۽ گول ميز
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي خيال کي بہ سخت لفظن ۾ ننديو.
سڀاش چندر بوس کي فقط هندستانين جي آزادي کپندي هئي ۽ نہ ڪي خالي پڌرناما ۽ ٺھراءَ. اڳتي هلي مھاتما گانڌي ڪانگريس پارٽي جي مينگا ۾ هندستان جي مڪمل آزاديءَ جو ٺھراءُ پيش ڪيو. پر ان ٺھراءَ ۾ وائسراءِ لارڊ اِورن کي سندس ريل تي اڇلايل بم مان بچي وڃڻ جون مبارڪون ڏنل هيون.
سڀاش جي اڳواڻيءَ ۾ ڪانگريس جي جوان طبقي ان جملي جي سخت مخالفت ڪئي پر جيئن مون مٿي لکيو آهي تہ راڄنيتي پارٽين ۾ بنا سوچ جي هٿ مٿي کڻندڙ ميمبرن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي.
تنھنڪري اهو ٺھراءَ نيتاجي مخالفت باوجود اڪثريت سان پاس ٿي ويو.
ڪاش! سڀاش چندر بوس زندہ هجي ها تہ هو جيڪر مسلم ليگين جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏئي ها. هُو ٻہ قومي نظريي کي قبول نہ ڪري ها ۽ مذهب جي بنياد تي اکنڊ ڀارت جو ورهاڱو ٿيڻ نہ ڏئي ها.
13 سيپٽمبر 1944ع نيتاجي برما ۾ گجندي چيو تہ: اسان اکنڊ ۽ آزاد هندستان قائم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. هندستان کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي جيڪا سازش هلي رهي آهي، تنھن جي اسين زوردار مخالفت ڪنداسين.
تازو هندستان جي دوري دوران مون کي باخبر ذريعن ٻڌايو تہ انگريزن آزاديءَ ڏيڻ وقت ڀارت جي ليڊرس سان اهو معاهدو ڪيو هو تہ ڪھڙي بہ صورت ۾ سڀاش چندر بوس کين گرفتار ڪري ڏياريو وڃي. ڇاڪاڻ تہ سڀاش باغي هو ۽ سندن قانون جو ڏوهاري هو.
شڪارپور سنڌ ۾ 1938ع ڌاري سڀاش آيو تہ ڪا سندس شاندار
آجيان ۽ استقبال ڪيو ويو. جماڻي هال ۾ تاريخي ۽ انقلابي تقرير ڪيائين سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جو دورو بہ ڪيائين.
سڀاش چندر بوس جي فوج جو بنياد سنگاپور ۾ پيو هو. سنڌين جو ان ۾ وڏو هٿ هو. جنھن تي سنڌين کي فخر آهي، ميئر روڊ تي سنڌين کيس هڪڙو بنگلو ڏنو. جنھن ۾ سڀاش رهندو بہ هو ۽ ان کي آفيس طور بہ ڪتب آڻيندو هو.
ان جي ڀرسان آزاد هند فوج جي ڇانوڻي، ميدان ۽ آفيسون هيون. ان جڳھہ تي سڀاش ۽ جلاوطن حڪومت جي وزيرن ڀارت کي آزاد ڪرائڻ جو قسم کنيو هو. اتي هينئر آزاد هند فوج جو يادگار آهي.
سڀاش کي جڏهن بھادر سنڌي سورمي هيمو ڪالاڻي جي ڦاسي جي خبر ٻڌائي ويئي تہ تڏهن هن سنڌين کي خاص طور هيمون جي بھادريءَ، قرباني ۽ شھادت جي ساراھہ ڪئي.
هڪ دفعي رنگون ۾جلسي دوران سڀاش کي پارايل هار نيلام لاءِ آڇيا ويا تہ پھريون واڪ هڪ لک جو آيو پوءِ وڌي وڃي ستن لکن تي پھتو.